نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
5111 | 58 | 7 | ألم تر أن الله يعلم ما في السماوات وما في الأرض ما يكون من نجوى ثلاثة إلا هو رابعهم ولا خمسة إلا هو سادسهم ولا أدنى من ذلك ولا أكثر إلا هو معهم أين ما كانوا ثم ينبئهم بما عملوا يوم القيامة إن الله بكل شيء عليم |
| | | نه ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله ڄاڻندو آھي، (ڪٿي به پاڻ ۾) ٽن ڄڻن جي ڳُجھي صلاح ڪرڻ نه ھوندي آھي پر اُنھن مان چوٿون الله آھي ۽ نڪي پنجن (ڄڻن) جي پر انھن ۾ ڇھون الله آھي ۽ نڪي ان (ڳاڻاٽي) کان تمام گھٽ ۽ تمام وڌ آھن پر الله ساڻن آھي جتي به ھجن، وري جيڪي ڪيو اٿن (تنھنجي) قيامت جي ڏينھن کين سُڌ ڏيندو، بيشڪ الله سڀڪنھن شيءِ کي ڄاڻندڙ آھي. |
|
5112 | 58 | 8 | ألم تر إلى الذين نهوا عن النجوى ثم يعودون لما نهوا عنه ويتناجون بالإثم والعدوان ومعصيت الرسول وإذا جاءوك حيوك بما لم يحيك به الله ويقولون في أنفسهم لولا يعذبنا الله بما نقول حسبهم جهنم يصلونها فبئس المصير |
| | | (اي پيغمبر) انھن ڏانھن نه ڏٺو اٿئي ڇا جن کي ڳُجھين صلاحن ڪرڻ کان جھليو ويو وري جنھن کان جھليا ويا سوئي ڪندا آھن ۽ گناھ ۽ حد کان لنگھڻ ۽ پيغمبر جي نافرماني ڪرڻ بابت پاڻ ۾ ڳجھيون صلاحون ڪندا آھن، ۽ جڏھن تو وٽ ايندا آھن (تڏھن) توکي انھي (لفظ) سان سلام ڪندا آھن جنھن سان توکي الله سلام نه ڪيو آھي ۽ پنھنجين دلين ۾ چوندا آھن ته جيڪي چوندا آھيون تنھن جي ڪري الله اسان کي ڇونه ٿو عذاب ڪري؟ کين دوزخ بس آھي، ان ۾ پوندا، پوءِ (دوزخ) بڇڙي جاءِ آھي. |
|
5113 | 58 | 9 | يا أيها الذين آمنوا إذا تناجيتم فلا تتناجوا بالإثم والعدوان ومعصيت الرسول وتناجوا بالبر والتقوى واتقوا الله الذي إليه تحشرون |
| | | اي ايمان وارؤ جڏھن (اوھين) پاڻ ۾ (ڪا) ڳُجھي صلاح ڪريو ته گناھ ۽ حد کان لنگھڻ ۽ پيغمبر جي نافرمانيءَ بابت (ڪابه) پاڻ ۾ صلاح نه ڪريو ۽ پاڻ ۾ چڱائي ۽ پرھيزگاريءَ بابت صلاح ڪريو، ۽ انھيءَ الله کان ڊڄو جنھن ڏانھن گڏ ڪيا ويندؤ. |
|
5114 | 58 | 10 | إنما النجوى من الشيطان ليحزن الذين آمنوا وليس بضارهم شيئا إلا بإذن الله وعلى الله فليتوكل المؤمنون |
| | | بڇڙي صلاح ڪرڻ ته شيطان جو ڪم آھي ھن لاءِ ته مؤمنن کي دلگير ڪري ۽ ھو الله جي حُڪم کانسواءِ کين ڪجھ به نُقصان پُھچائڻ وارو نه آھي، ۽ جڳائي ته مؤمن الله تي ڀروسو ڪن. |
|
5115 | 58 | 11 | يا أيها الذين آمنوا إذا قيل لكم تفسحوا في المجالس فافسحوا يفسح الله لكم وإذا قيل انشزوا فانشزوا يرفع الله الذين آمنوا منكم والذين أوتوا العلم درجات والله بما تعملون خبير |
| | | اي ايمان وارؤ جڏھن اوھان کي چئجي ته (پنھنجين) مجلسن ۾ جاءِ ڪشادي ڪريو پوءِ (جاءِ) ڪشادي ڪريو ته الله به اوھان جي لاءِ ڪشادگي ڪري، ۽ جڏھن چئجي ته اُٿو تڏھن اُٿو ته اوھان مان جن ايمان آندو آھي ۽ جن کي علم ڏنو ويو تن جا مرتبا الله وڏا ڪري، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي. |
|
5116 | 58 | 12 | يا أيها الذين آمنوا إذا ناجيتم الرسول فقدموا بين يدي نجواكم صدقة ذلك خير لكم وأطهر فإن لم تجدوا فإن الله غفور رحيم |
| | | اي ايمان وارؤ جڏھن اوھين (گھرو ته) پيغمبر سان ڪا ڳجھي ڳالھ ڪريو تڏھن پنھنجي ڳجھي ڳالھ ڪرڻ کان اڳ پھريائين خيرات ڏيو، اھو (ڪم) اوھان لاءِ ڀَلو ۽ تمام سٺو آھي، پوءِ جيڪڏھن ڪُجھ نه لھو ته بيشڪ الله بخشڻھار مھربا آھي. |
|
5117 | 58 | 13 | أأشفقتم أن تقدموا بين يدي نجواكم صدقات فإذ لم تفعلوا وتاب الله عليكم فأقيموا الصلاة وآتوا الزكاة وأطيعوا الله ورسوله والله خبير بما تعملون |
| | | اوھين (انھي ڳالھ کان) ڊڄي ويؤ ڇا ته پنھنجي ڳالھ چوڻ کان اڳي خيرات ڏيو، پوءِ جڏھن اوھان نه ڪيو ۽ الله اوھان کان ٽارو ڪيو تڏھن نماز پڙھندا رھو ۽ زڪوٰة ڏيندا رھو ۽ الله ۽ سندس پيغمبر جو چيو مڃيو، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي. |
|
5118 | 58 | 14 | ألم تر إلى الذين تولوا قوما غضب الله عليهم ما هم منكم ولا منهم ويحلفون على الكذب وهم يعلمون |
| | | (اي پيغمبر) انھن ڏانھن نه ڏٺو اٿئي ڇا جن ھڪ اھڙي قوم سان دوستي رکي جن تي الله ڏمريو آھي، نڪي اُھي (يعني منافق) اوھان مان آھن ۽ نڪي اُنھن (يھودين) مان آھن، ۽ اُھي ڄاڻي ٻجھي ڪوڙ تي قسم کڻندا آھن. |
|
5119 | 58 | 15 | أعد الله لهم عذابا شديدا إنهم ساء ما كانوا يعملون |
| | | اُنھن لاءِ الله سخت عذاب تيار ڪيو آھي، بيشڪ اُھي جيڪي ڪندا آھن سو بڇڙو آھي. |
|
5120 | 58 | 16 | اتخذوا أيمانهم جنة فصدوا عن سبيل الله فلهم عذاب مهين |
| | | پنھنجن قَسمن کي ڍال ڪري ورتو اٿن ۽ الله جي واٽ کان (ماڻھن کي) جھليائون تنھنڪري انھن لاءِ خواري ڏيندڙ عذاب آھي. |
|