نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
479 | 3 | 186 | لتبلون في أموالكم وأنفسكم ولتسمعن من الذين أوتوا الكتاب من قبلكم ومن الذين أشركوا أذى كثيرا وإن تصبروا وتتقوا فإن ذلك من عزم الأمور |
| | | (اوھين) پنھنجن مالن ۽ پنھنجين جانين ۾ ضرور پرکبو، ۽ جن کي اوھان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو آھي تن کان ۽ مشرڪن کان گھڻيون گاريون ضرور ٻڌندؤ، ۽ جيڪڏھن صبر ڪندؤ ۽ الله کان ڊڄندؤ ته اِھا (عادت) ھمت جي ڪمن مان آھي. |
|
480 | 3 | 187 | وإذ أخذ الله ميثاق الذين أوتوا الكتاب لتبيننه للناس ولا تكتمونه فنبذوه وراء ظهورهم واشتروا به ثمنا قليلا فبئس ما يشترون |
| | | ۽ (ياد ڪر) جڏھن الله ڪتاب وارن کان ھن لاءِ (پڪو) انجام ورتو ته اُن (ڪتاب) کي ماڻھن لاءِ بيان ڪجو ۽ اُن کي نه لڪائجو، پوءِ اُن (انجام) کي پنھنجين پٺين پوئتان اُڇلايائون ۽ اُن جي عيوض ٿورو مُلھ ڳڌائون، پوءِ جيڪي ڳنھندا آھن سو بڇڙو آھي. |
|
481 | 3 | 188 | لا تحسبن الذين يفرحون بما أتوا ويحبون أن يحمدوا بما لم يفعلوا فلا تحسبنهم بمفازة من العذاب ولهم عذاب أليم |
| | | (اي پيغمبر تون) اُنھن کي چڱو نه ڀانءِ جيڪي پنھنجي ڪئي تي خوش ٿيندا آھن ۽ جيڪي نه ڪيائون تنھن تي پنھنجي ساراھڻ کي دوست رکندا آھن پوءِ تون اُنھن کي عذاب کان ڇٽل نه ڀانءِ، ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي. |
|
482 | 3 | 189 | ولله ملك السماوات والأرض والله على كل شيء قدير |
| | | ۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي الله جي آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي وسوارو آھي. |
|
483 | 3 | 190 | إن في خلق السماوات والأرض واختلاف الليل والنهار لآيات لأولي الألباب |
| | | آسمانن ۽ زمين جي بڻاوت (۾) ۽ رات ۽ ڏينھن جي ڦير گھير ۾ اُنھن سمجھ وارن لاءِ ضرور نشانيون آھن. |
|
484 | 3 | 191 | الذين يذكرون الله قياما وقعودا وعلى جنوبهم ويتفكرون في خلق السماوات والأرض ربنا ما خلقت هذا باطلا سبحانك فقنا عذاب النار |
| | | جيڪي بيٺي ۽ ويٺي ۽ پنھنجن پاسن ڀر الله کي ياد ڪندا آھن ۽ آسمانن ۽ زمين جي بڻاوت ۾ فڪر ڪندا آھن، (۽ چوندا آھن ته) اي اسانجا پالڻھار ھنن کي بي رٿو نه بڻايو اَٿيئي، توکي پاڪ ڄاڻون ٿا تنھنڪري اسان کي باہ جي عذاب کان بچاءِ. |
|
485 | 3 | 192 | ربنا إنك من تدخل النار فقد أخزيته وما للظالمين من أنصار |
| | | اي اسانجا پالڻھار جنھن کي تو باہ ۾ گھيڙيو تنھن کي بيشڪ خوار ڪيئي، ۽ ظالمن جو ڪو مددگار نه آھي. |
|
486 | 3 | 193 | ربنا إننا سمعنا مناديا ينادي للإيمان أن آمنوا بربكم فآمنا ربنا فاغفر لنا ذنوبنا وكفر عنا سيئاتنا وتوفنا مع الأبرار |
| | | اي اسانجا پالڻھار اسان سڏيندڙ جي سڏ کي ٻڌو جو ايمان ڏانھن سڏيندو آھي ته پنھنجي پالڻھار تي ايمان آڻيو پوءِ مڃيوسون، اي اسانجا پالڻھار اسان کي اسانجا گناہ بخش ۽ اسان کان اسان جون مدايون ميٽ ۽ اسان کي ڀلارن سان گڏ مار. |
|
487 | 3 | 194 | ربنا وآتنا ما وعدتنا على رسلك ولا تخزنا يوم القيامة إنك لا تخلف الميعاد |
| | | اي اسانجا پالڻھار اسان کي پنھنجن پيغمبرن (جي زبان) سان جيڪي انجام ڏنو اٿيئي سو پار ۽ قيامت جي ڏينھن اسان کي خوار نه ڪج، ڇوته تون وعدي خلافي نه ڪندو آھين. |
|
488 | 3 | 195 | فاستجاب لهم ربهم أني لا أضيع عمل عامل منكم من ذكر أو أنثى بعضكم من بعض فالذين هاجروا وأخرجوا من ديارهم وأوذوا في سبيلي وقاتلوا وقتلوا لأكفرن عنهم سيئاتهم ولأدخلنهم جنات تجري من تحتها الأنهار ثوابا من عند الله والله عنده حسن الثواب |
| | | پوءِ سندن پالڻھار اُنھن جي دعا قبول ڪئي ته آءٌ اوھان مان عمل ڪندڙ مڙس يا زال جو عمل نه وڃائيندس، اوھان مان ڪي ڪن مان (پيدا ٿيل) آھن (يعني سڀ ھڪ جنس آھيو) پوءِ جن وطن ڇڏيو ۽ پنھنجن گھرن مان ڪڍيا ويا ۽ مُنھنجي واٽ ۾ ڏکويا ويا ۽ وڙھيا ۽ ڪُٺا ويا تن کان سندن مدايون ضرور ميٽيندس ۽ اُنھن کي (بھشت جي اھڙن) باغن ۾ ضرور داخل ڪندس جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، (اِھو) بدلو الله وٽان آھي، ۽ الله وٽ چڱو بدلو آھي. |
|