نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
612 | 4 | 119 | ولأضلنهم ولأمنينهم ولآمرنهم فليبتكن آذان الأنعام ولآمرنهم فليغيرن خلق الله ومن يتخذ الشيطان وليا من دون الله فقد خسر خسرانا مبينا |
| | | ۽ کين ضرور گمراہ ڪندس ۽ کين ضرور سَڌن ۾ وجھندس ۽ کين ضرور حُڪم ڪندس پوءِ ضرور ڍورن جي ڪنن کي چيريندا ۽ کين ضرور حُڪم ڪندس ته الله جي جوڙيل (صورت) کي ڦٽائيندا (رھندا) ۽ جيڪو الله کانسواءِ شيطان کي دوست ڪري وٺندو تنھن بيشڪ پڌرو ڇيو پاتو. |
|
613 | 4 | 120 | يعدهم ويمنيهم وما يعدهم الشيطان إلا غرورا |
| | | شيطان کين انجام ڏيندو آھي ۽ کين سَڌن ۾ وجھندو آھي، ۽ شيطان ٺڳيءَ کانسواءِ (ٻيو ڪو) انجام نه ڏيندو اٿن. |
|
614 | 4 | 121 | أولئك مأواهم جهنم ولا يجدون عنها محيصا |
| | | اھڙن (ماڻھن) جي جاءِ دوزخ آھي، ۽ اُن کان ڀڄڻ جي ڪا واہ نه لھندا. |
|
615 | 4 | 122 | والذين آمنوا وعملوا الصالحات سندخلهم جنات تجري من تحتها الأنهار خالدين فيها أبدا وعد الله حقا ومن أصدق من الله قيلا |
| | | ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سگھوئي (اھڙن) باغن ۾ داخل ڪنداسين جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھن سدائين رھڻ وارا آھن، (اھو) الله جو پڪو انجام آھي، ۽ انجام ڏيڻ ۾ الله کان وڌيڪ سچو ڪير آھي. |
|
616 | 4 | 123 | ليس بأمانيكم ولا أماني أهل الكتاب من يعمل سوءا يجز به ولا يجد له من دون الله وليا ولا نصيرا |
| | | (۽) نڪي اوھان جي سَڌن تي نڪي ڪتاب وارن جي سَڌن تي (ڇوٽڪارو) آھي، جيڪو ڪا مدائي ڪندو تنھن کي ان جي سزا ڏبي ۽ الله کانسواءِ پاڻ لاءِ نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو مددگار لھندو. |
|
617 | 4 | 124 | ومن يعمل من الصالحات من ذكر أو أنثى وهو مؤمن فأولئك يدخلون الجنة ولا يظلمون نقيرا |
| | | ۽ جيڪي (ماڻھو) مرد يا زال مؤمن ٿي چڱا ڪم ڪندا سي بھشت ۾ گھڙندا ۽ تر جيترو به ظلم نه ڪبن. |
|
618 | 4 | 125 | ومن أحسن دينا ممن أسلم وجهه لله وهو محسن واتبع ملة إبراهيم حنيفا واتخذ الله إبراهيم خليلا |
| | | ۽ دين جي ڪري انھيءَ کان وڌيڪ چڱو ڪير آھي؟ جنھن پنھنجو مُنھن (سر) الله لاءِ نوايو ۽ اُھو چڱائي ڪندڙ آھي ۽ ابراھيم حنيف (ھڪ طرفي) جي دين جي پيروي ڪئي اٿس، ۽ الله ابراھيم کي پنھنجو خاص دوست بڻايو ھو. |
|
619 | 4 | 126 | ولله ما في السماوات وما في الأرض وكان الله بكل شيء محيطا |
| | | جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي گھيرو ڪندڙ آھي. |
|
620 | 4 | 127 | ويستفتونك في النساء قل الله يفتيكم فيهن وما يتلى عليكم في الكتاب في يتامى النساء اللاتي لا تؤتونهن ما كتب لهن وترغبون أن تنكحوهن والمستضعفين من الولدان وأن تقوموا لليتامى بالقسط وما تفعلوا من خير فإن الله كان به عليما |
| | | (اي پيغمبر) زالن بابت توکان پڇن ٿا، چؤ ته الله انھن بابت اوھان کي حُڪم ڪري ٿو ۽ (پڻ) جيڪي اوھان کي (ھن) ڪتاب ۾ (اڳ) پڙھي ٻڌايو ويو آھي سو انھن يتيمن زالن بابت آھي جن کي سندن حق جيڪو انھن لاءِ لازم ڪيو ويو سو نه ڏيندا آھيو ۽ کين پرڻجڻ جي خواھش ڪندا آھيو ۽ (پڻ) ھيڻن ٻارن بابت (سو اُھو حُڪم قائم آھي) ۽ يتيمن (جي حقن ادا ڪرڻ) لاءِ انصاف تي بيھڪ وٺو، ۽ اوھين جيڪا ڪا چڱائي ڪندؤ تنھن کي الله ڄاڻندڙ آھي. |
|
621 | 4 | 128 | وإن امرأة خافت من بعلها نشوزا أو إعراضا فلا جناح عليهما أن يصلحا بينهما صلحا والصلح خير وأحضرت الأنفس الشح وإن تحسنوا وتتقوا فإن الله كان بما تعملون خبيرا |
| | | ۽ جيڪڏھن ڪا زال پنھنجي مڙس جي بي پرواھيءَ يا منھن موڙڻ کان ڊڄي ته ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ صُلح ڪن (ڪنھن به قسم جو صُلح) ته ٻنھين تي گناھ نه آھي، ۽ صُلح ڀلو آھي، ۽ نفس (ته) بخل کي ويجھو ڪيا ويا آھن، ۽ جيڪڏھن اوھين چڱائي ڪندؤ ۽ پرھيزگار ٿيندؤ ته جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي. |
|