بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
51185814ألم تر إلى الذين تولوا قوما غضب الله عليهم ما هم منكم ولا منهم ويحلفون على الكذب وهم يعلمون
(اي پيغمبر) انھن ڏانھن نه ڏٺو اٿئي ڇا جن ھڪ اھڙي قوم سان دوستي رکي جن تي الله ڏمريو آھي، نڪي اُھي (يعني منافق) اوھان مان آھن ۽ نڪي اُنھن (يھودين) مان آھن، ۽ اُھي ڄاڻي ٻجھي ڪوڙ تي قسم کڻندا آھن.
51195815أعد الله لهم عذابا شديدا إنهم ساء ما كانوا يعملون
اُنھن لاءِ الله سخت عذاب تيار ڪيو آھي، بيشڪ اُھي جيڪي ڪندا آھن سو بڇڙو آھي.
51205816اتخذوا أيمانهم جنة فصدوا عن سبيل الله فلهم عذاب مهين
پنھنجن قَسمن کي ڍال ڪري ورتو اٿن ۽ الله جي واٽ کان (ماڻھن کي) جھليائون تنھنڪري انھن لاءِ خواري ڏيندڙ عذاب آھي.
51215817لن تغني عنهم أموالهم ولا أولادهم من الله شيئا أولئك أصحاب النار هم فيها خالدون
الله (جي عذاب) کان نڪي سندن مال ۽ نڪي سندن اولاد کانئن ڪجھ به ٽاريندو، اُھي دوزخي آھن، اِھي اُن ۾ سدائين رھندا.
51225818يوم يبعثهم الله جميعا فيحلفون له كما يحلفون لكم ويحسبون أنهم على شيء ألا إنهم هم الكاذبون
جنھن ڏينھن انھن مڙني کي الله اٿاريندو تنھن ڏينھن سندس آڏو (ائين) قسم کڻندا جئن اوھان جي آڏو قَسم کڻندا آھن ۽ ڀائيندا آھن ته اُھي ڪنھن چڱي ڳالھ تي آھن، خبردار ٿيو بيشڪ اُھي اصل ڪوڙا آھن.
51235819استحوذ عليهم الشيطان فأنساهم ذكر الله أولئك حزب الشيطان ألا إن حزب الشيطان هم الخاسرون
مٿن شيطان غالب ٿي ويو آھي پوءِ اُنھن (جي دل) کان الله جي يادگيري وساريائين، اِھي (ماڻھو) شيطان جي جماعت آھن، خبردار (ٿيو ته) بيشڪ شيطان جي جماعت ئي ٽوٽي واري آھي.
51245820إن الذين يحادون الله ورسوله أولئك في الأذلين
بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس پيغمبر (جي حُڪم) کان مخالفت ڪندا آھن سي تمام خواريءَ وارن (ماڻھن) ۾ آھن.
51255821كتب الله لأغلبن أنا ورسلي إن الله قوي عزيز
الله لکي ڇڏيو آھي ته آءٌ ضرور غالب رھندس ۽ منھنجا پيغمبر به، بيشڪ الله سگھارو غالب آھي.
51265822لا تجد قوما يؤمنون بالله واليوم الآخر يوادون من حاد الله ورسوله ولو كانوا آباءهم أو أبناءهم أو إخوانهم أو عشيرتهم أولئك كتب في قلوبهم الإيمان وأيدهم بروح منه ويدخلهم جنات تجري من تحتها الأنهار خالدين فيها رضي الله عنهم ورضوا عنه أولئك حزب الله ألا إن حزب الله هم المفلحون
(اي پيغمبر) اھڙي قوم جيڪا الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندي ھجي تنھن کي تون (ھن وصف سان) نه ڏسندين ته جنھن الله ۽ سندس پيغمبر جي مخالفت ڪئي آھي تنھن سان دوستي رکندا ھجن توڙيڪ اُھي سندن پيئر يا سندن پُٽ يا سندن ڀائر يا سندن مائٽ ھجن، اِھي (مؤمن اُھي) آھن جن جي دلين ۾ الله ايمان لکيو آھي ۽ جن کي پنھنجي فيض سان سگھ ڏني اٿس، ۽ انھن کي اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن ھو اُنھيءَ ۾ سدائين رھندا، الله کانئن راضي ٿيو ۽ اُھي کانئس راضي ٿيا، اُھي الله جي جماعت آھن، خبردار (ٿيو ته) بيشڪ الله جي جماعت ئي ڇُٽڻ واري آھي.
5127591بسم الله الرحمن الرحيم سبح لله ما في السماوات وما في الأرض وهو العزيز الحكيم
جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو سڀ الله جي پاڪائي بيان ڪندو آھي، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.


0 ... 501.7 502.7 503.7 504.7 505.7 506.7 507.7 508.7 509.7 510.7 512.7 513.7 514.7 515.7 516.7 517.7 518.7 519.7 520.7 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.03 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

608569321832601364856172492559329422125