نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
5044 | 56 | 65 | لو نشاء لجعلناه حطاما فظلتم تفكهون |
| | | جيڪڏھن گھُرون ته اُن کي ناس ڪري ڇڏيون پوءِ اوھين حيرت ۾ رھجي وڃو. |
|
5045 | 56 | 66 | إنا لمغرمون |
| | | (۽ پيا چئو) ته بيشڪ اسين ٽوٽي ۾ پئجي وياسون. |
|
5046 | 56 | 67 | بل نحن محرومون |
| | | بلڪ اسين بي نصيب آھيون. |
|
5047 | 56 | 68 | أفرأيتم الماء الذي تشربون |
| | | ڀلا ڏسو ته سھي جيڪو پاڻي پيئندا آھيو. |
|
5048 | 56 | 69 | أأنتم أنزلتموه من المزن أم نحن المنزلون |
| | | اُھو اوھين ڪڪرن مان ھيٺ لاھيندا آھيو ڇا يا اسين ھيٺ لاھيندا آھيون؟ |
|
5049 | 56 | 70 | لو نشاء جعلناه أجاجا فلولا تشكرون |
| | | جيڪڏھن گھُرون ته اُن کي کارو ڪري ڇڏيون پوءِ ڇونه شڪرانو ڪندا آھيو؟ |
|
5050 | 56 | 71 | أفرأيتم النار التي تورون |
| | | ڀلا ڏسو ته سھي ته جا باھ ٻاريندا آھيو. |
|
5051 | 56 | 72 | أأنتم أنشأتم شجرتها أم نحن المنشئون |
| | | تنھن جي وڻ کي اوھان پيدا ڪيو آھيو آھي ڇا؟ يا اسين پيدا ڪندڙ آھيون. |
|
5052 | 56 | 73 | نحن جعلناها تذكرة ومتاعا للمقوين |
| | | اسان اُن (وڻ) کي نصيحت وٺڻ لاءِ ۽ مسافرن جي فائدي لاءِ پيدا ڪيو آھي. |
|
5053 | 56 | 74 | فسبح باسم ربك العظيم |
| | | تنھنڪري پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائي سان ياد ڪر. |
|