نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
549 | 4 | 56 | إن الذين كفروا بآياتنا سوف نصليهم نارا كلما نضجت جلودهم بدلناهم جلودا غيرها ليذوقوا العذاب إن الله كان عزيزا حكيما |
| | | جن اسان جي آيتن کي نه مڃيو تن کي سگھو باہ ۾ گھيرينداسون، جڏھن ڪڏھن سندن کلون ڀُڄنديون (تڏھن) سندن ٻيون کلون ھن لاءِ پيا مٽائينداسون ته ڀلي عذاب (جو مزو) چکن، ڇوته الله غالب حڪمت وارو آھي. |
|
550 | 4 | 57 | والذين آمنوا وعملوا الصالحات سندخلهم جنات تجري من تحتها الأنهار خالدين فيها أبدا لهم فيها أزواج مطهرة وندخلهم ظلا ظليلا |
| | | جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي (اُنھن) باغن ۾ سگھو داخل ڪنداسون جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھن اصلي سدائين رھڻ وارا آھن، اُنھن لاءِ منجھن پاڪ زالون آھن، ۽ کين گھاٽين ڇانون ۾ داخل ڪنداسون. |
|
551 | 4 | 58 | إن الله يأمركم أن تؤدوا الأمانات إلى أهلها وإذا حكمتم بين الناس أن تحكموا بالعدل إن الله نعما يعظكم به إن الله كان سميعا بصيرا |
| | | بيشڪ الله اوھان کي حُڪم ٿو ڪري ته امانتون سندن مالڪن کي پھچائي ڏيو ۽ جڏھن ماڻھن جي وچ ۾ فيصلو ڪريو (تڏھن) انصاف سان حڪم ڪريو، بيشڪ الله اوھان کي جيڪا نصيحت ڪري ٿو سا چڱي آھي، ڇوته الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي. |
|
552 | 4 | 59 | يا أيها الذين آمنوا أطيعوا الله وأطيعوا الرسول وأولي الأمر منكم فإن تنازعتم في شيء فردوه إلى الله والرسول إن كنتم تؤمنون بالله واليوم الآخر ذلك خير وأحسن تأويلا |
| | | اي ايمان وارؤ الله جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ۽ اوھان مان جيڪو حاڪم ھجي تنھن جي (به) پوءِ جيڪڏھن ڪنھن شيءِ بابت جھڳڙو ڪريو ته جيڪڏھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھيو ته ان کي الله ۽ پيغمبر جي حُڪم ڏانھن رجوع ڪريو، اِھو ڀلو ۽ نتيجي جي ڪري ڏاڍو چڱو آھي. |
|
553 | 4 | 60 | ألم تر إلى الذين يزعمون أنهم آمنوا بما أنزل إليك وما أنزل من قبلك يريدون أن يتحاكموا إلى الطاغوت وقد أمروا أن يكفروا به ويريد الشيطان أن يضلهم ضلالا بعيدا |
| | | (اي پيغمبر) اُنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿيئي ڇا؟ جيڪي ڀائيندا آھن ته جيڪي تو ڏانھن لاٿو ويو ۽ جيڪي توکان اڳ لاٿو ويو تنھن کي پاڻ مڃيو اٿن اھي ھن ھوندي به طاغوت (يعني غير خدا) ڏانھن (مقد مونيئي) فيصلو ڪرائڻ گھرندا آھن حالانڪ ان جي نه مڃڻ جو حڪم ڪيو ويو اٿن، ۽ شيطان کين وڏي ڀُل ۾ ڀُلائڻ گھرندو آھي. |
|
554 | 4 | 61 | وإذا قيل لهم تعالوا إلى ما أنزل الله وإلى الرسول رأيت المنافقين يصدون عنك صدودا |
| | | ۽ جڏھن کين چئجي ته جيڪي الله لاٿو تنھن ڏانھن ۽ پيغمبر ڏانھن اچو ته منافقن کي ڏٺئي ته توکان پوري طرح جھلجي ويندا آھن. |
|
555 | 4 | 62 | فكيف إذا أصابتهم مصيبة بما قدمت أيديهم ثم جاءوك يحلفون بالله إن أردنا إلا إحسانا وتوفيقا |
| | | پوءِ (تڏھن) ڪئن (ڪندا) جڏھن کين ڪا اوکائي اُنھيءَ سببان پھچندي جو سندن ھٿن اڳي ڪيو آھي ته وري تو وٽ اچي الله جو قسم کڻندا ته اسان جو چڱائي ۽ ٺھراءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪو ارادو نه ھو. |
|
556 | 4 | 63 | أولئك الذين يعلم الله ما في قلوبهم فأعرض عنهم وعظهم وقل لهم في أنفسهم قولا بليغا |
| | | اِھي (اُھي) آھن جن جي دلين ۾ جيڪي (ڪفر ۽ نفاق) آھي سو الله ڄاڻندو آھي، پوءِ کانئن مُڙ ۽ کين نصيحت ڪر ۽ کين سندين دلين ۾ پھچندڙ ڳالھه چؤ. |
|
557 | 4 | 64 | وما أرسلنا من رسول إلا ليطاع بإذن الله ولو أنهم إذ ظلموا أنفسهم جاءوك فاستغفروا الله واستغفر لهم الرسول لوجدوا الله توابا رحيما |
| | | ڪوئي پيغمبر نه موڪليوسون پر ھن لاءِ ته الله جي حڪم سان سندس تابعداري ڪئي وڃي، ۽ جڏھن انھن (ماڻھن) پاڻ تي ظلم ڪيو تڏھن جيڪڏھن تو وٽ اچن ھا پوءِ الله کان بخشش گھرن ھا ۽ پيغمبر انھن لاءِ بخشش گھري ھا ته الله کي ٻاجھ سان موٽندڙ مھربان لھن ھا. |
|
558 | 4 | 65 | فلا وربك لا يؤمنون حتى يحكموك فيما شجر بينهم ثم لا يجدوا في أنفسهم حرجا مما قضيت ويسلموا تسليما |
| | | پوءِ تنھنجي پالڻھار جو قسم آھي ته (اھي ماڻھو) مسلمان نه آھن جيستائين انھي معاملي ۾ جو سندن وچ ۾ پيو آھي توکان فيصلو ڪرائن پوءِ (تون) جيڪو نبيرو ڪرين تنھن کان پنھنجي دلين ۾ اڙکُڙ نه ڏسن ۽ پوري طرح مڃين. |
|