نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
501 | 4 | 8 | وإذا حضر القسمة أولو القربى واليتامى والمساكين فارزقوهم منه وقولوا لهم قولا معروفا |
| | | ۽ جڏھن ورھاڱي مھل مائٽيءَ وارا ۽ يتيم ۽ مسڪين حاضر ٿين تڏھن اُن (مال) مان اُنھن ماڻھن کي (ڪجھ) ڏيو ۽ اُنھن کي مٺي ڳالھ چئو. |
|
502 | 4 | 9 | وليخش الذين لو تركوا من خلفهم ذرية ضعافا خافوا عليهم فليتقوا الله وليقولوا قولا سديدا |
| | | ۽ اُنھن کي (الله کان) ڊڄڻ گھرجي جيڪي جيڪڏھن پنھنجي پٺيان ھيڻو اولاد ڇڏين ته مٿن ڊڄن (ته ڪھڙو حال ٿيندن)، پوءِ گھرجي ته الله کان ڊڄن ۽ گھرجي ته سڌي ڳالھه چون. |
|
503 | 4 | 10 | إن الذين يأكلون أموال اليتامى ظلما إنما يأكلون في بطونهم نارا وسيصلون سعيرا |
| | | جيڪي يتيمن جو مال ڏاڍ سان کائيندا آھن سي پنھنجن پيٽن ۾ رڳو باھ کائيندا آھن، ۽ دوزخ ۾ سگھو گھِڙندا. |
|
504 | 4 | 11 | يوصيكم الله في أولادكم للذكر مثل حظ الأنثيين فإن كن نساء فوق اثنتين فلهن ثلثا ما ترك وإن كانت واحدة فلها النصف ولأبويه لكل واحد منهما السدس مما ترك إن كان له ولد فإن لم يكن له ولد وورثه أبواه فلأمه الثلث فإن كان له إخوة فلأمه السدس من بعد وصية يوصي بها أو دين آباؤكم وأبناؤكم لا تدرون أيهم أقرب لكم نفعا فريضة من الله إن الله كان عليما حكيما |
| | | الله اوھان جي اولاد بابت اوھان کي وصيت ٿو ڪري، ته پُٽ لاءِ (حصّو) ٻن ڌيئرن جي ڀاڱي جيترو آھي، ۽ جيڪڏھن (فقط) ڌيئرون ٻن کان وڌيڪ ھجن ته (مُئَل) جيڪي ڇڏيو تنھن جون ٻه ٽھايون اُنھن لاءِ آھن، ۽ جيڪڏھن (فقط) ھڪ آھي ته اُن لاءِ اڌ آھي، ۽ مئل جيڪي ڇڏيو تنھن مان اُن جي ماءُ پيءُ ھر ھڪ لاءِ ڇھون ڀاڱو آھي (سو تڏھن) جڏھن اُن (مئل) کي اولاد ھجي، ۽ جيڪڏھن اُن کي اولاد نه ھُجي ۽ اُن جا وارث ماءُ پيءُ ھجن ته ماڻس لاءِ ٽيون ڀاڱو (۽ باقي پڻس لاءِ) آھي، ۽ جيڪڏھن اُن (مئل) کي ڀائر ھجن ته ماڻس لاءِ ڇھون حصّو آھي (اِھو ورھاڱو) وصيّت (جي ادائيءَ کان پوءِ) جنھن لاءِ اُھا وصيّت ڪيائين يا قرض جي ادائيءَ کانپوءِ (ڪرڻو) آھي، اوھان جا پيئر ۽ اوھان جا پُٽ، (اوھين) نه ڄاڻندا آھيو ته اُنھن مان ڪھڙو اوھان لاءِ فائدي جي ڪري وڌيڪ ويجھو آھي، (اِھو ورھاڱو) الله جي (پارکان) فرض ڪيل آھي، ڇوته الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي. |
|
505 | 4 | 12 | ولكم نصف ما ترك أزواجكم إن لم يكن لهن ولد فإن كان لهن ولد فلكم الربع مما تركن من بعد وصية يوصين بها أو دين ولهن الربع مما تركتم إن لم يكن لكم ولد فإن كان لكم ولد فلهن الثمن مما تركتم من بعد وصية توصون بها أو دين وإن كان رجل يورث كلالة أو امرأة وله أخ أو أخت فلكل واحد منهما السدس فإن كانوا أكثر من ذلك فهم شركاء في الثلث من بعد وصية يوصى بها أو دين غير مضار وصية من الله والله عليم حليم |
| | | ۽ جيڪي (مال) اوھان جي زالن ڇڏيو تنھن جو اَڌ اوھان لاءِ آھي جيڪڏھن انھن کي ڪو وياءُ ڪونه ھجي، پر جيڪڏھن اُنھن کي ڪو وياءُ ھجي ته جيڪي ڇڏيائون تنھن مان چوٿون ڀاڱو وصيت (جي ادائيءَ کانپوءِ) جنھن لاءِ اُھا وصيت ڪيائون يا قرض جي ادائيءَ کان پوءِ اوھان لاءِ آھي، ۽ جيڪي (مال) اوھان ڇڏيو تنھن مان جيڪڏھن اوھان کي ڪو وياءُ ڪونھي ته اُنھن (زالن) لاءِ چوٿون ڀاڱو آھي، ۽ جيڪڏھن اوھان کي وياءُ آھي ته جيڪي (مال) اوھان ڇڏيو تنھن مان وصيت (جي ادائيءَ) جنھن لاءِ اُھا وصيت ڪئي اَٿَوَ يا قرض جي ادائيءَ کانپوءِ اُنھن (زالن) لاءِ اٺون ڀاڱو آھي، ۽ جيڪڏھن ڪو (مئل) مڙس يا زال ورثو ڇڏي (۽ اُھو) ڪلاله ھجي (يعني جنھنکي ماءُ پيءُ ۽ وياءُ نه ھجي) ۽ اُن کي (مائيتو) ھڪ ڀاءُ يا ھڪ ڀيڻ ھجي ته اُنھن منجھان ھر ھڪ لاءِ ڇھون حصو آھي، ۽ جيڪڏھن اِنھن کان وڌيڪ ھجي ته اُھي (سڀ) جا وصيت نقصان واري نه ڪئي ويئي ھجي تنھن يا قرض جي ادائيءَ کانپوءِ ٽھائيءَ ۾ ڀائيوار آھن، اُھو الله جو حُڪم آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ بُردبار آھي. |
|
506 | 4 | 13 | تلك حدود الله ومن يطع الله ورسوله يدخله جنات تجري من تحتها الأنهار خالدين فيها وذلك الفوز العظيم |
| | | اِھي الله جون حدون آھن، ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندو تنھن کي (الله اھڙن) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن اُن ۾ سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ اِھا وڏي مراد ماڻڻ آھي. |
|
507 | 4 | 14 | ومن يعص الله ورسوله ويتعد حدوده يدخله نارا خالدا فيها وله عذاب مهين |
| | | ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي بي فرماني ڪندو ۽ سندس حدن کان ٻاھر نڪرندو تنھن کي باہ ۾ داخل ڪندو اُن ۾ سدائين رھڻ وارو آھي، ۽ اُن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آھي. |
|
508 | 4 | 15 | واللاتي يأتين الفاحشة من نسائكم فاستشهدوا عليهن أربعة منكم فإن شهدوا فأمسكوهن في البيوت حتى يتوفاهن الموت أو يجعل الله لهن سبيلا |
| | | ۽ اُوھان جي زالن مان جيڪي بي حيائيءَ جو ڪم ڪن تن تي پاڻ مان چار (مڙس) شاھد ڪريو، پوءِ جيڪڏھن (شاھد) شاھدي ڏين ته اُنھن کي ايستائين گھرن ۾ جھليو جيستائين کين موت ماري يا الله اُنھن لاءِ ڪا واٽ ڪري. |
|
509 | 4 | 16 | واللذان يأتيانها منكم فآذوهما فإن تابا وأصلحا فأعرضوا عنهما إن الله كان توابا رحيما |
| | | ۽ اوھان مان جيڪي ٻه (زاني ۽ زانياڻي) زنا ڪن تن کي مار ڏيو، پوءِ جيڪڏھن توبه ڪن ۽ پاڻ سڌارين ته اُنھن (جي مار ڏيڻ) کان مُڙو، ڇوته الله توبه قبول ڪندڙ مھربان آھي. |
|
510 | 4 | 17 | إنما التوبة على الله للذين يعملون السوء بجهالة ثم يتوبون من قريب فأولئك يتوب الله عليهم وكان الله عليما حكيما |
| | | الله کي رڳو اُنھن جي توبه ڪرڻ جڳائيندي آھي جيڪي بي سمجھائيءَ سان گناہ ڪندا آھن وري جھٽ پٽ توبه ڪندا آھن اُنھن تي الله (ٻاجھ سان) موٽندو آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي. |
|