بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
5082577آمنوا بالله ورسوله وأنفقوا مما جعلكم مستخلفين فيه فالذين آمنوا منكم وأنفقوا لهم أجر كبير
الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ اُنھيءَ مال مان خرچيو جنھن ۾ اوھان کي ٻـين جو وارث ڪيو اٿس، ۽ اوھان مان جن ايمان آندو ۽ (الله جي واٽ ۾) خرچ ڪيو تن لاءِ وڏو اجر آھي.
5083578وما لكم لا تؤمنون بالله والرسول يدعوكم لتؤمنوا بربكم وقد أخذ ميثاقكم إن كنتم مؤمنين
۽ اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو الله تي ايمان نه ٿا آڻيو؟ حالانڪ پيغمبر اوھان کي سڏي ٿو ته اوھين پنھنجي پالڻھار تي ايمان آڻيو ۽ بيشڪ الله اوھان کان انجام ورتو آھي جيڪڏھن مڃڻ وارا آھيو.
5084579هو الذي ينزل على عبده آيات بينات ليخرجكم من الظلمات إلى النور وإن الله بكم لرءوف رحيم
(الله) اُھو آھي جيڪو پنھنجي ٻانھي (محمّد) تي پڌريون آيتون نازل ڪندو آھي ته (ڪفر جي) اونداھين مان (اسلام جي) سوجھري ڏانھن اوھان کي ڪڍي، ۽ بيشڪ الله اوھان تي شفقت ڪندڙ مھربان آھي.
50855710وما لكم ألا تنفقوا في سبيل الله ولله ميراث السماوات والأرض لا يستوي منكم من أنفق من قبل الفتح وقاتل أولئك أعظم درجة من الذين أنفقوا من بعد وقاتلوا وكلا وعد الله الحسنى والله بما تعملون خبير
۽ اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو الله جي واٽ ۾ نه خرچيندا آھيو حالانڪ آسمانن ۽ زمين جي ميراث خاص الله جي آھي، جنھن (مڪي جي) فتح کان اڳ خرچ ڪيو ۽ (الله جي دين لاءِ ڪافرن سان) وڙھيو تنھنجي برابر اوھان مان ڪوبه ڪونھي، اھي انھن کان تمام وڏي مرتبي وارا آھن جن (فتح کان) پوءِ خرچ ڪيو ۽ (دين لاءِ) وڙھيا، ۽ ھر ھڪ کي الله چڱو انجام ڏنو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله (پوري) خبر رکندڙ آھي.
50865711من ذا الذي يقرض الله قرضا حسنا فيضاعفه له وله أجر كريم
اُھو ڪير آھي جو الله کي چڱو قرض ڏئي پوءِ (الله) اُھو (قرض) اُن کي ٻيڻو ڪري ڏيندو ۽ اُن لاءِ سڳورو اجر آھي.
50875712يوم ترى المؤمنين والمؤمنات يسعى نورهم بين أيديهم وبأيمانهم بشراكم اليوم جنات تجري من تحتها الأنهار خالدين فيها ذلك هو الفوز العظيم
(ياد ڪر) جنھن ڏينھن مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي (ھن حالت ۾) ڏسندين جو سندن نُور اُنھن جي اڳيان ۽ انھن جي ساڄن پاسن کان پيو ڊوڙندو (چئبن ته) اوھان کي خوشخبري ھجي جو اڄ اوھان لاءِ اھڙا باغ آھن جن جي ھيٺان واھيون پيون وَھن اُتي سدائين رھندؤ، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.
50885713يوم يقول المنافقون والمنافقات للذين آمنوا انظرونا نقتبس من نوركم قيل ارجعوا وراءكم فالتمسوا نورا فضرب بينهم بسور له باب باطنه فيه الرحمة وظاهره من قبله العذاب
جنھن ڏينھن منافق ۽ منافقياڻيون (گڏجي) مؤمنن کي چوندا ته ترسو (ته سھي) ته اوھان جي (ايماني) نُور مان (ڪجھ) روشني وٺون چيو ويندو ته اوھين پنھنجي پٺ تي (دنيا ڏانھن) موٽو پوءِ ڪو سوجھرو ڳوليو، پوءِ سندن وچ ۾ ھڪ اھڙي ڀت ھنئي ويندي جنھن کي دروازو ھوندو، اُن ڀت جي اندارن رحمت ھوندي ۽ ان جي ٻاھرين پاسي کان عذاب.
50895714ينادونهم ألم نكن معكم قالوا بلى ولكنكم فتنتم أنفسكم وتربصتم وارتبتم وغرتكم الأماني حتى جاء أمر الله وغركم بالله الغرور
منافق مُسلمانن کي سڏيندا ۽ چوندا ته اسين اوھان سان (دنيا ۾) گڏ نه ھواسون ڇا؟ (مُسلمان) چوندا ته ھائو پر پنھنجو پاڻ کي جوکي ۾ وڌوَ ۽ (ايمان آڻڻ ۾) دير ڪندا رھيؤ ۽ (نبوت ۾) شڪ آندو ۽ اوھان کي سَڌن ٺڳي ڇڏيو تان جو الله جو حُڪم آيو ۽ اوھان کي الله (جي حُڪم مڃڻ) کان (شيطان) ٺڳيندڙ ٺڳي ڇڏيو.
50905715فاليوم لا يؤخذ منكم فدية ولا من الذين كفروا مأواكم النار هي مولاكم وبئس المصير
تنھن ڪري (اي منافقؤ) اڄ نڪي اوھان کان ۽ نڪي ڪافرن کان ڪو بدلو وٺبو، اوھان جي جاءِ (دوزخ جي) باھ آھي، اھا اوھان جي لائق آھي، ۽ اھا موٽڻ جي جاءِ بڇڙي آھي.
50915716ألم يأن للذين آمنوا أن تخشع قلوبهم لذكر الله وما نزل من الحق ولا يكونوا كالذين أوتوا الكتاب من قبل فطال عليهم الأمد فقست قلوبهم وكثير منهم فاسقون
اڃا مؤمنن لاءِ اُھو وقت نه آيو آھي ڇا؟ جو الله جي ياد ڪرڻ وقت ۽ وحي الٰھيءَ مان جيڪو نازل ٿيو تنھن (جي ياد) آڻڻ وقت سندن دليون آزي ڪن ۽ انھن وانگر نه ٿين جن کي ھن کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو پوءِ مٿن ڊگھي مدت گذري تنھنڪري سندن دليون سخت ٿي ويون، ۽ منجھائن گھڻا بي دين آھن.


0 ... 498.1 499.1 500.1 501.1 502.1 503.1 504.1 505.1 506.1 507.1 509.1 510.1 511.1 512.1 513.1 514.1 515.1 516.1 517.1 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.03 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

37624611186188421721934007108939862844