نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
5914 | 85 | 5 | النار ذات الوقود |
| | | جا باھ گھڻي ٻَل واري ھئي. |
|
5915 | 85 | 6 | إذ هم عليها قعود |
| | | جڏھن اُھي اُنھن باھ جي (کاھين) تي ويٺل ھوا. |
|
5916 | 85 | 7 | وهم على ما يفعلون بالمؤمنين شهود |
| | | ۽ جيڪي اُنھن مسلمانن سان (ظلم) ٿي ڪيو تنھن کي روبرو ڏسڻ وارا ھوا. |
|
5917 | 85 | 8 | وما نقموا منهم إلا أن يؤمنوا بالله العزيز الحميد |
| | | ۽ انھن ھن کانسواءِ (ٻيءَ) ڪنھن ڳالھ جو وير نه ٿي ورتو ته انھن اُنھيءَ غالب ساراھيل الله تي ايمان آندو ھو. |
|
5918 | 85 | 9 | الذي له ملك السماوات والأرض والله على كل شيء شهيد |
| | | جنھن کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي آھي، ۽ الله سڀ شيءَ جي خبر رکندڙ آھي. |
|
5919 | 85 | 10 | إن الذين فتنوا المؤمنين والمؤمنات ثم لم يتوبوا فلهم عذاب جهنم ولهم عذاب الحريق |
| | | بيشڪ جن (ماڻھن) مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي ايذايو وري توبه نه ڪيائون تن لاءِ دوزخ جو عذاب آھي ۽ اُنھن لاءِ سڙڻ جو عذاب (به) آھي. |
|
5920 | 85 | 11 | إن الذين آمنوا وعملوا الصالحات لهم جنات تجري من تحتها الأنهار ذلك الفوز الكبير |
| | | بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اھڙا باغ آھن جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي. |
|
5921 | 85 | 12 | إن بطش ربك لشديد |
| | | بيشڪ تنھنجي پالڻھار جي پڪڙ بلڪل سخت آھي. |
|
5922 | 85 | 13 | إنه هو يبدئ ويعيد |
| | | بيشڪ اُھو پھريون دفعو بڻائي ٿو ۽ وري ٻيھر موٽائيندو. |
|
5923 | 85 | 14 | وهو الغفور الودود |
| | | ۽ اُھو بخشڻھار پيار رکندڙ آھي. |
|