نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
5301 | 68 | 30 | فأقبل بعضهم على بعض يتلاومون |
| | | پوءِ ھڪ ٻئي کي ملامت ڪندڙ ٿي ھڪڙن ٻـين ڏانھن مھاڙ ڪئي. |
|
5302 | 68 | 31 | قالوا يا ويلنا إنا كنا طاغين |
| | | چوڻ لڳا ته ويل اسان لاءِ بيشڪ اسين حد کان لنگھندڙ ھواسون. |
|
5303 | 68 | 32 | عسى ربنا أن يبدلنا خيرا منها إنا إلى ربنا راغبون |
| | | مانَ اسان جو پالڻھار اسان کي ھن کان ڀلو (ٻيو باغ) بدلو ڏئي بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار ڏانھن اُميد رکندڙ آھيون. |
|
5304 | 68 | 33 | كذلك العذاب ولعذاب الآخرة أكبر لو كانوا يعلمون |
| | | ائين ئي آفت (پوڻي) آھي، ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب تمام وڏو آھي، ارمان! جيڪڏھن سمجھن ھا. |
|
5305 | 68 | 34 | إن للمتقين عند ربهم جنات النعيم |
| | | بيشڪ پرھيزگارن لاءِ سندن پالڻھار وٽ نعمت جا باغ آھن. |
|
5306 | 68 | 35 | أفنجعل المسلمين كالمجرمين |
| | | مسلمانن کي گنھگارن جھڙو ڪنداسون ڇا؟ |
|
5307 | 68 | 36 | ما لكم كيف تحكمون |
| | | اوھان کي ڇا ٿيو آھي؟ ڪھڙو ٺھراءُ ٿا ڪيو؟ |
|
5308 | 68 | 37 | أم لكم كتاب فيه تدرسون |
| | | اوھان وٽ ڪو ڪتاب آھي ڇا جنھن ۾ (ھيءَ ڳالھ) پڙھندا آھيو. |
|
5309 | 68 | 38 | إن لكم فيه لما تخيرون |
| | | ته بيشڪ جيڪي اوھين پسند ڪندا آھيو سو آخرت ۾ اوھان لاءِ ھوندو. |
|
5310 | 68 | 39 | أم لكم أيمان علينا بالغة إلى يوم القيامة إن لكم لما تحكمون |
| | | اوھان جا اسان جي ذمي (ھن ڳالھ جا) ڪي پڪا انجام ٿيل آھن ڇا جو اُنھن جو قيامت تائين حُڪم ھلندو ته بيشڪ جيڪو ٺھراءُ ڪريو ٿا سو اوھان لاءِ آھي. |
|