نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
5596 | 76 | 5 | إن الأبرار يشربون من كأس كان مزاجها كافورا |
| | | بيشڪ نيڪ بخت ٻانھا (انھي شراب جي) پيالي مان پيئندا جنھن جي ملاوت ڪافور (جي چشمي جي پاڻي) جي ھوندي. |
|
5597 | 76 | 6 | عينا يشرب بها عباد الله يفجرونها تفجيرا |
| | | اھو ھڪ چشمو آھي جنھن مان الله جا (پيارا) ٻانھا پيئندا جنھن کي چڱي طرح وھائيندا. |
|
5598 | 76 | 7 | يوفون بالنذر ويخافون يوما كان شره مستطيرا |
| | | جي (الله جي) باس پوري ڪندا آھن ۽ اُن ڏينھن کان ڊڄندا آھن جنھن جي بڇڙائي (ھر طرف) پڌري ھوندي. |
|
5599 | 76 | 8 | ويطعمون الطعام على حبه مسكينا ويتيما وأسيرا |
| | | ۽ طعام جي احتياج ھوندي مُحتاج ۽ يتيم ۽ قيدي کي کارائيندا آھن. |
|
5600 | 76 | 9 | إنما نطعمكم لوجه الله لا نريد منكم جزاء ولا شكورا |
| | | (۽ چوندا آھن ته) اسين ته اوھان کي الله جي واسطي کارائيندا آھيون اوھان کان نڪو بدلو ۽ نڪا شڪر گذاري گھرندا آھيون. |
|
5601 | 76 | 10 | إنا نخاف من ربنا يوما عبوسا قمطريرا |
| | | بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار کان ھڪ ڏکئي ڏينھن کان ڊڄندا آھيون جو تمام سخت آھي. |
|
5602 | 76 | 11 | فوقاهم الله شر ذلك اليوم ولقاهم نضرة وسرورا |
| | | پوءِ الله اُن ڏينھن جي مدائي کان کين بچايو ۽ اُنھن کي تازگي ۽ خوشي پھچائي. |
|
5603 | 76 | 12 | وجزاهم بما صبروا جنة وحريرا |
| | | ۽ سندن صبر ڪرڻ سببان باغ ۽ پَٽ (جو ويس) کين بدلو ڏنائين. |
|
5604 | 76 | 13 | متكئين فيها على الأرائك لا يرون فيها شمسا ولا زمهريرا |
| | | اُن (باغ) ۾ تختن تي ٽيڪ ڏئي وھندا، اتي نڪي (سج جي) اُتت ۽ نڪي ڪا سخت سردي ڏسندا. |
|
5605 | 76 | 14 | ودانية عليهم ظلالها وذللت قطوفها تذليلا |
| | | ۽ اُن (باغ) جون ڇانئون مٿن ويجھيون ٿيل ھونديون ۽ اُن جا ميوا (پٽڻ ۾) چڱي طرح ويجھا ڪبا. |
|