نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
4864 | 54 | 18 | كذبت عاد فكيف كان عذابي ونذر |
| | | عاد (قوم) ڪوڙ ڀانيو پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا ڪھڙيءَ طرح ھوا؟ |
|
4865 | 54 | 19 | إنا أرسلنا عليهم ريحا صرصرا في يوم نحس مستمر |
| | | بيشڪ اسان سخت طوفان کي تمام نڀاڳي ڏينھن ۾ مٿن موڪليو. |
|
4866 | 54 | 20 | تنزع الناس كأنهم أعجاز نخل منقعر |
| | | جو ماڻھن کي پٽيائين ٿي ڄڻڪ اُھي پاڙون پٽيل کجيءَ جا تڙ آھن. |
|
4867 | 54 | 21 | فكيف كان عذابي ونذر |
| | | پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا ڪھڙي طرح ھوا؟ |
|
4868 | 54 | 22 | ولقد يسرنا القرآن للذكر فهل من مدكر |
| | | ۽ بيشڪ قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو اٿون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟ |
|
4869 | 54 | 23 | كذبت ثمود بالنذر |
| | | ثمود جي قوم ڊيڄاريندڙن کي ڪوڙو ڀانيو. |
|
4870 | 54 | 24 | فقالوا أبشرا منا واحدا نتبعه إنا إذا لفي ضلال وسعر |
| | | پوءِ چيائون ته پنھنجي قوم مان ھڪ اھڙي ماڻھوءَ جي تابعداري ڪريون ڇا؟ (جي ائين ڪريون ته) بيشڪ اسين انھي مھل ضرور گمراھي ۽ چريائي ۾ ھونداسون. |
|
4871 | 54 | 25 | أألقي الذكر عليه من بيننا بل هو كذاب أشر |
| | | اسان جي وچان اُنھيءَ تي (ئي) وحيُ نازل ڪيو ويو ڇا؟ بلڪ اُھو وڏو ڪوڙو پاڻ پڏائيندڙ آھي. |
|
4872 | 54 | 26 | سيعلمون غدا من الكذاب الأشر |
| | | سڀاڻي ڄاڻندا ته پاڻ پڏائيندڙ ڏاڍو ڪوڙو ڪير آھي. |
|
4873 | 54 | 27 | إنا مرسلو الناقة فتنة لهم فارتقبهم واصطبر |
| | | بيشڪ اسين سندن پرک لاءِ (ھڪ) ڏاچي موڪلينداسون پوءِ (اي صالح) انھن جو منتظر رھ ۽ صبر ڪر. |
|