نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
537 | 4 | 44 | ألم تر إلى الذين أوتوا نصيبا من الكتاب يشترون الضلالة ويريدون أن تضلوا السبيل |
| | | (اي پيغمبر) اُنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿئي ڇا؟ جن کي ڪتاب مان حصّو ڏنو ويو آھي اُھي گمراھي ڳنھندا آھن ۽ اوھان جو واٽ کان ڀلڻ (به) گھُرندا آھن. |
|
538 | 4 | 45 | والله أعلم بأعدائكم وكفى بالله وليا وكفى بالله نصيرا |
| | | ۽ الله اوھان جي ويرين کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي، ۽ الله (سڀني ڪمن جو) ڪارساز بس آھي، ۽ الله مددگار بس آھي. |
|
539 | 4 | 46 | من الذين هادوا يحرفون الكلم عن مواضعه ويقولون سمعنا وعصينا واسمع غير مسمع وراعنا ليا بألسنتهم وطعنا في الدين ولو أنهم قالوا سمعنا وأطعنا واسمع وانظرنا لكان خيرا لهم وأقوم ولكن لعنهم الله بكفرهم فلا يؤمنون إلا قليلا |
| | | يھودين مان ڪي (توريت ۾) لفظن کي سندن جاين کان مٽائيندا آھن ۽ سَمِعۡنَا وَ عَصَيۡنَا ۽ اِسۡمَعۡ غَيۡرَ مُسۡمَع ۽ رَاعِنَا (جي لفظن) کي (چوڻ وقت) پنھنجيون زبانون وچڙائي ۽ دين ۾ طعني ھڻڻ لاءِ چوندا آھن، ۽ جيڪڏھن (سَمِعۡنَا وَعَصَيۡنَا جي بجاءِ) سَمِعۡنَا وَاَطَعۡنَا (يعني ٻڌوسون ۽ فرمانبرداري ڪئيسون) ۽ (اِسۡمَعۡ غَيۡرَ مُسۡمَع جي ھنڌ) اِسۡمَعۡ (يعني ٻڌ) ۽ (رَاعِنَا لفظ جي بجاءِ لفظ) اُنۡظُرۡنَا (يعني اسان جو خيال رک) چون ھا ته اُنھن لاءِ ڀلو ۽ ڏاڍو سنئون ھجي ھا پر الله سندن ڪُفر سببان مٿن لعنت ڪئي آھي پوءِ ٿورن کانسواءِ (ٻيا) ايمان نه ٿا آڻين. |
|
540 | 4 | 47 | يا أيها الذين أوتوا الكتاب آمنوا بما نزلنا مصدقا لما معكم من قبل أن نطمس وجوها فنردها على أدبارها أو نلعنهم كما لعنا أصحاب السبت وكان أمر الله مفعولا |
| | | اي ڪتاب وارؤ جيڪو (قرآن) لاٿوسون جيڪي اوھان وٽ آھي تنھن جو (اُھو) سچو ڪندڙ (به) آھي تنھنکي انھي کان اڳ مڃيو جو (اوھان جي) منھن جي صورت ميٽي ڇڏيون پوءِ ڦيرائي انھن کي ڪياڙي جي شڪل ڪريون يا مٿن اھڙي لعنت ڪريون جھڙي ڇنڇر وارن تي لعنت ڪئيسون، ۽ الله جو (جيڪو) حُڪم (جاري ٿيندو آھي) سو ٿي چڪندو آھي. |
|
541 | 4 | 48 | إن الله لا يغفر أن يشرك به ويغفر ما دون ذلك لمن يشاء ومن يشرك بالله فقد افترى إثما عظيما |
| | | بيشڪ الله ھيءُ (ڏوہ) نه بخشيندو جو (ڪنھن کي به) ساڻس شريڪ ڪيو وڃي ۽ اُن کانسواءِ ٻيا (ڏوہ) جنھن کي وڻيس تنھن کي بخشيندو، ۽ جيڪو الله سان (ڪنھن کي به) شريڪ بڻائيندو تنھن بيشڪ وڏي گناہ جو بُھتان ٻڌو. |
|
542 | 4 | 49 | ألم تر إلى الذين يزكون أنفسهم بل الله يزكي من يشاء ولا يظلمون فتيلا |
| | | (اي پيغمبر) انھن ڏانھن نه ڏٺو اٿيئي ڇا؟ جيڪي پاڻون پاڻ کي پاڪ چوندا آھن، (نه) بلڪ الله جنھن کي گھرندو آھي پاڪ ڪندو آھي ۽ تند جيترو به ظلم نه ڪبن. |
|
543 | 4 | 50 | انظر كيف يفترون على الله الكذب وكفى به إثما مبينا |
| | | (اي پيغمبر) ڏس ته الله تي ڪيئن ڪوڙ ٺاھيندا آھن؟ ۽ اھو پڌرو گناہ بس آھي. |
|
544 | 4 | 51 | ألم تر إلى الذين أوتوا نصيبا من الكتاب يؤمنون بالجبت والطاغوت ويقولون للذين كفروا هؤلاء أهدى من الذين آمنوا سبيلا |
| | | (اي پيغمبر) اُنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿيئي ڇا؟ جن کي ڪتاب مان ڀاڱو ڏنو ويو ته اُھي بتن ۽ شيطان کي مڃيندا آھن ۽ ڪافرن لاءِ چوندا آھن ته ھيءَ ٽولي مؤمنن کان وڌيڪ سنئين واٽ واري آھي. |
|
545 | 4 | 52 | أولئك الذين لعنهم الله ومن يلعن الله فلن تجد له نصيرا |
| | | اِھي (اُھي) آھن جن تي الله لعنت ڪئي آھي، ۽ جنھن تي الله لعنت ڪندو آھي تنھن جو ڪو مددگار نه لھندين. |
|
546 | 4 | 53 | أم لهم نصيب من الملك فإذا لا يؤتون الناس نقيرا |
| | | اُنھن کي بادشاھيءَ مان ڪو ڀاڱو آھي ڇا؟ (جي کين کڻي ھجي به ته) اُن مھل ماڻھن کي تر جيترو (به) نه ڏين. |
|