نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
4716 | 51 | 41 | وفي عاد إذ أرسلنا عليهم الريح العقيم |
| | | ۽ عاد جي (قصي) ۾ (به عبرت آھي) جڏھن اھڙو بي برڪتو واءُ موڪليوسون. |
|
4717 | 51 | 42 | ما تذر من شيء أتت عليه إلا جعلته كالرميم |
| | | جو جنھن شيء تي اچي پھچي تنھن کي ڳريل ھڏي وانگر ڪرڻ کانسواءِ نه ڇڏي. |
|
4718 | 51 | 43 | وفي ثمود إذ قيل لهم تمتعوا حتى حين |
| | | ۽ ثمود (جي قصّي) ۾ (به عبرت آھي) جڏھن کين چيو ويو ته ھڪ مُدت تائين مزا ماڻيو. |
|
4719 | 51 | 44 | فعتوا عن أمر ربهم فأخذتهم الصاعقة وهم ينظرون |
| | | پوءِ پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (مڃڻ) کان ھٺ ڪيائون تنھنڪري سندن ڏسندي کين (ھڪ) سخت ڪڙڪي ورتو. |
|
4720 | 51 | 45 | فما استطاعوا من قيام وما كانوا منتصرين |
| | | پوءِ نڪي اُٿي سگھيا ۽ نڪي وير وٺڻ وارا ھوا. |
|
4721 | 51 | 46 | وقوم نوح من قبل إنهم كانوا قوما فاسقين |
| | | ۽ (ھن کان) اڳ نوح جي قوم (کي ھلاڪ ڪيوسون) بيشڪ اُھي بدڪار ماڻھو ھوا. |
|
4722 | 51 | 47 | والسماء بنيناها بأيد وإنا لموسعون |
| | | ۽ آسمان کي (پنھنجيءَ) قوت سان بڻايوسون ۽ بيشڪ اسين سگھارا آھيون. |
|
4723 | 51 | 48 | والأرض فرشناها فنعم الماهدون |
| | | ۽ زمين کي پکيڙيوسون جو چڱا پکيڙيندڙ آھيون. |
|
4724 | 51 | 49 | ومن كل شيء خلقنا زوجين لعلكم تذكرون |
| | | ۽ سڀڪنھن شيءَ مان جوڙو جوڙو بڻايوسون ته مانَ اوھين نصيحت وٺو. |
|
4725 | 51 | 50 | ففروا إلى الله إني لكم منه نذير مبين |
| | | پوءِ الله ڏانھن ڀڄو، بيشڪ آءٌ سندس طرف کان اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان. |
|