نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
5147 | 59 | 21 | لو أنزلنا هذا القرآن على جبل لرأيته خاشعا متصدعا من خشية الله وتلك الأمثال نضربها للناس لعلهم يتفكرون |
| | | جيڪڏھن ھن قرآن کي ڪنھن جبل تي نازل ڪريون ھا ته ضرور ان کي الله جي خوف کان عاجز پرزا پرزا ٿيل ڏسين ھا، ۽ اھي مثال ماڻھن لاءِ بيان ڪريون ٿا ته مانَ اُھي ڌيان ڪن. |
|
5148 | 59 | 22 | هو الله الذي لا إله إلا هو عالم الغيب والشهادة هو الرحمن الرحيم |
| | | الله اُھو آھي جنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق ڪونھي، (جو) ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ آھي، اُھو ٻاجھارو مھربان آھي. |
|
5149 | 59 | 23 | هو الله الذي لا إله إلا هو الملك القدوس السلام المؤمن المهيمن العزيز الجبار المتكبر سبحان الله عما يشركون |
| | | الله اُھو آھي جنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي، (جو) بادشاھ تمام پاڪ ذات (سڀني عيبن کان) سلامت امن ڏيڻ وارو نگھبان غالب زبردست وڏائي جو سائين آھين، انھن جي شريڪ مقرر ڪرڻ کان الله پاڪ آھي. |
|
5150 | 59 | 24 | هو الله الخالق البارئ المصور له الأسماء الحسنى يسبح له ما في السماوات والأرض وهو العزيز الحكيم |
| | | اُھو الله خلقڻھار نئون بڻائيندڙ شڪليون ٺاھيندڙ آھي اُن جا (سڀ) چڱا نالا آھن، جيڪي (به) آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سي (سڀ) سندس پاڪائي بيان ڪندا آھن، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي. |
|
5151 | 60 | 1 | بسم الله الرحمن الرحيم يا أيها الذين آمنوا لا تتخذوا عدوي وعدوكم أولياء تلقون إليهم بالمودة وقد كفروا بما جاءكم من الحق يخرجون الرسول وإياكم أن تؤمنوا بالله ربكم إن كنتم خرجتم جهادا في سبيلي وابتغاء مرضاتي تسرون إليهم بالمودة وأنا أعلم بما أخفيتم وما أعلنتم ومن يفعله منكم فقد ضل سواء السبيل |
| | | اي ايمان وارؤ منھنجي دشمنن ۽ پنھنجي دشمنن کي دوست (ڪري) نه وٺو اُنھن ڏانھن دوستي جي ڪري پيغام موڪليو ٿا حالانڪ جيڪو اوھان وٽ سچو دين آيو آھي تنھن جا اُھي مُنڪر ٿي چڪا آھن پيغمبر کي ۽ اوھان کي (پنھنجي وطن مان) ھن ڪري ڪڍين ٿا پنھنجي پالڻھار الله تي ايمان آندو اَٿو جيڪڏھن (خاص) منھنجيءَ واٽ ۾ جھاد ڪرڻ لاءِ ۽ منھنجي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ نڪتا آھيو انھن ڏانھن دوستي جي ڪري ڳُجھو پيغام ٿا موڪليو، حالانڪ جيڪي ڳجھو ڪريو ٿا ۽ جيڪي پڌرو ڪريو ٿا سو آءٌ چڱي طرح ڄاڻندو آھيان، ۽ اوھان مان جيڪو ائين ڪندو سو بيشڪ سِڌو رستو ڀُلو. |
|
5152 | 60 | 2 | إن يثقفوكم يكونوا لكم أعداء ويبسطوا إليكم أيديهم وألسنتهم بالسوء وودوا لو تكفرون |
| | | جيڪڏھن (ڪافر) اوھان کي لھندا ته اوھان جا پڪا ويري ھوندا ۽ اوھان ڏانھن پنھنجا ھٿ ۽ پنھنجيون زبانون ايذاءَ لاءِ ڊگھيون ڪندا ۽ گھُرندا ته جيڪر (ڪنھن طرح اوھين به) ڪافر ٿيو. |
|
5153 | 60 | 3 | لن تنفعكم أرحامكم ولا أولادكم يوم القيامة يفصل بينكم والله بما تعملون بصير |
| | | ڪڏھن نه اوھان کي اوھان جا مائٽ ۽ نڪي اوھان جو اولاد قيامت جي ڏينھن ڪو فائدو ڏيندو، ۽ اوھان جي وچ ۾ (الله) فيصلو ڪندو، ۽ جيڪي (اوھين) ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي. |
|
5154 | 60 | 4 | قد كانت لكم أسوة حسنة في إبراهيم والذين معه إذ قالوا لقومهم إنا برآء منكم ومما تعبدون من دون الله كفرنا بكم وبدا بيننا وبينكم العداوة والبغضاء أبدا حتى تؤمنوا بالله وحده إلا قول إبراهيم لأبيه لأستغفرن لك وما أملك لك من الله من شيء ربنا عليك توكلنا وإليك أنبنا وإليك المصير |
| | | بيشڪ ابراھيم ۽ جيڪي ساڻس ھوا تن جي طريقي ۾ اوھان لاءِ چڱي پيروي آھي، جڏھن پنھنجي قوم کي چيائون ته بيشڪ اسين اوھان کان ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا آھيو تن کان بيزار آھيون، اوھان جا مُنڪر ٿي چڪاسون ۽ اسان جي ۽ اوھان جي وچ ۾ ھميشه دشمني ۽ وير پڌرو ٿي چڪو جيستائين ھڪ الله تي ايمان (نه) آڻيندؤ (ابراھيم جي پيروي چڱي آھي) سواءِ ھن (ڳالھ) جي ته ابراھيم جو پنھنجي پيءُ کي چوڻ ته تولاءِ ضرور بخشش گھرندس ۽ الله کان تولاءِ ڪجھ (ڪري) نه ٿو سگھان، (ابراھيم ۽ سندس ساٿين چيو ته) اي اسان جا پالڻھار توتي ڀروسو ڪيوسون ۽ توڏانھن موٽياسون ۽ تو ڏانھن (ئي) موٽڻ آھي. |
|
5155 | 60 | 5 | ربنا لا تجعلنا فتنة للذين كفروا واغفر لنا ربنا إنك أنت العزيز الحكيم |
| | | اي اسان جا پالڻھار اسان کي ڪافرن جو زيردست نه ڪر ۽ اي اسان جا پالڻھار اسان کي بخش، ڇوته تون ئي غالب حڪمت وارو آھين. |
|
5156 | 60 | 6 | لقد كان لكم فيهم أسوة حسنة لمن كان يرجو الله واليوم الآخر ومن يتول فإن الله هو الغني الحميد |
| | | بيشڪ انھيءَ (مٿينءَ) جماعت ۾ چڱي پيروي اوھان مان انھيءَ لاءِ آھي جيڪو الله (جي لقاءَ) ۽ قيامت جي ڏينھن (جي اچڻ) جي اميد رکندو ھجي، ۽ جيڪو منھن موڙيندو ته بيشڪ الله سڀ کان بي پرواھ ساراھيل آھي. |
|