نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
4759 | 52 | 24 | ويطوف عليهم غلمان لهم كأنهم لؤلؤ مكنون |
| | | ۽ وٽن اھڙا نينگر سندن آس پاس (خدمت لاءِ) پيا ايندا ويندا جو ڄڻڪ اُھي ڍڪيل موتي آھن. |
|
4760 | 52 | 25 | وأقبل بعضهم على بعض يتساءلون |
| | | ۽ اُنھن مان ھڪڙا ٻـين ڏانھن پاڻ ۾ پڇا ڪرڻ ڪرڻ لاءِ مُنھن ڪندا. |
|
4761 | 52 | 26 | قالوا إنا كنا قبل في أهلنا مشفقين |
| | | چوندا ته بيشڪ اسين ھن کان اڳ پنھنجي گھر وارن ۾ ڊڄندڙ ھئاسون. |
|
4762 | 52 | 27 | فمن الله علينا ووقانا عذاب السموم |
| | | پوءِ الله اسان تي احسان ڪيو ۽ اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچايائين. |
|
4763 | 52 | 28 | إنا كنا من قبل ندعوه إنه هو البر الرحيم |
| | | بيشڪ اسين ھن کان اڳ کيس سڏيندا ھواسون، بيشڪ اُھوئي اِحسان ڪندڙ مھربان آھي. |
|
4764 | 52 | 29 | فذكر فما أنت بنعمت ربك بكاهن ولا مجنون |
| | | پوءِ (اي پيغمبر کين) نصيحت ڪر جو تون پنھنجي پالڻھار جي فضل سان نڪي ڀُوپُو آھين ۽ نڪي چريو آھين. |
|
4765 | 52 | 30 | أم يقولون شاعر نتربص به ريب المنون |
| | | بلڪ چوندا آھن ڇا ته شاعر آھي (۽ اسين) سندس حق ۾ زماني جي ڦير گھير اچڻ جا منتظر آھيون. |
|
4766 | 52 | 31 | قل تربصوا فإني معكم من المتربصين |
| | | (انھن ڪافرن کي) چؤ ته اوھين به انتظار ڪڍو جو بيشڪ آءٌ به اوھان سان انتظار ڪڍندڙ آھيان. |
|
4767 | 52 | 32 | أم تأمرهم أحلامهم بهذا أم هم قوم طاغون |
| | | کين سندن عقل اھو ڏس ڏيندا آھن ڇا يا اُھي شرارتي قوم آھي. |
|
4768 | 52 | 33 | أم يقولون تقوله بل لا يؤمنون |
| | | چوندا آھن ڇا ته ھِن قرآن کي پاڻون بڻايو اٿس، بلڪ ايمان نه ٿا آڻين. |
|