نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
4812 | 53 | 28 | وما لهم به من علم إن يتبعون إلا الظن وإن الظن لا يغني من الحق شيئا |
| | | ۽ کين ان (ڳالھ) جي ڪا خبر نه آھي، رُڳو گمان تي ھلندا آھن، ۽ بيشڪ گمان حقيقت جي سڃاڻڻ ۾ ڪجھ به نفعو نه ڏيندو آھي. |
|
4813 | 53 | 29 | فأعرض عن من تولى عن ذكرنا ولم يرد إلا الحياة الدنيا |
| | | پوءِ (اي پيغمبر) انھيءَ کان منھن موڙ جنھن اسان جي ياد ڪرڻ کان مُنھن ڦيرايو ۽ دنيا جي حياتيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه گھريائين. |
|
4814 | 53 | 30 | ذلك مبلغهم من العلم إن ربك هو أعلم بمن ضل عن سبيله وهو أعلم بمن اهتدى |
| | | اھا سندن علم جي پڄاڻي آھي، بيشڪ تنھنجو پالڻھار اُنھيءَ کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو سندس واٽ کان ڀُلو ۽ جيڪو سڌي رستي ھليو تنھنکي (به) اُھو چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي. |
|
4815 | 53 | 31 | ولله ما في السماوات وما في الأرض ليجزي الذين أساءوا بما عملوا ويجزي الذين أحسنوا بالحسنى |
| | | ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي ته جن بڇڙا ڪم ڪيا تن کي انھن ڪمن جي ڪري نيٺ سزا ڏئي ۽ جن چڱايون ڪيون تن کي ڀلائيءَ جو بدلو ڏئي. |
|
4816 | 53 | 32 | الذين يجتنبون كبائر الإثم والفواحش إلا اللمم إن ربك واسع المغفرة هو أعلم بكم إذ أنشأكم من الأرض وإذ أنتم أجنة في بطون أمهاتكم فلا تزكوا أنفسكم هو أعلم بمن اتقى |
| | | جيڪي ننڍن گناھن کانسواءِ وڏن گناھن ۽ بي حيائيءَ کان پاڻ کي بچائيندا آھن، بيشڪ تنھنجو پالڻھار (اُنھن لاءِ) وڏي بخشش وارو آھي، اُھو اوھان کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي جڏھن اوھان کي زمين مان پيدا ڪيائين ۽ جڏھن اوھين پنھنجي مائن جي پيٽن ۾ ٻار ھئؤ، تنھنڪري اوھين پاڻ کي نه ساراھيو، الله انھيءَ کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو پرھيزگار ٿيو. |
|
4817 | 53 | 33 | أفرأيت الذي تولى |
| | | (اي پيغمبر) ڇا پوءِ ڏٺو اٿئي انھي کي جيڪو ڦريو. |
|
4818 | 53 | 34 | وأعطى قليلا وأكدى |
| | | ۽ ٿورو (مال) ڏنائين ۽ سخت دل ٿيو. |
|
4819 | 53 | 35 | أعنده علم الغيب فهو يرى |
| | | وٽس ڳجھ جي خبر آھي ڇا جو ڄڻڪ اُھو (سڀ ڪجھ) اکين سان ڏسندو آھي. |
|
4820 | 53 | 36 | أم لم ينبأ بما في صحف موسى |
| | | اُنھيءَ جي خبر کيس نه ڏني وئي ڇا جيڪي موسىٰ جي صحيفن ۾ (لکيل) آھي. |
|
4821 | 53 | 37 | وإبراهيم الذي وفى |
| | | ۽ (جيڪي) ابراھيم (جي صحيفن ۾ آھي) جنھن (الله جي حَقن کي) پورو ڪيو. |
|