بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
616اهدنا الصراط المستقيم
اسان کي سڌي واٽ ڏيکار.
717صراط الذين أنعمت عليهم غير المغضوب عليهم ولا الضالين
جا انھن جي واٽ آھي جن تي فضل ڪيو اٿئي، نه انھن جي (واٽ) جن تي (تنھنجو) ڏمر ٿيل آھي ۽ نه گمراھن جي (واٽ).
821بسم الله الرحمن الرحيم الم
الٓمٓ
922ذلك الكتاب لا ريب فيه هدى للمتقين
ھيءُ ڪتاب، جنھن ۾ ڪو شڪ ڪونھي، اُنھن خدا ترسن کي سِڌو رستو ڏيکاريندڙ آھي،
1023الذين يؤمنون بالغيب ويقيمون الصلاة ومما رزقناهم ينفقون
جيڪي اڻ ڏٺي تي ايمان آڻيندا آھن ۽ نماز پڙھندا آھن ۽ کين جيڪي رزق ڏنوسين تنھن مان خرچيندا آھن.
1124والذين يؤمنون بما أنزل إليك وما أنزل من قبلك وبالآخرة هم يوقنون
۽ اُھي (اي پيغمبر) جيڪو (قرآن) تو ڏانھن لاٿو ويو ۽ جيڪي توکان اڳ (ٻـين پيغمبرن تي) لاٿو ويو تنھن کي مڃيندا آھن ۽ اُھي آخرت تي يقين رکندا آھن.
1225أولئك على هدى من ربهم وأولئك هم المفلحون
اِھي ئي (انھيءَ) سڌي واٽ تي آھن جا سندن پالڻھار کان (ڏسيل) آھي ۽ اِھي ئي ڇوٽڪاري وارا آھن.
1326إن الذين كفروا سواء عليهم أأنذرتهم أم لم تنذرهم لا يؤمنون
بيشڪ جن انڪار ڪيو تن تي (اي پيغمبر!) تنھنجو کين ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين (سو) ھڪجھڙو آھي اِھي ايمان نه آڻيندا.
1427ختم الله على قلوبهم وعلى سمعهم وعلى أبصارهم غشاوة ولهم عذاب عظيم
الله سندن دلين تي ۽ سندن ڪنن تي مُھر ھنئي آھي، ۽ سندن اکين تي ڇَوڙُ (چڙھيل) آھي ۽ اُنھن لاءِ وڏو عذاب آھي.
1528ومن الناس من يقول آمنا بالله وباليوم الآخر وما هم بمؤمنين
۽ ماڻھن مان ڪي (اھڙا) آھن جي چوندا آھن ته الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيوسين ۽ حقيقت ۾ اُھي مؤمن نه آھن.


0 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

835166851433650480818703556538742372790