بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
5193635وإذا قيل لهم تعالوا يستغفر لكم رسول الله لووا رءوسهم ورأيتهم يصدون وهم مستكبرون
۽ جڏھن کين چئبو آھي ته اچو ته الله جو پيغمبر اوھان لاءِ بخشش گھري تڏھن پنھنجا مٿا موڙيندا آھن ۽ انھن کي ڏسندو آھين ته وڏائي ڪندڙ ٿي جھلجن ٿا.
5194636سواء عليهم أستغفرت لهم أم لم تستغفر لهم لن يغفر الله لهم إن الله لا يهدي القوم الفاسقين
تون انھن لاءِ بخشش گھرين يا انھن لاءِ بخشش نه گھرين ته انھن لاءِ ھڪ جھڙي (ڳالھ) آھي، انھن کي الله ڪڏھن نه بخشيندو، بيشڪ الله بي دينن جي قوم کي سِڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.
5195637هم الذين يقولون لا تنفقوا على من عند رسول الله حتى ينفضوا ولله خزائن السماوات والأرض ولكن المنافقين لا يفقهون
اھي اھڙا آھن جو (ھڪ ٻئي کي) چوندا آھن ته جيڪي (مھاجر) الله جي پيغمبر وٽ آھن تن تي خرچ نه ڪريو تان جو ڇڏي وڃن، ۽ (ھيءَ نه ڄاڻندا آھن ته) آسمانن ۽ زمين جا خزانا خاص الله جا آھن پر (ان ڳالھ کي) مُنافق نه سمجھندا آھن.
5196638يقولون لئن رجعنا إلى المدينة ليخرجن الأعز منها الأذل ولله العزة ولرسوله وللمؤمنين ولكن المنافقين لا يعلمون
چوندا آھن ته جيڪڏھن (اسين) مديني ۾ موٽي پُتاسون ته وڌيڪ عِزّت وارو تمام بي عزتي کي اُتان ضرور ڪڍي ڇڏيندو، ۽ عِزّت الله کي ۽ سندس پيغمبر کي ۽ مؤمنن کي آھي پر (اھا ڳالھ) منافق نه ڄاڻندا آھن.
5197639يا أيها الذين آمنوا لا تلهكم أموالكم ولا أولادكم عن ذكر الله ومن يفعل ذلك فأولئك هم الخاسرون
اي ايمان وارؤ اوھان کي نڪي اوھان جا مال ۽ نڪي اوھان جا اولاد الله جي ياد ڪرڻ کان ويسلو ڪري، ۽ جيڪي ائين ڪندا سي ئي ڇيئي وارا آھن.
51986310وأنفقوا من ما رزقناكم من قبل أن يأتي أحدكم الموت فيقول رب لولا أخرتني إلى أجل قريب فأصدق وأكن من الصالحين
۽ جيڪي اوھان کي روزي ڏني اٿون تنھن منجھان اُنھي کان اڳ خرچ ڪريو جو اوھان مان ڪنھن ھڪڙي کي موت پھچي پوءِ چوڻ لڳي ته اي منھنجا پالڻھار جيڪر مون کي ھڪ ٿوري مُدت تائيم مُھلت ڏين ھا ته خيرات ڪريان ھا ۽ صالحن مان ٿيان ھا.
51996311ولن يؤخر الله نفسا إذا جاء أجلها والله خبير بما تعملون
۽ جڏھن ڪنھن جيءَ جو اجل ايندو آھي (تڏھن) اُن کي الله ڪڏھن مُھلت نه ڏيندو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.
5200641بسم الله الرحمن الرحيم يسبح لله ما في السماوات وما في الأرض له الملك وله الحمد وهو على كل شيء قدير
جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) الله جي پاڪائي بيان ڪندو آھي، سندس ئي بادشاھي آھي ۽ سنديس ئي ساراھ آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.
5201642هو الذي خلقكم فمنكم كافر ومنكم مؤمن والله بما تعملون بصير
(الله) اھو آھي جنھن اوھان کي پيدا ڪيو پوءِ اوھان مان ڪو ڪافر ۽ اوھان مان ڪو مؤمن آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.
5202643خلق السماوات والأرض بالحق وصوركم فأحسن صوركم وإليه المصير
آسمانن ۽ زمين کي پوريءَ رِٿ سان بڻايائين ۽ اوھانکي صُورت ڏنائين پوءِ اوھان جون صُورتون تمام چڱيون بڻايائين ۽ ڏانھس موٽڻ آھي.


0 ... 509.2 510.2 511.2 512.2 513.2 514.2 515.2 516.2 517.2 518.2 520.2 521.2 522.2 523.2 524.2 525.2 526.2 527.2 528.2 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.03 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

77751691388537489439363848553553833511