نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
5173 | 61 | 10 | يا أيها الذين آمنوا هل أدلكم على تجارة تنجيكم من عذاب أليم |
| | | اي ايمان وارؤ اوھان کي انھيءَ سوداگريءَ جو ڏس نه ڏيان ڇا جو اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب کان بچائي؟ |
|
5174 | 61 | 11 | تؤمنون بالله ورسوله وتجاهدون في سبيل الله بأموالكم وأنفسكم ذلكم خير لكم إن كنتم تعلمون |
| | | (ته) الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ پنھنجن مالن ۽ پنھنجن جندن سان الله جي واٽ ۾ لڙائي ڪريو، جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو ته اُھو اوھان لاءِ ڀلو آھي. |
|
5175 | 61 | 12 | يغفر لكم ذنوبكم ويدخلكم جنات تجري من تحتها الأنهار ومساكن طيبة في جنات عدن ذلك الفوز العظيم |
| | | اوھان جا گناھ اوھان کي بخشيندو ۽ اوھان کي (اھڙن) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن ۽ سُٺين جاين ھميشه (رھڻ) وارن بھشتن ۾، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي. |
|
5176 | 61 | 13 | وأخرى تحبونها نصر من الله وفتح قريب وبشر المؤمنين |
| | | ۽ ٻي (نعمت به ڏيندو) جنھن کي دوست رکندا آھيو، الله جي طرف کان مدد ۽ فتح ويجھي، ۽ مؤمنن کي خوشخبري ڏي. |
|
5177 | 61 | 14 | يا أيها الذين آمنوا كونوا أنصار الله كما قال عيسى ابن مريم للحواريين من أنصاري إلى الله قال الحواريون نحن أنصار الله فآمنت طائفة من بني إسرائيل وكفرت طائفة فأيدنا الذين آمنوا على عدوهم فأصبحوا ظاهرين |
| | | اي ايمان وارؤ الله جي دين جا مددگار ھجو جھري طرح عيسىٰ پٽ مريم جي پنھنجي خاص يارن کي چيو ته الله جي دين ۾ منھنجا مددگار ڪير آھن؟ انھن خاص يارن چيو ته اسين الله (جي دين) جا مددگار آھيون پوءِ بني اسرائيلن مان ھڪ ٽولي ايمان آندو ۽ ٻئي ٽوليءَ انڪار ڪيو، پوءِ ايمان وارن کي سندن دشمنن تي غلبو ڏنوسون پوءِ غالب ٿيا. |
|
5178 | 62 | 1 | بسم الله الرحمن الرحيم يسبح لله ما في السماوات وما في الأرض الملك القدوس العزيز الحكيم |
| | | جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) الله جي پاڪائي بيان ڪندو آھي (جو) بادشاھ تمام پاڪ (ذات) غالب حڪمت وارو آھي. |
|
5179 | 62 | 2 | هو الذي بعث في الأميين رسولا منهم يتلو عليهم آياته ويزكيهم ويعلمهم الكتاب والحكمة وإن كانوا من قبل لفي ضلال مبين |
| | | (الله) اُھو آھي جنھن اڻ پڙھيلن ۾ انھن (جي قوم) مان ھڪ پيغمبر پيدا ڪيو جو وٽن سندس آيتون پڙھندو آھي ۽ کين پاڪ ڪندو آھي ۽ کين ڪتاب ۽ دانائي سيکاريندو آھي، ۽ بيشڪ اِھي (ھن کان) اڳ پڌري گمراھي ۾ ھوا. |
|
5180 | 62 | 3 | وآخرين منهم لما يلحقوا بهم وهو العزيز الحكيم |
| | | ۽ انھن مان ٻـين لاءِ به جي اڃا انھن (مسلمانن) سان نه مليا آھن، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي. |
|
5181 | 62 | 4 | ذلك فضل الله يؤتيه من يشاء والله ذو الفضل العظيم |
| | | اِھو الله جو فضل آھي انھن کي ڏيندو آھي جنھن کي وڻندو اٿس، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي. |
|
5182 | 62 | 5 | مثل الذين حملوا التوراة ثم لم يحملوها كمثل الحمار يحمل أسفارا بئس مثل القوم الذين كذبوا بآيات الله والله لا يهدي القوم الظالمين |
| | | جن (ماڻھن) کي توريت کڻايو ويو پوءِ اُھو نه کنيائون تن جو مثال (انھيءَ) گڏھ جي مثال وانگر آھي جو (گھڻا) ڪتاب کڻي، جن الله جي آيتن کي ڪوڙ ٿي ڀانيو تنھن قوم جو مثال بڇڙو آھي، ۽ الله ظالم ماڻھن کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي. |
|