نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
4723 | 51 | 48 | والأرض فرشناها فنعم الماهدون |
| | | ۽ زمين کي پکيڙيوسون جو چڱا پکيڙيندڙ آھيون. |
|
4724 | 51 | 49 | ومن كل شيء خلقنا زوجين لعلكم تذكرون |
| | | ۽ سڀڪنھن شيءَ مان جوڙو جوڙو بڻايوسون ته مانَ اوھين نصيحت وٺو. |
|
4725 | 51 | 50 | ففروا إلى الله إني لكم منه نذير مبين |
| | | پوءِ الله ڏانھن ڀڄو، بيشڪ آءٌ سندس طرف کان اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان. |
|
4726 | 51 | 51 | ولا تجعلوا مع الله إلها آخر إني لكم منه نذير مبين |
| | | ۽ الله سان (ٻيو) ڪو معبُود نه ٺھرايو، بيشڪ آءٌ سندس پار کان اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان. |
|
4727 | 51 | 52 | كذلك ما أتى الذين من قبلهم من رسول إلا قالوا ساحر أو مجنون |
| | | اھڙي طرح جيڪي انھن کان اڳ ھوا تن وٽ ڪوبه پيغمبر نه آيو پر چيائون ته جادوگر يا چريو آھي. |
|
4728 | 51 | 53 | أتواصوا به بل هم قوم طاغون |
| | | ان (چوڻ) جي ھڪ ٻئي کي وصيت ڪندا آيا آھن ڇا؟ (نه!) بلڪ اُھي نافرمان قوم آھن. |
|
4729 | 51 | 54 | فتول عنهم فما أنت بملوم |
| | | تنھنڪري (اي پيغمبر) کائن منھن موڙ ھاڻي تون ميار وارو نه آھين. |
|
4730 | 51 | 55 | وذكر فإن الذكرى تنفع المؤمنين |
| | | ۽ سمجھاڻي ڏيندو رھ ڇوته سمجھائڻ مؤمنن کي نفعو ڏيندو آھي. |
|
4731 | 51 | 56 | وما خلقت الجن والإنس إلا ليعبدون |
| | | ۽ جِنّن ۽ ماڻھن کي رڳو پنھنجي عبادت لاءِ پيدا ڪيوسون. |
|
4732 | 51 | 57 | ما أريد منهم من رزق وما أريد أن يطعمون |
| | | نڪي کائن ڪا روزي ٿو گھران ۽ نڪي گھران ٿو ته مون کي کارائين. |
|