نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
5120 | 58 | 16 | اتخذوا أيمانهم جنة فصدوا عن سبيل الله فلهم عذاب مهين |
| | | پنھنجن قَسمن کي ڍال ڪري ورتو اٿن ۽ الله جي واٽ کان (ماڻھن کي) جھليائون تنھنڪري انھن لاءِ خواري ڏيندڙ عذاب آھي. |
|
5121 | 58 | 17 | لن تغني عنهم أموالهم ولا أولادهم من الله شيئا أولئك أصحاب النار هم فيها خالدون |
| | | الله (جي عذاب) کان نڪي سندن مال ۽ نڪي سندن اولاد کانئن ڪجھ به ٽاريندو، اُھي دوزخي آھن، اِھي اُن ۾ سدائين رھندا. |
|
5122 | 58 | 18 | يوم يبعثهم الله جميعا فيحلفون له كما يحلفون لكم ويحسبون أنهم على شيء ألا إنهم هم الكاذبون |
| | | جنھن ڏينھن انھن مڙني کي الله اٿاريندو تنھن ڏينھن سندس آڏو (ائين) قسم کڻندا جئن اوھان جي آڏو قَسم کڻندا آھن ۽ ڀائيندا آھن ته اُھي ڪنھن چڱي ڳالھ تي آھن، خبردار ٿيو بيشڪ اُھي اصل ڪوڙا آھن. |
|
5123 | 58 | 19 | استحوذ عليهم الشيطان فأنساهم ذكر الله أولئك حزب الشيطان ألا إن حزب الشيطان هم الخاسرون |
| | | مٿن شيطان غالب ٿي ويو آھي پوءِ اُنھن (جي دل) کان الله جي يادگيري وساريائين، اِھي (ماڻھو) شيطان جي جماعت آھن، خبردار (ٿيو ته) بيشڪ شيطان جي جماعت ئي ٽوٽي واري آھي. |
|
5124 | 58 | 20 | إن الذين يحادون الله ورسوله أولئك في الأذلين |
| | | بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس پيغمبر (جي حُڪم) کان مخالفت ڪندا آھن سي تمام خواريءَ وارن (ماڻھن) ۾ آھن. |
|
5125 | 58 | 21 | كتب الله لأغلبن أنا ورسلي إن الله قوي عزيز |
| | | الله لکي ڇڏيو آھي ته آءٌ ضرور غالب رھندس ۽ منھنجا پيغمبر به، بيشڪ الله سگھارو غالب آھي. |
|
5126 | 58 | 22 | لا تجد قوما يؤمنون بالله واليوم الآخر يوادون من حاد الله ورسوله ولو كانوا آباءهم أو أبناءهم أو إخوانهم أو عشيرتهم أولئك كتب في قلوبهم الإيمان وأيدهم بروح منه ويدخلهم جنات تجري من تحتها الأنهار خالدين فيها رضي الله عنهم ورضوا عنه أولئك حزب الله ألا إن حزب الله هم المفلحون |
| | | (اي پيغمبر) اھڙي قوم جيڪا الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندي ھجي تنھن کي تون (ھن وصف سان) نه ڏسندين ته جنھن الله ۽ سندس پيغمبر جي مخالفت ڪئي آھي تنھن سان دوستي رکندا ھجن توڙيڪ اُھي سندن پيئر يا سندن پُٽ يا سندن ڀائر يا سندن مائٽ ھجن، اِھي (مؤمن اُھي) آھن جن جي دلين ۾ الله ايمان لکيو آھي ۽ جن کي پنھنجي فيض سان سگھ ڏني اٿس، ۽ انھن کي اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن ھو اُنھيءَ ۾ سدائين رھندا، الله کانئن راضي ٿيو ۽ اُھي کانئس راضي ٿيا، اُھي الله جي جماعت آھن، خبردار (ٿيو ته) بيشڪ الله جي جماعت ئي ڇُٽڻ واري آھي. |
|
5127 | 59 | 1 | بسم الله الرحمن الرحيم سبح لله ما في السماوات وما في الأرض وهو العزيز الحكيم |
| | | جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو سڀ الله جي پاڪائي بيان ڪندو آھي، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي. |
|
5128 | 59 | 2 | هو الذي أخرج الذين كفروا من أهل الكتاب من ديارهم لأول الحشر ما ظننتم أن يخرجوا وظنوا أنهم مانعتهم حصونهم من الله فأتاهم الله من حيث لم يحتسبوا وقذف في قلوبهم الرعب يخربون بيوتهم بأيديهم وأيدي المؤمنين فاعتبروا يا أولي الأبصار |
| | | (الله) اُھو آھي جنھن ڪتاب وارن مان ڪافرن کي سندن گھرن مان پھرين ئي ويڙھ ۾ ٻاھر ڪڍي ڇڏيو، (اي مسلمانؤ) انھن جي نڪرڻ جو اوھان ڪو گمان نه ڪندا ھئو ۽ اُھي ڀائيندا ھوا ته الله (جي عذاب) کان سندن قلعا کين بچائڻ وارا ھوندا پوءِ (اُتان) وٽن الله (جو عذاب) پھتو جتان ڄاڻندا ئي نه ھوا ۽ سندن دلين ۾ اھڙي دھشت وڌائين جو پنھنجن ھٿن سان ۽ مُسلمانن جي ھٿن سان پنھنجن گھرن کي (پاڻ) ڊاھڻ لڳا، تنھنڪري اي اکين وارؤ عبرت وٺو. |
|
5129 | 59 | 3 | ولولا أن كتب الله عليهم الجلاء لعذبهم في الدنيا ولهم في الآخرة عذاب النار |
| | | ۽ جيڪڏھن الله مٿن ديس نيڪالي نه لکي ھا ته کين (ٻيءَ طرح) دنيا ۾ عذاب ڪري ھا، ۽ انھن کي آخرت ۾ (به) باھ جو عذاب آھي. |
|