نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
5471 | 72 | 24 | حتى إذا رأوا ما يوعدون فسيعلمون من أضعف ناصرا وأقل عددا |
| | | (ايستائين غفلت ۾ رھندا) جيسين ڪه جيڪو اُنھن کي انجام ڏجي ٿو سو ڏسن پوءِ ڄاڻندا ته مددگار جي ڪري وڌيڪ ھيڻو ۽ ڳاڻيٽي جي ڪري تمام ٿورو ڪير آھي. |
|
5472 | 72 | 25 | قل إن أدري أقريب ما توعدون أم يجعل له ربي أمدا |
| | | (کين) چؤ ته آءٌ نه ٿو ڄاڻان ته جنھنجو اوھان کي انجام ڏجي ٿو سو (الائي) ويجھو آھي يا منھنجو پالڻھار اُن جي ڪا (ٻي) مُدت مُقرر ڪندو. |
|
5473 | 72 | 26 | عالم الغيب فلا يظهر على غيبه أحدا |
| | | (اُھو) ڳُجھ جو ڄاڻندڙ آھي پوءِ پنھنجي ڳجھ تي ڪنھن ھڪڙي کي واقف نه ڪندو آھي. |
|
5474 | 72 | 27 | إلا من ارتضى من رسول فإنه يسلك من بين يديه ومن خلفه رصدا |
| | | سواءِ انھيءَ جي جو جنھن پيغمبر کي پسند ڪيائين بيشڪ الله سندس اڳتان ۽ سندس پوئتان نگھبان (ملائڪ) موڪليندو آھي. |
|
5475 | 72 | 28 | ليعلم أن قد أبلغوا رسالات ربهم وأحاط بما لديهم وأحصى كل شيء عددا |
| | | (ھن لاءِ) ته ڄاڻي ته پنھنجي پالڻھار جا حُڪم سچ پچ پھچايا اٿن ۽ جيڪي وٽن آھي تنھنکي الله ھر طرح پنھنجي وس رکيو آھي ۽ سڀڪنھن شيءَ جو ڳاڻيٽو ڳڻي ڇڏيو اٿس. |
|
5476 | 73 | 1 | بسم الله الرحمن الرحيم يا أيها المزمل |
| | | اي (پاڻ تي) ڪپڙي ويڙھڻ ورا مڙس. |
|
5477 | 73 | 2 | قم الليل إلا قليلا |
| | | رات جو کڙو ٿيءُ پر ٿورو. |
|
5478 | 73 | 3 | نصفه أو انقص منه قليلا |
| | | رات جو اڌ يا اڌ رات کان ٿورو گھٽاءِ. |
|
5479 | 73 | 4 | أو زد عليه ورتل القرآن ترتيلا |
| | | يا اڌ رات تي وڌاءِ ۽ قرآن ٺاھي ٺاھي پڙھ. |
|
5480 | 73 | 5 | إنا سنلقي عليك قولا ثقيلا |
| | | بيشڪ اسين توتي ھڪ ڳرو حُڪم نازل ڪنداسين. |
|