نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
5267 | 67 | 26 | قل إنما العلم عند الله وإنما أنا نذير مبين |
| | | (اي پيغمبر کين) چؤ ته (اھا) خبر رڳو الله وٽ آھي، ۽ آءٌ رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان. |
|
5268 | 67 | 27 | فلما رأوه زلفة سيئت وجوه الذين كفروا وقيل هذا الذي كنتم به تدعون |
| | | ۽ جنھن مھل ان (انجام) کي ويجھو ٿيل ڏسندا ته ڪافرن جا مُنھن ڪاراٽجي ويندا، ۽ چئبن ته جنھن کي طلبيندا ھئو سو ھيءُ آھي. |
|
5269 | 67 | 28 | قل أرأيتم إن أهلكني الله ومن معي أو رحمنا فمن يجير الكافرين من عذاب أليم |
| | | (اي پيغمبر کين) چؤ ته ڏٺو اٿوَ ڇا ته جيڪڏھن مون کي ۽ جيڪي مون ساڻ آھن تن کي الله ھلاڪ ڪري يا الله اسان تي ٻاجھ ڪري ته (هر صورت ۾) ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب کان ڪير ڇڏائيندو؟ |
|
5270 | 67 | 29 | قل هو الرحمن آمنا به وعليه توكلنا فستعلمون من هو في ضلال مبين |
| | | (اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو ٻاجھارو آھي اُن تي ايمان آندوسون ۽ مٿس ڀروسو ڪيوسون، پوءِ سگھو ئي ڄاڻندؤ ته پڌريءَ گمراھي ۾ ڪير آھي. |
|
5271 | 67 | 30 | قل أرأيتم إن أصبح ماؤكم غورا فمن يأتيكم بماء معين |
| | | (اي پيغمبر کين) چؤ ته ڏٺو اٿو ڇا ته جيڪڏھن اوھان جو پاڻي ھيٺ پيھي وڃي ته اوھان وٽ وھندڙ پاڻي ڪير آڻيندو؟ |
|
5272 | 68 | 1 | بسم الله الرحمن الرحيم ن والقلم وما يسطرون |
| | | نٓ قَلَم جو قسم آھي ۽ اُن جو به جيڪي لکندا آھن. |
|
5273 | 68 | 2 | ما أنت بنعمة ربك بمجنون |
| | | ته تون پنھنجي پالڻھار جي فضل سان ڪو چريو نه آھين. |
|
5274 | 68 | 3 | وإن لك لأجرا غير ممنون |
| | | ۽ بيشڪ تولاءِ اڻ کٽ ثواب آھي. |
|
5275 | 68 | 4 | وإنك لعلى خلق عظيم |
| | | ۽ بيشڪ تون وڏي خُلق تي آھين. |
|
5276 | 68 | 5 | فستبصر ويبصرون |
| | | پوءِ سگھوئي ڏسندين ۽ اُھي (به) ڏسندا. |
|