نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
5197 | 63 | 9 | يا أيها الذين آمنوا لا تلهكم أموالكم ولا أولادكم عن ذكر الله ومن يفعل ذلك فأولئك هم الخاسرون |
| | | اي ايمان وارؤ اوھان کي نڪي اوھان جا مال ۽ نڪي اوھان جا اولاد الله جي ياد ڪرڻ کان ويسلو ڪري، ۽ جيڪي ائين ڪندا سي ئي ڇيئي وارا آھن. |
|
5198 | 63 | 10 | وأنفقوا من ما رزقناكم من قبل أن يأتي أحدكم الموت فيقول رب لولا أخرتني إلى أجل قريب فأصدق وأكن من الصالحين |
| | | ۽ جيڪي اوھان کي روزي ڏني اٿون تنھن منجھان اُنھي کان اڳ خرچ ڪريو جو اوھان مان ڪنھن ھڪڙي کي موت پھچي پوءِ چوڻ لڳي ته اي منھنجا پالڻھار جيڪر مون کي ھڪ ٿوري مُدت تائيم مُھلت ڏين ھا ته خيرات ڪريان ھا ۽ صالحن مان ٿيان ھا. |
|
5199 | 63 | 11 | ولن يؤخر الله نفسا إذا جاء أجلها والله خبير بما تعملون |
| | | ۽ جڏھن ڪنھن جيءَ جو اجل ايندو آھي (تڏھن) اُن کي الله ڪڏھن مُھلت نه ڏيندو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي. |
|
5200 | 64 | 1 | بسم الله الرحمن الرحيم يسبح لله ما في السماوات وما في الأرض له الملك وله الحمد وهو على كل شيء قدير |
| | | جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) الله جي پاڪائي بيان ڪندو آھي، سندس ئي بادشاھي آھي ۽ سنديس ئي ساراھ آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي. |
|
5201 | 64 | 2 | هو الذي خلقكم فمنكم كافر ومنكم مؤمن والله بما تعملون بصير |
| | | (الله) اھو آھي جنھن اوھان کي پيدا ڪيو پوءِ اوھان مان ڪو ڪافر ۽ اوھان مان ڪو مؤمن آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي. |
|
5202 | 64 | 3 | خلق السماوات والأرض بالحق وصوركم فأحسن صوركم وإليه المصير |
| | | آسمانن ۽ زمين کي پوريءَ رِٿ سان بڻايائين ۽ اوھانکي صُورت ڏنائين پوءِ اوھان جون صُورتون تمام چڱيون بڻايائين ۽ ڏانھس موٽڻ آھي. |
|
5203 | 64 | 4 | يعلم ما في السماوات والأرض ويعلم ما تسرون وما تعلنون والله عليم بذات الصدور |
| | | جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو (اُھو) ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھيو سو (به) ڄاڻندو آھي، ۽ الله سينن جو ڳجھ ڄاڻندڙ آھي. |
|
5204 | 64 | 5 | ألم يأتكم نبأ الذين كفروا من قبل فذاقوا وبال أمرهم ولهم عذاب أليم |
| | | (ھن کان) اڳ جيڪي ڪافر ھئا تن جي اوھان وٽ خبر نه آئي آھي ڇا؟ پوءِ پنھنجي ڪئي جي سزا چکيائون ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي. |
|
5205 | 64 | 6 | ذلك بأنه كانت تأتيهم رسلهم بالبينات فقالوا أبشر يهدوننا فكفروا وتولوا واستغنى الله والله غني حميد |
| | | اِھو (عذاب) ھِن ڪري آھي جو سندن پيغمبر (چِٽن) مُعجزن سان وٽن ايندا ھئا ته چوندا ھوا ته اسان کي (اسان جھڙا) ماڻھو (سڌو) رستو ڏيکاريندا ڇا، پوءِ انڪار ڪيائون ۽ منھن ڦيرايائون ۽ الله (به) بي پرواھي ڪئي، ۽ الله بي پرواھ ساراھيل آھي. |
|
5206 | 64 | 7 | زعم الذين كفروا أن لن يبعثوا قل بلى وربي لتبعثن ثم لتنبؤن بما عملتم وذلك على الله يسير |
| | | ڪافر ڀائيندا آھن ته (قبرن مان) کين ڪڏھن نه اُٿاربو، (کين) چؤ ته ھائو! منھنجي پالڻھار جو قسم ته (اوھين) ضرور اُٿاربؤ وري جيڪي ڪندا ھئو تنھن جي اوھان کي ضرور سُڌ ڏبي، ۽ اھو (ڪم) الله کي آسان آھي. |
|