نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
5909 | 84 | 25 | إلا الذين آمنوا وعملوا الصالحات لهم أجر غير ممنون |
| | | پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اَجر آھي. |
|
5910 | 85 | 1 | بسم الله الرحمن الرحيم والسماء ذات البروج |
| | | بُرجن واري آسمان جو قسم آھي. |
|
5911 | 85 | 2 | واليوم الموعود |
| | | ۽ وعدي ڪيل ڏينھن جو قسم آھي. |
|
5912 | 85 | 3 | وشاهد ومشهود |
| | | ۽ حاضر ٿيڻ واري ۽ جنھن وٽ حاضر ڪيو وڃي تنھن جو قسم آھي. |
|
5913 | 85 | 4 | قتل أصحاب الأخدود |
| | | ته کاھين وارا ماريا وڃن. |
|
5914 | 85 | 5 | النار ذات الوقود |
| | | جا باھ گھڻي ٻَل واري ھئي. |
|
5915 | 85 | 6 | إذ هم عليها قعود |
| | | جڏھن اُھي اُنھن باھ جي (کاھين) تي ويٺل ھوا. |
|
5916 | 85 | 7 | وهم على ما يفعلون بالمؤمنين شهود |
| | | ۽ جيڪي اُنھن مسلمانن سان (ظلم) ٿي ڪيو تنھن کي روبرو ڏسڻ وارا ھوا. |
|
5917 | 85 | 8 | وما نقموا منهم إلا أن يؤمنوا بالله العزيز الحميد |
| | | ۽ انھن ھن کانسواءِ (ٻيءَ) ڪنھن ڳالھ جو وير نه ٿي ورتو ته انھن اُنھيءَ غالب ساراھيل الله تي ايمان آندو ھو. |
|
5918 | 85 | 9 | الذي له ملك السماوات والأرض والله على كل شيء شهيد |
| | | جنھن کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي آھي، ۽ الله سڀ شيءَ جي خبر رکندڙ آھي. |
|