نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
4711 | 51 | 36 | فما وجدنا فيها غير بيت من المسلمين |
| | | پوءِ اُتي مسلمانن جي ھڪ گھر کانسواءِ (ٻيو ڪو گھر) نه ڏٺوسون. |
|
4712 | 51 | 37 | وتركنا فيها آية للذين يخافون العذاب الأليم |
| | | ۽ جيڪي ڏکوئيندڙ عذاب کان ڊڄندا آھن تن لاءِ اُتي (عبرت لاءِ) نشاني ڇڏي سون. |
|
4713 | 51 | 38 | وفي موسى إذ أرسلناه إلى فرعون بسلطان مبين |
| | | ۽ مُوسىٰ (جي قصّي) ۾ (به عِبرت آھي) جڏھن کيس پڌري دليل سان فرعون ڏانھن موڪليوسون. |
|
4714 | 51 | 39 | فتولى بركنه وقال ساحر أو مجنون |
| | | پوءِ ھن پنھنجي لشڪر سميت منھن موڙيو چيائين ته (ھي) جادوگر يا چريو آھي. |
|
4715 | 51 | 40 | فأخذناه وجنوده فنبذناهم في اليم وهو مليم |
| | | تنھنڪري اُن کي ۽ سندس لشڪر کي پڪڙيوسون پوءِ اُن کي ملامت وارو ڪري سمنڊ ۾ اُڇليوسون. |
|
4716 | 51 | 41 | وفي عاد إذ أرسلنا عليهم الريح العقيم |
| | | ۽ عاد جي (قصي) ۾ (به عبرت آھي) جڏھن اھڙو بي برڪتو واءُ موڪليوسون. |
|
4717 | 51 | 42 | ما تذر من شيء أتت عليه إلا جعلته كالرميم |
| | | جو جنھن شيء تي اچي پھچي تنھن کي ڳريل ھڏي وانگر ڪرڻ کانسواءِ نه ڇڏي. |
|
4718 | 51 | 43 | وفي ثمود إذ قيل لهم تمتعوا حتى حين |
| | | ۽ ثمود (جي قصّي) ۾ (به عبرت آھي) جڏھن کين چيو ويو ته ھڪ مُدت تائين مزا ماڻيو. |
|
4719 | 51 | 44 | فعتوا عن أمر ربهم فأخذتهم الصاعقة وهم ينظرون |
| | | پوءِ پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (مڃڻ) کان ھٺ ڪيائون تنھنڪري سندن ڏسندي کين (ھڪ) سخت ڪڙڪي ورتو. |
|
4720 | 51 | 45 | فما استطاعوا من قيام وما كانوا منتصرين |
| | | پوءِ نڪي اُٿي سگھيا ۽ نڪي وير وٺڻ وارا ھوا. |
|