نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
527 | 4 | 34 | الرجال قوامون على النساء بما فضل الله بعضهم على بعض وبما أنفقوا من أموالهم فالصالحات قانتات حافظات للغيب بما حفظ الله واللاتي تخافون نشوزهن فعظوهن واهجروهن في المضاجع واضربوهن فإن أطعنكم فلا تبغوا عليهن سبيلا إن الله كان عليا كبيرا |
| | | مڙس زالن تي انھيءَ سببان حاڪم آھن جو الله انھن مان ھڪڙن کي ٻـين کان ڀلو ڪيو آھي ۽ (ٻيو) ھن سببان جو پنھنجن مالن مان خرچيندا آھن، پوءِ ڀلاريون فرمانبردارڻيون پرپٺ نگاہ رکڻ واريون الله جي نگھباني موجب آھن، ۽ جن (زالن) جي بي فرماني معلوم ڪريو تن کي (زباني) نصيحت ڪريو ۽ پاٿارين ۾ کين ڌار ڪريو ۽ مار ڏيونِ، پوءِ جيڪڏھن اوھان جي فرمانبرداري ڪن ته مٿن ڪا (ايذاءُ جي) واٽ نه ڳوليو، ڇوته الله وڏو وڏيءَ وڏائيءَ وارو آھي. |
|
528 | 4 | 35 | وإن خفتم شقاق بينهما فابعثوا حكما من أهله وحكما من أهلها إن يريدا إصلاحا يوفق الله بينهما إن الله كان عليما خبيرا |
| | | ۽ جيڪڏھن سندن وچ ۾ ڦيٽي کان ڊڄو ته ھِن جي گھراڻي مان ھڪ امين ۽ ھُن جي گھراڻي مان (به) ھڪ امين مُقرّر ڪريو، جيڪڏھن ٻئي (امين) صُلح ڪرائڻ گھرندا ته الله سندن وچ ۾ ميلاپ ڪندو، ڇوته الله ڄاڻندڙ خبر رکندڙ آھي. |
|
529 | 4 | 36 | واعبدوا الله ولا تشركوا به شيئا وبالوالدين إحسانا وبذي القربى واليتامى والمساكين والجار ذي القربى والجار الجنب والصاحب بالجنب وابن السبيل وما ملكت أيمانكم إن الله لا يحب من كان مختالا فخورا |
| | | ۽ (خاص) الله جي عبادت ڪريو ۽ ساڻس ڪنھن شيء کي شريڪ نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان ۽ مٽيءَ وارن سان ۽ ڇورن (ٻارن) ۽ مسڪينن ۽ مٽيءَ واريءَ پاڙيچي ۽ ڌاريي پاڙيچي ۽ ويجھي سنگتي ۽ مسافر ۽ پنھنجن ٻانھن سان چڱائي ڪريو، ڇوته جيڪو ھٺيلو وڏائي ڪندڙ ھجي تنھن کي الله دوست نه رکندو آھي. |
|
530 | 4 | 37 | الذين يبخلون ويأمرون الناس بالبخل ويكتمون ما آتاهم الله من فضله وأعتدنا للكافرين عذابا مهينا |
| | | (۽ نڪي اُنھن کي) جيڪي (پاڻ) ڪنجوسي ڪندا آھن ۽ ماڻھن کي به ڪنجوسي ڪرڻ جو حُڪم ڪندا آھن ۽ الله پنھنجي فضل سان کين جيڪي ڏنو آھي سو لڪائيندا آھن، ۽ اھڙن نه مڃيندڙن لاءِ خواريءَ وارو عذاب تيار ڪيو اٿئون. |
|
531 | 4 | 38 | والذين ينفقون أموالهم رئاء الناس ولا يؤمنون بالله ولا باليوم الآخر ومن يكن الشيطان له قرينا فساء قرينا |
| | | ۽ (اُنھن لاءِ به) جيڪي پنھنجن مالن کي ماڻھن جي ڏيکاريءَ لاءِ خرچيندا آھن ۽ نڪي الله کي ۽ نڪي قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھن، ۽ جنھن جو سنگتي شيطان ٿيو ته اُھو سنگتي بڇڙو آھي. |
|
532 | 4 | 39 | وماذا عليهم لو آمنوا بالله واليوم الآخر وأنفقوا مما رزقهم الله وكان الله بهم عليما |
| | | ۽ مٿن ڪھڙي (ڏکيائي) ھئي جيڪڏھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃين ھا ۽ الله جيڪي کين ڏنو آھي ان مان خرچين ھا، ۽ الله انھن (جي حال) کي (چڱو) ڄاڻندڙ آھي. |
|
533 | 4 | 40 | إن الله لا يظلم مثقال ذرة وإن تك حسنة يضاعفها ويؤت من لدنه أجرا عظيما |
| | | الله ذري جيترو به ظلم نه ڪندو آھي، ۽ جيڪڏھن (ڪا) چڱائي ھوندي ته ان کي ٻيڻو ڪندو آھي ۽ پاڻ وٽان وڏو اجر ڏيندو آھي. |
|
534 | 4 | 41 | فكيف إذا جئنا من كل أمة بشهيد وجئنا بك على هؤلاء شهيدا |
| | | پوءِ (تڏھن) ڪئن (ڪندا) جڏھن سڀڪنھن ٽوليءَ مان (ھڪ) شاھد آڻينداسون ۽ (اي پيغمبر) توکي (به) ھن ٽوليءَ تي شاھد ڪري آڻينداسون. |
|
535 | 4 | 42 | يومئذ يود الذين كفروا وعصوا الرسول لو تسوى بهم الأرض ولا يكتمون الله حديثا |
| | | اُنھيءَ ڏينھن ڪافر ۽ جن پيغمبر جو چيو نه مڃيو سي گھرندا ته جيڪر مٿن زمين سنئين ڪئي وڃي، ۽ الله کان ڪائي ڳالھ لڪائي نه سگھندا. |
|
536 | 4 | 43 | يا أيها الذين آمنوا لا تقربوا الصلاة وأنتم سكارى حتى تعلموا ما تقولون ولا جنبا إلا عابري سبيل حتى تغتسلوا وإن كنتم مرضى أو على سفر أو جاء أحد منكم من الغائط أو لامستم النساء فلم تجدوا ماء فتيمموا صعيدا طيبا فامسحوا بوجوهكم وأيديكم إن الله كان عفوا غفورا |
| | | اي ايمان وارؤ! اوھان نشي ۾ ٿي ايستائين نماز کي ويجھا نه وڃو جيستائين جيڪي ڳالھايو ٿا سو سمجھو ۽ نڪي مسافرن کانسواءِ (مقيم) تڙ وارو (نماز پڙھي) جيسين تڙ ڪريو، ۽ جيڪڏھن اوھين بيمار ھجو يا مسافري تي ھجو يا اوھان مان ڪوئي جاءِ ضرور کان اچي يا زالن کي ويجھا ويا ھجو ۽ پاڻي نه لھو ته پاڪ مٽيءَ سان تيمّم ڪريو پوءِ پنھنجن مُنھن ۽ پنھنجن ھٿن کي مک ڪريو، ڇوته الله معافي ڏيندڙ بخشڻھار آھي. |
|