نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
4776 | 52 | 41 | أم عندهم الغيب فهم يكتبون |
| | | اُنھن وٽ ڳُجھ جو علم آھي ڇا جو اُھي لکندا آھن. |
|
4777 | 52 | 42 | أم يريدون كيدا فالذين كفروا هم المكيدون |
| | | ڪا بڇڙي رٿ ڪرڻ گھرندا آھن ڇا؟ پوءِ جن ڪُفر ڪيو سي ئي فريب ۾ پيل آھن. |
|
4778 | 52 | 43 | أم لهم إله غير الله سبحان الله عما يشركون |
| | | انھن لاءِ الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق آھي ڇا؟ (ساڻس) جيڪو شريڪ مقرر ڪندا آھن تنھن کان الله پاڪ آھي. |
|
4779 | 52 | 44 | وإن يروا كسفا من السماء ساقطا يقولوا سحاب مركوم |
| | | ۽ جيڪڏھن آسمان مان ڪو ٽڪرو ڪرندڙ ڏسندا ته چوندا ته گھاٽو ڪَڪر آھي. |
|
4780 | 52 | 45 | فذرهم حتى يلاقوا يومهم الذي فيه يصعقون |
| | | پوءِ (اي پيغمبر) اُنھن کي ايستائين ڇڏي ڏي جيستائين پنھنجو اُھو ڏينھن ڏسن جنھن ۾ بيھوش ڪيو ويندن. |
|
4781 | 52 | 46 | يوم لا يغني عنهم كيدهم شيئا ولا هم ينصرون |
| | | جنھن سندن فريب ڪجھ به نه ٽاريندو ۽ نڪي کين مدد ڏبي. |
|
4782 | 52 | 47 | وإن للذين ظلموا عذابا دون ذلك ولكن أكثرهم لا يعلمون |
| | | ۽ بيشڪ ظالمن لاءِ ھن کانسواءِ ٻيو عذاب (به) آھي پر اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن. |
|
4783 | 52 | 48 | واصبر لحكم ربك فإنك بأعيننا وسبح بحمد ربك حين تقوم |
| | | ۽ (اي پيغمبر) تون پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ڇوته تون اسان جي نظر ھيٺ آھين ۽ جنھن مھل تون اُٿين (تنھن مھل) پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان پاڪائي بيان ڪر |
|
4784 | 52 | 49 | ومن الليل فسبحه وإدبار النجوم |
| | | ۽ ڪجھ رات جو (به) سندس پاڪائي بيان ڪر ۽ ستارن جي لھڻ کانپوءِ (به). |
|
4785 | 53 | 1 | بسم الله الرحمن الرحيم والنجم إذا هوى |
| | | ستاري جو قسم آھي جڏھن لھي. |
|