نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
4782 | 52 | 47 | وإن للذين ظلموا عذابا دون ذلك ولكن أكثرهم لا يعلمون |
| | | ۽ بيشڪ ظالمن لاءِ ھن کانسواءِ ٻيو عذاب (به) آھي پر اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن. |
|
4783 | 52 | 48 | واصبر لحكم ربك فإنك بأعيننا وسبح بحمد ربك حين تقوم |
| | | ۽ (اي پيغمبر) تون پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ڇوته تون اسان جي نظر ھيٺ آھين ۽ جنھن مھل تون اُٿين (تنھن مھل) پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان پاڪائي بيان ڪر |
|
4784 | 52 | 49 | ومن الليل فسبحه وإدبار النجوم |
| | | ۽ ڪجھ رات جو (به) سندس پاڪائي بيان ڪر ۽ ستارن جي لھڻ کانپوءِ (به). |
|
4785 | 53 | 1 | بسم الله الرحمن الرحيم والنجم إذا هوى |
| | | ستاري جو قسم آھي جڏھن لھي. |
|
4786 | 53 | 2 | ما ضل صاحبكم وما غوى |
| | | ته اوھان جو (ھي) سنگتي (محمّد) نڪي ڀُلو ۽ نڪي بي راھو ھليو. |
|
4787 | 53 | 3 | وما ينطق عن الهوى |
| | | ۽ نڪي (نفس جي) سَڌ کان ڳالھائيندو آھي. |
|
4788 | 53 | 4 | إن هو إلا وحي يوحى |
| | | ھيُ قرآن رڳو وحي آھي جو موڪليو ويندو آھي. |
|
4789 | 53 | 5 | علمه شديد القوى |
| | | اُن کي ڏاڍي سگھ واري سيکاريو آھي. |
|
4790 | 53 | 6 | ذو مرة فاستوى |
| | | جو زور وارو آھي، پوءِ اُھو سِڌو بيٺو. |
|
4791 | 53 | 7 | وهو بالأفق الأعلى |
| | | ۽ اُھو (آسمان جي) مٿاھين ڪناري تي ھو. |
|