نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
4800 | 53 | 16 | إذ يغشى السدرة ما يغشى |
| | | جنھن مھل سِدرة کي انھيءَ ٿي ڍڪيو جنھن ڍڪيو ٿي. |
|
4801 | 53 | 17 | ما زاغ البصر وما طغى |
| | | (پيغمبر جي اک) نڪي لڙي ۽ نڪي حد کان لنگھي. |
|
4802 | 53 | 18 | لقد رأى من آيات ربه الكبرى |
| | | بيشڪ ڪي وڏيون نشانيون پنھنجي پالڻھار جون ڏٺائين. |
|
4803 | 53 | 19 | أفرأيتم اللات والعزى |
| | | لات ۽ عُزّىٰ کي ڏٺو اَٿوَ ڇا؟ |
|
4804 | 53 | 20 | ومناة الثالثة الأخرى |
| | | ۽ پوئين ٽين منات کي به؟ |
|
4805 | 53 | 21 | ألكم الذكر وله الأنثى |
| | | ڇا اوھان لاءِ پٽ آھن ۽ الله لاءِ ڌيئرون. |
|
4806 | 53 | 22 | تلك إذا قسمة ضيزى |
| | | اِھو ورھاڱو اُنھيءَ مھل بي انصافيءَ وارو آھي. |
|
4807 | 53 | 23 | إن هي إلا أسماء سميتموها أنتم وآباؤكم ما أنزل الله بها من سلطان إن يتبعون إلا الظن وما تهوى الأنفس ولقد جاءهم من ربهم الهدى |
| | | اھي (سڀ) رڳا نالا آھن جي اوھان پاڻ ۽ اوھان جي پِين ڏاڏن مُقرّر ڪيا آھن الله اُن (جي ثابتيءَ) جو ڪو دليل نازل نه ڪيو آھي، (ھيُ) رڳو گمان تي ھلندا آھن ۽ جيڪي (سندن) جيءَ سَڌ ڪندا آھن (تنھن تي به)، ۽ بيشڪ سندن پالڻھار کان وٽن ھدايت آئي آھي. |
|
4808 | 53 | 24 | أم للإنسان ما تمنى |
| | | ماڻھو جيڪا سڌ ڪندو آھي سا کيس ملندي ڇا؟ |
|
4809 | 53 | 25 | فلله الآخرة والأولى |
| | | پوءِ ھو جَڳ ۽ ھيُ جَڳ الله جو آھي. |
|