نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
4846 | 53 | 62 | فاسجدوا لله واعبدوا |
| | | پوءِ الله کي سجدو ڪريو ۽ عبادت ڪريو. |
|
4847 | 54 | 1 | بسم الله الرحمن الرحيم اقتربت الساعة وانشق القمر |
| | | قيامت ويجھي آئي ۽ چنڊ چيرجي پيو. |
|
4848 | 54 | 2 | وإن يروا آية يعرضوا ويقولوا سحر مستمر |
| | | ۽ جيڪڏھن (ڪافر) ڪا نشاني ڏسندا ته مُنھن موڙيندا ۽ چوندا ته ھيء قديمي جادو آھي. |
|
4849 | 54 | 3 | وكذبوا واتبعوا أهواءهم وكل أمر مستقر |
| | | ۽ ڪوڙ ڄاتائون ۽ پنھنجن سَڌن تي ھليا ۽ سڀڪو ڪم پنھنجي وقت تي ٺھرايل آھي. |
|
4850 | 54 | 4 | ولقد جاءهم من الأنباء ما فيه مزدجر |
| | | ۽ بيشڪ وٽن اُھي خبرون آيون آھن جن ۾ جھڻڪ آھي. |
|
4851 | 54 | 5 | حكمة بالغة فما تغن النذر |
| | | پوري ڏاھپ (به) آھي پوءِ عِبرت جون ڳالھيون کين ڪو فائدو نه ٿيون ڏين. |
|
4852 | 54 | 6 | فتول عنهم يوم يدع الداع إلى شيء نكر |
| | | تنھنڪري کانئن مُنھن موڙ، جنھن ڏينھن سڏيندڙ اَڻ وڻندڙ شيءَ ڏانھن سڏيندو. |
|
4853 | 54 | 7 | خشعا أبصارهم يخرجون من الأجداث كأنهم جراد منتشر |
| | | (تنھن ڏينھن) پنھنجن جھڪن اکين سان قبرن مان ائين نڪرندا جو ڄڻڪ اُھي پکڙيل مڪڙ آھن. |
|
4854 | 54 | 8 | مهطعين إلى الداع يقول الكافرون هذا يوم عسر |
| | | (اُن) سڏيندڙ ڏانھن ڊوڙندا ويندا، ڪافر ته ھيُ سخت ڏينھن آھي. |
|
4855 | 54 | 9 | كذبت قبلهم قوم نوح فكذبوا عبدنا وقالوا مجنون وازدجر |
| | | انھن کان اڳ نوح جي قوم ڪوڙ ڀانيو پوءِ اسان جي ٻانھي کي ڪوڙو ڄاتائون ۽ چيائون ته چريو آھي ۽ ساڻس سخت ڳالھايو ويو. |
|