نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
5101 | 57 | 26 | ولقد أرسلنا نوحا وإبراهيم وجعلنا في ذريتهما النبوة والكتاب فمنهم مهتد وكثير منهم فاسقون |
| | | ۽ بيشڪ نُوح ۽ ابراھيم کي موڪليوسون ۽ سندن اولاد ۾ پيغمبري ۽ ڪتاب (امانت) رکيوسون پوءِ منجھائن ڪي ھدايت وارا آھن، ۽ منجھائن گھڻا بي دين آھن. |
|
5102 | 57 | 27 | ثم قفينا على آثارهم برسلنا وقفينا بعيسى ابن مريم وآتيناه الإنجيل وجعلنا في قلوب الذين اتبعوه رأفة ورحمة ورهبانية ابتدعوها ما كتبناها عليهم إلا ابتغاء رضوان الله فما رعوها حق رعايتها فآتينا الذين آمنوا منهم أجرهم وكثير منهم فاسقون |
| | | وري پٺيانئن پنھنجا (ٻيا) پيغمبر موڪلياسون ۽ پوئتان عيسىٰ پُٽ مريم جي کي موڪليوسون ۽ کيس انجيل ڏنوسون، ۽ جن سندس تابعداري ڪئي تن جي دلين ۾ نرمي ۽ ٻاجھ رکي سون، ۽ اُھا گوشه نشيني جا پاڻ ٺاھي ھوائون سا اسان مٿن فرض نه ڪئي ھُئي پر الله جي رضامندي جي طلب لاءِ پاڻ ٺاھي ھوائون پوءِ اُن جو پورو حق نظر نه رکيائون، پوءِ منجھائن جن ايمان آندو تن کي سندن اجر ڏنوسون، ۽ منجھائن گھڻا بي دين آھن. |
|
5103 | 57 | 28 | يا أيها الذين آمنوا اتقوا الله وآمنوا برسوله يؤتكم كفلين من رحمته ويجعل لكم نورا تمشون به ويغفر لكم والله غفور رحيم |
| | | اي ايمان وارؤ الله کان ڊڄو ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ته اوھان کي پنھنجي ٻاجھ مان به ڀاڱا ڏئي ۽ اوھان کي اھڙو نُور ڏئي جنھن سان (رستو) ھلو ۽ اوھان کي بخشي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي. |
|
5104 | 57 | 29 | لئلا يعلم أهل الكتاب ألا يقدرون على شيء من فضل الله وأن الفضل بيد الله يؤتيه من يشاء والله ذو الفضل العظيم |
| | | ھن ڪري (الله ھي خبر ڏني) ته اھل ڪتاب جا ڄاڻن ته اُھي الله جي فضل مان ڪنھن شيءَ تي سگھ رکي نه سگھندا آھن ۽ ته فضل الله جي ھٿ ۾ آھي جنھن کي وڻيس تنھن کي ڏيندو آھي، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي. |
|
5105 | 58 | 1 | بسم الله الرحمن الرحيم قد سمع الله قول التي تجادلك في زوجها وتشتكي إلى الله والله يسمع تحاوركما إن الله سميع بصير |
| | | بيشڪ الله انھيءَ (زال) جو ڳالھائڻ ٻڌو جنھن مڙس بابت توسان جھڳڙو ٿي ڪيو ۽ الله جي آڏو (پنھنجو) ڏک جو احوال (بيان) ٿي ڪيو، ۽ الله اوھان ٻنھي جو پاڻ ۾ ڳالھائڻ ٻڌو ٿي، بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي. |
|
5106 | 58 | 2 | الذين يظاهرون منكم من نسائهم ما هن أمهاتهم إن أمهاتهم إلا اللائي ولدنهم وإنهم ليقولون منكرا من القول وزورا وإن الله لعفو غفور |
| | | اوھان مان جيڪي پنھنجين زالن کي ماءُ ڪوٺي وھندا آھن اُھي (زالون ڪي) اُنھن جون مائر نه آھن، سندن مائر (ته) اُھي آھن جن کين ڄڻيو آھي، بيشڪ اُھي (ائين چوندڙ) ھڪ اڻ جڳائيندڙ ڳالھ ۽ ڪوڙ چوندا آھن، ۽ بيشڪ الله معافي ڏيندڙ بخشڻھار آھي. |
|
5107 | 58 | 3 | والذين يظاهرون من نسائهم ثم يعودون لما قالوا فتحرير رقبة من قبل أن يتماسا ذلكم توعظون به والله بما تعملون خبير |
| | | ۽ جيڪي پنھنجي زالن ئي ماءُ ڪوٺي وھندا آھن سي وري جيڪي چيائون تنھن کان (پوئتي) موٽندا آھن ته ٻنھي (زال مڙس) جي پاڻ ۾ ھٿ لائڻ کان اڳ (ھڪ) ٻانھون آجو ڪرڻ واجب آھي، انھي (حُڪم) سان اوھان کي نصيحت ڏجي ٿي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي. |
|
5108 | 58 | 4 | فمن لم يجد فصيام شهرين متتابعين من قبل أن يتماسا فمن لم يستطع فإطعام ستين مسكينا ذلك لتؤمنوا بالله ورسوله وتلك حدود الله وللكافرين عذاب أليم |
| | | پوءِ جيڪو (ٻانھي کي) نه لھي (تنھن تي) ٻنھي جي پاڻ ۾ ھٿ لائڻ کان اڳ ٻه مھينا لڳولڳ روزا رکڻ (واجب) آھن، پوءِ جيڪي (روزا رکي) نه سگھي تنھن تي سٺ مسڪينن جو کارائڻ (واجب) آھي، اِھو (حُڪم) ھن لاءِ آھي ته (اوھين) الله ۽ سندس پيغمبر (جي حڪم) کي مڃيو، ۽ اھي الله جون (مقرر ڪيل) حدون آھن، ۽ مُنڪرن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي. |
|
5109 | 58 | 5 | إن الذين يحادون الله ورسوله كبتوا كما كبت الذين من قبلهم وقد أنزلنا آيات بينات وللكافرين عذاب مهين |
| | | بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس پيغمبر جي مُخالفت ڪندا آھن تن کي (ائين) خوار ڪيو ويو جيئن اُنھن کي خوار ڪيو ويو جيڪي کائن اڳ ھوا ۽ بيشڪ پڌريون آيتون نازل ڪيون سون، ۽ مُنڪرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آھي. |
|
5110 | 58 | 6 | يوم يبعثهم الله جميعا فينبئهم بما عملوا أحصاه الله ونسوه والله على كل شيء شهيد |
| | | جنھن ڏينھن انھن مڙني کي الله اُٿاريندو (تنھن ڏينھن) کين (انھيءَ جي) سُڌ ڏيندو جيڪي ڪمايو ھوائون، الله اُن کي ڳڻي رکيو آھي ۽ (ھنن) اُھو وساري ڇڏيو، ۽ الله ھر شيءِ تي خبر رکڻ وارو آھي. |
|