نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
604 | 4 | 111 | ومن يكسب إثما فإنما يكسبه على نفسه وكان الله عليما حكيما |
| | | ۽ جيڪوئي گناہ ڪري ٿو سو پاڻ لاءِ ئي ڪري ٿو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي. |
|
605 | 4 | 112 | ومن يكسب خطيئة أو إثما ثم يرم به بريئا فقد احتمل بهتانا وإثما مبينا |
| | | ۽ جيڪو ڪا خطا يا گناہ ڪري وري اُھا (تھمت) ڪنھن بيگناہ تي ھڻي تنھن بيشڪ بُھتان ۽ پڌرو گناہ کنيو. |
|
606 | 4 | 113 | ولولا فضل الله عليك ورحمته لهمت طائفة منهم أن يضلوك وما يضلون إلا أنفسهم وما يضرونك من شيء وأنزل الله عليك الكتاب والحكمة وعلمك ما لم تكن تعلم وكان فضل الله عليك عظيما |
| | | ۽ جيڪڏھن توتي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نه ھجي ھا ته منجھانئن ھڪ ٽوليءَ توکي غلطي ۾ وجھڻ جي پڪي نيت ڪئي ھئي، ۽ (اُھي) پاڻ کانسواءِ (ڪنھن کي) نه ڀلائيندا آھن ۽ توکي ڪوبه ضرر نه پھچائيندا، ۽ الله توتي ڪتاب ۽ دانائي لاٿي آھي ۽ جيڪي تون نه ڄاڻندو ھئين سو توکي سيکاريائين، ۽ توتي الله جو وڏو فضل آھي. |
|
607 | 4 | 114 | لا خير في كثير من نجواهم إلا من أمر بصدقة أو معروف أو إصلاح بين الناس ومن يفعل ذلك ابتغاء مرضات الله فسوف نؤتيه أجرا عظيما |
| | | سندين گھڻين ڳجھين صلاحن ۾ ڪا چڱائي نه آھي پر جنھن خيرات ڏيڻ يا چڱي ڪم يا ماڻھن جي وچ ۾ سڌاري ڪرڻ جو حڪم ڪيو (تنھن جي صلاح ۾ چڱائي آھي)، ۽ جيڪو اُھو ڪم الله جي رضامندي ڳولڻ لاءِ ڪندو پوءِ سگھوئي اُن کي وڏو اجر ڏينداسون. |
|
608 | 4 | 115 | ومن يشاقق الرسول من بعد ما تبين له الهدى ويتبع غير سبيل المؤمنين نوله ما تولى ونصله جهنم وساءت مصيرا |
| | | ۽ جيڪو رستي جي پڌري ٿيڻ کانپوءِ پيغمبر جي مخالفت ڪندو ۽ مؤمنن جي واٽ کانسواءِ ٻي واٽ وٺندو سو جيڏانھن متوجه ٿيو آھي تيڏانھن کيس ڦيرينداسون ۽ کيس دوزخ ۾ گھيرينداسون، ۽ (اھا) جاءِ بڇڙي آھي. |
|
609 | 4 | 116 | إن الله لا يغفر أن يشرك به ويغفر ما دون ذلك لمن يشاء ومن يشرك بالله فقد ضل ضلالا بعيدا |
| | | بيشڪ الله ھيءُ (ڏوہ) نه بخشيندو جو (ڪنھن کي) ساڻس شريڪ ڪيو وڃي ۽ اُن کانسواءِ (ٻيو گناہ) جنھن لاءِ گھرندو تنھن کي بخشيندو، ۽ جيڪو الله سان (ڪنھن کي) شريڪ بڻائيندو سو بيشڪ وڏي ڀُل ۾ ڀلو. |
|
610 | 4 | 117 | إن يدعون من دونه إلا إناثا وإن يدعون إلا شيطانا مريدا |
| | | (ھيءُ مشرڪ) ان (الله) کانسواءِ عورتن کي ئي سڏيندا آھن، ۽ (حقيقت ۾) تڙيل شيطان کانسواءِ ٻئي کي نه سڏيندا آھن. |
|
611 | 4 | 118 | لعنه الله وقال لأتخذن من عبادك نصيبا مفروضا |
| | | ان تي الله لعنت ڪئي آھي، ۽ (شيطان) چيو ته تنھنجي ٻانھن مان مُقرّر ڪيل حصّو ضرور وٺندس. |
|
612 | 4 | 119 | ولأضلنهم ولأمنينهم ولآمرنهم فليبتكن آذان الأنعام ولآمرنهم فليغيرن خلق الله ومن يتخذ الشيطان وليا من دون الله فقد خسر خسرانا مبينا |
| | | ۽ کين ضرور گمراہ ڪندس ۽ کين ضرور سَڌن ۾ وجھندس ۽ کين ضرور حُڪم ڪندس پوءِ ضرور ڍورن جي ڪنن کي چيريندا ۽ کين ضرور حُڪم ڪندس ته الله جي جوڙيل (صورت) کي ڦٽائيندا (رھندا) ۽ جيڪو الله کانسواءِ شيطان کي دوست ڪري وٺندو تنھن بيشڪ پڌرو ڇيو پاتو. |
|
613 | 4 | 120 | يعدهم ويمنيهم وما يعدهم الشيطان إلا غرورا |
| | | شيطان کين انجام ڏيندو آھي ۽ کين سَڌن ۾ وجھندو آھي، ۽ شيطان ٺڳيءَ کانسواءِ (ٻيو ڪو) انجام نه ڏيندو اٿن. |
|