بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
50745695إن هذا لهو حق اليقين
بيشڪ ھي خبر پوري يقيني آھي.
50755696فسبح باسم ربك العظيم
تنھنڪري پنھنجي پالڻھار وڏي جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر.
5076571بسم الله الرحمن الرحيم سبح لله ما في السماوات والأرض وهو العزيز الحكيم
جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سڀ الله جي پاڪائي بيان ڪندو آھي، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.
5077572له ملك السماوات والأرض يحيي ويميت وهو على كل شيء قدير
آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي اُن جي آھي، (اُھو) جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.
5078573هو الأول والآخر والظاهر والباطن وهو بكل شيء عليم
اُھو (سڀ کان) پھريون ۽ (سڀ کان) پويون ۽ پڌرو ۽ ڳجھو آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شيءِ کي ڄاڻندڙ آھي.
5079574هو الذي خلق السماوات والأرض في ستة أيام ثم استوى على العرش يعلم ما يلج في الأرض وما يخرج منها وما ينزل من السماء وما يعرج فيها وهو معكم أين ما كنتم والله بما تعملون بصير
(الله) اُھو آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو وري عرش تي متوجه ٿيو، جيڪي زمين ۾ گھڙندو آھي ۽ جيڪي نڪرندو آھي ۽ جيڪي آسمان مان لھندو آھي ۽ جيڪي منجھس چڙھي ويندو آھي سو (سڀ) اُھو ڄاڻندو آھي، ۽ جتي اوھين ھجو اُتي اھو اوھان سان گڏ آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.
5080575له ملك السماوات والأرض وإلى الله ترجع الأمور
آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي اُن جي آھي، ۽ الله ڏانھن سڀ ڪم ورايا وڃن ٿا.
5081576يولج الليل في النهار ويولج النهار في الليل وهو عليم بذات الصدور
رات کي ڏينھن ۾ گھيڙيندو آھي ۽ ڏينھن کي رات ۾ گھيڙيندو آھي، ۽ اُھوسِينن وارو (ڳجھ) ڄاڻندڙ آھي.
5082577آمنوا بالله ورسوله وأنفقوا مما جعلكم مستخلفين فيه فالذين آمنوا منكم وأنفقوا لهم أجر كبير
الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ اُنھيءَ مال مان خرچيو جنھن ۾ اوھان کي ٻـين جو وارث ڪيو اٿس، ۽ اوھان مان جن ايمان آندو ۽ (الله جي واٽ ۾) خرچ ڪيو تن لاءِ وڏو اجر آھي.
5083578وما لكم لا تؤمنون بالله والرسول يدعوكم لتؤمنوا بربكم وقد أخذ ميثاقكم إن كنتم مؤمنين
۽ اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو الله تي ايمان نه ٿا آڻيو؟ حالانڪ پيغمبر اوھان کي سڏي ٿو ته اوھين پنھنجي پالڻھار تي ايمان آڻيو ۽ بيشڪ الله اوھان کان انجام ورتو آھي جيڪڏھن مڃڻ وارا آھيو.


0 ... 497.3 498.3 499.3 500.3 501.3 502.3 503.3 504.3 505.3 506.3 508.3 509.3 510.3 511.3 512.3 513.3 514.3 515.3 516.3 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

309719123978140991858199929862272295