نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
56 | 2 | 49 | وإذ نجيناكم من آل فرعون يسومونكم سوء العذاب يذبحون أبناءكم ويستحيون نساءكم وفي ذلكم بلاء من ربكم عظيم |
| | | ۽ (ھي ڳڻ به ياد ڪريو) ته جڏھن اوھان کي فرعون جي ماڻھن کان ڇڏايوسون جي اوھان کي ڏاڍو ايذاءُ چکائيندا ھئا، جو اوھان جا پُٽ ڪھندا ھئا ۽ اوھان جون ڌيئرون جيئريون ڇڏيندا ھئا، ۽ اُن ۾ اوھان جي پالڻھار کان اوھان لاءِ وڏي پرک ھُئي. |
|
57 | 2 | 50 | وإذ فرقنا بكم البحر فأنجيناكم وأغرقنا آل فرعون وأنتم تنظرون |
| | | ۽ (ياد ڪريو ته) جڏھن اوھان لاءِ سمنڊ کي چيريوسون پوءِ اوھان کي (ٻڏڻ کان) بچايوسون ۽ فرعون جي ماڻھن کي ٻوڙيوسون ۽ اوھين ڏسندا رھيؤ. |
|
58 | 2 | 51 | وإذ واعدنا موسى أربعين ليلة ثم اتخذتم العجل من بعده وأنتم ظالمون |
| | | ۽ (ياد ڪريو ته) جڏھن موسىٰ کي چاليھن راتين جو انجام ڏنوسون وري ان (جي وڃڻ) کانپوءِ گابي کي (خدا ڪري) ورتؤ ۽ اوھين ظلم ڪندڙ ھيؤ. |
|
59 | 2 | 52 | ثم عفونا عنكم من بعد ذلك لعلكم تشكرون |
| | | وري اُن کان پوءِ اوھان کان ٽارو ڪيوسون ته مان اوھين شڪرانو ڪريو. |
|
60 | 2 | 53 | وإذ آتينا موسى الكتاب والفرقان لعلكم تهتدون |
| | | ۽ (ياد ڪريو ته) جڏھن موسىٰ کي ڪتاب ۽ (سچ ۽ ڪوڙجي وچ ۾) سنڌو وجھندڙ ڏنوسين ته مان اوھين ھدايت وارا ٿيو. |
|
61 | 2 | 54 | وإذ قال موسى لقومه يا قوم إنكم ظلمتم أنفسكم باتخاذكم العجل فتوبوا إلى بارئكم فاقتلوا أنفسكم ذلكم خير لكم عند بارئكم فتاب عليكم إنه هو التواب الرحيم |
| | | ۽ (ياد ڪريو ته) جڏھن موسىٰ پنھنجي قوم کي چيو ته اي منھنجي قوم اوھان گابي کي خُدا ڪري وٺڻ سببان پاڻ تي ظلم ڪيو آھي تنھنڪري پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽو ۽ پاڻ کي ڪُھو، اھو اوھان لاءِ توھان جي پيدا ڪندڙ وٽ چڱو آھي، پوءِ اوھان تي ٻاجھ ڪيائين، بيشڪ اُھو ئي معافي ڏيندڙ مھربان آھي. |
|
62 | 2 | 55 | وإذ قلتم يا موسى لن نؤمن لك حتى نرى الله جهرة فأخذتكم الصاعقة وأنتم تنظرون |
| | | ۽ (ياد ڪريو ته) جڏھن اوھان چيو ته اي موسىٰ جيستائين الله چٽو (نه) ڏسنداسون تيستائين توکي ڪڏھن به نه مڃينداسون پوءِ اوھان تي وڄ اچي ڪڙڪي ۽ اوھين ڏسندا رھيؤ. |
|
63 | 2 | 56 | ثم بعثناكم من بعد موتكم لعلكم تشكرون |
| | | وري اوھان جي مرڻ کان پوءِ اوھان کي جيئرو ڪيوسون ته مانَ اوھين شڪرانو ڪريو. |
|
64 | 2 | 57 | وظللنا عليكم الغمام وأنزلنا عليكم المن والسلوى كلوا من طيبات ما رزقناكم وما ظلمونا ولكن كانوا أنفسهم يظلمون |
| | | ۽ اوھان تي ڪڪر جي ڇانوَ ڪئي سون ۽ اوھان تي مَنّ ۽ سلوىٰ لاٿاسون، ته جيڪي اوھان کي سٺين شين مان رزق ڏنوسين سو کائو، ۽ اسان تي (ڪي) ظلم نه ڪيائون پر پاڻ تي ظلم ڪندا ھئا. |
|
65 | 2 | 58 | وإذ قلنا ادخلوا هذه القرية فكلوا منها حيث شئتم رغدا وادخلوا الباب سجدا وقولوا حطة نغفر لكم خطاياكم وسنزيد المحسنين |
| | | ۽ جڏھن چيوسون ته ھِن ڳوٺ ۾ گھِڙو پوءِ منجھانئس جتان وڻيوَ تتان مزي سان کائو ۽ دروازي کان سجدو ڪندڙ ٿي لنگھو ۽ چئو ته اسان جا ڏوھ بخش ته اوھان جون مدايون اوھان کي بخشيون، ۽ چڱائي ڪندڙن کي سگھو وڌائينداسون. |
|