بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
62255وإذ قلتم يا موسى لن نؤمن لك حتى نرى الله جهرة فأخذتكم الصاعقة وأنتم تنظرون
۽ (ياد ڪريو ته) جڏھن اوھان چيو ته اي موسىٰ جيستائين الله چٽو (نه) ڏسنداسون تيستائين توکي ڪڏھن به نه مڃينداسون پوءِ اوھان تي وڄ اچي ڪڙڪي ۽ اوھين ڏسندا رھيؤ.
63256ثم بعثناكم من بعد موتكم لعلكم تشكرون
وري اوھان جي مرڻ کان پوءِ اوھان کي جيئرو ڪيوسون ته مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.
64257وظللنا عليكم الغمام وأنزلنا عليكم المن والسلوى كلوا من طيبات ما رزقناكم وما ظلمونا ولكن كانوا أنفسهم يظلمون
۽ اوھان تي ڪڪر جي ڇانوَ ڪئي سون ۽ اوھان تي مَنّ ۽ سلوىٰ لاٿاسون، ته جيڪي اوھان کي سٺين شين مان رزق ڏنوسين سو کائو، ۽ اسان تي (ڪي) ظلم نه ڪيائون پر پاڻ تي ظلم ڪندا ھئا.
65258وإذ قلنا ادخلوا هذه القرية فكلوا منها حيث شئتم رغدا وادخلوا الباب سجدا وقولوا حطة نغفر لكم خطاياكم وسنزيد المحسنين
۽ جڏھن چيوسون ته ھِن ڳوٺ ۾ گھِڙو پوءِ منجھانئس جتان وڻيوَ تتان مزي سان کائو ۽ دروازي کان سجدو ڪندڙ ٿي لنگھو ۽ چئو ته اسان جا ڏوھ بخش ته اوھان جون مدايون اوھان کي بخشيون، ۽ چڱائي ڪندڙن کي سگھو وڌائينداسون.
66259فبدل الذين ظلموا قولا غير الذي قيل لهم فأنزلنا على الذين ظلموا رجزا من السماء بما كانوا يفسقون
پوءِ ظالمن جيڪي کين چيو ويو تنھن ڳالھ کي مٽائي ٻيو چيو پوءِ اُنھن ظالمن تي سندن بڇڙي ھجڻ سببان آسمان کان عذاب لاٿوسون.
67260وإذ استسقى موسى لقومه فقلنا اضرب بعصاك الحجر فانفجرت منه اثنتا عشرة عينا قد علم كل أناس مشربهم كلوا واشربوا من رزق الله ولا تعثوا في الأرض مفسدين
۽ (ياد ڪر ته) جڏھن موسىٰ پنھنجي قوم لاءِ پاڻي گھريو تڏھن چيوسون ته پنھنجي لٺ پھڻ کي ھڻ، پوءِ منجھانئس ٻارھن واھيون ڦاٽي نڪتيون، سڀڪنھن ماڻھو بيشڪ پنھنجو تڙ سُڃاتو، (چيوسون ته) الله جي رزق مان کائو پيو ۽ زمين ۾ فسادي ٿي بگيڙ نه وجھو.
68261وإذ قلتم يا موسى لن نصبر على طعام واحد فادع لنا ربك يخرج لنا مما تنبت الأرض من بقلها وقثائها وفومها وعدسها وبصلها قال أتستبدلون الذي هو أدنى بالذي هو خير اهبطوا مصرا فإن لكم ما سألتم وضربت عليهم الذلة والمسكنة وباءوا بغضب من الله ذلك بأنهم كانوا يكفرون بآيات الله ويقتلون النبيين بغير الحق ذلك بما عصوا وكانوا يعتدون
۽ جڏھن چيوَ ته اي موسىٰ ھڪ طعام تي ڪڏھن به صبر نه ڪنداسون تنھنڪري پنھنجي پالڻھار کان اسان لاءِ (دُعا) گھر ته زمين جيڪو پنھنجو ساڳ ۽ پنھنجا بادرنگ ۽ پنھنجي ڪڻڪ ۽ پنھنجي مُھري ۽ پنھنجا بصر ڄمائيندي آھي سي اسان لاءِ پيدا ڪري، چيائين ته جيڪي چڱيون آھن سي سادين سان ڇو ٿا مٽايو؟ (جي نٿا رھو ته) ڪنھن شھر ۾ لھي وڃو ۽ پوءِ جيڪي گھرو ٿا سو سڀ اوھان لاءِ (اُتي موجود) آھي، خواري ۽ محتاجي مٿن ھنئي وئي ۽ الله جي ڏمر ھيٺ وريا، ھِيءُ ھن ڪري آھي جو اُنھن الله جي حڪمن کي نه ٿي مڃيو ۽ پيغمبرن کي ناحق ٿي ڪُٺائون، اھو ڪم بي فرمانيءَ سببان ٿي ڪيائون ۽ حد کان لنگھندڙ ھوا.
69262إن الذين آمنوا والذين هادوا والنصارى والصابئين من آمن بالله واليوم الآخر وعمل صالحا فلهم أجرهم عند ربهم ولا خوف عليهم ولا هم يحزنون
مؤمنن ۽ يھودين ۽ نصارن ۽ صابين منجھان جن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ سندن پالڻھار وٽ سندن اجر آھي، ۽ کين نڪي ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.
70263وإذ أخذنا ميثاقكم ورفعنا فوقكم الطور خذوا ما آتيناكم بقوة واذكروا ما فيه لعلكم تتقون
۽ جڏھن اوھان کان انجام ورتوسين ۽ اوھان جي مٿان (جبل) طور کي کڙو ڪيوسون، (تڏھن چيوسون ته) جيڪو (توريت) اوھانکي ڏنوسون سوگھو وٺو ۽ جيڪي منجھس آھي سو ياد ڪريو مانَ اوھين ڊڄو.
71264ثم توليتم من بعد ذلك فلولا فضل الله عليكم ورحمته لكنتم من الخاسرين
وري اُن کانپوءِ اوھين ڦريؤ، پوءِ جڏھن اوھان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نه ٿئي ھا ته اوھين ضرور ڇيئي وارن مان ٿيو ھا.


0 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

436445949025117591952154155356945276142