نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
4696 | 51 | 21 | وفي أنفسكم أفلا تبصرون |
| | | ۽ اوھان جي جندن ۾ به، پوءِ نٿا ڏسو ڇا؟ |
|
4697 | 51 | 22 | وفي السماء رزقكم وما توعدون |
| | | ۽ اوھان جي روزي آسمان ۾ آھي ۽ اُھو (به) جنھنجو اوھان کي انجام ڏجي ٿو. |
|
4698 | 51 | 23 | فورب السماء والأرض إنه لحق مثل ما أنكم تنطقون |
| | | پوءِ آسمان ۽ زمين جي پالڻھار جو قسم آھي ته اھا خبر سچي آھي جھڙي طرح اوھين ڳالھائيندا آھيو. |
|
4699 | 51 | 24 | هل أتاك حديث ضيف إبراهيم المكرمين |
| | | اِبراھيم جي سڳورن مھمانن جي خبر تو وٽ (نه) آئي آھي ڇا؟ |
|
4700 | 51 | 25 | إذ دخلوا عليه فقالوا سلاما قال سلام قوم منكرون |
| | | جڏھن اُھي وٽس آيا تڏھن سلام چيائين، ھن (به) سلام چيو، (دل ۾ ڄاتائين ته ھي) اوپرا ماڻھو آھن. |
|
4701 | 51 | 26 | فراغ إلى أهله فجاء بعجل سمين |
| | | پوءِ پنھنجي گھر وارن ڏانھن تکو ھليو ۽ ٿلھو گابو (پچائي) آندائين. |
|
4702 | 51 | 27 | فقربه إليهم قال ألا تأكلون |
| | | پوءِ اھو انھن کي ويجھو ڪيائين چيائين ته ڇونه ٿا کائو؟ |
|
4703 | 51 | 28 | فأوجس منهم خيفة قالوا لا تخف وبشروه بغلام عليم |
| | | پوءِ کائن دل ۾ ڊپ رکيائين، چيائون ته نه ڊڄ، ۽ اُن کي ھڪ داناءَ نينگر جي مبارڪ ڏنائون. |
|
4704 | 51 | 29 | فأقبلت امرأته في صرة فصكت وجهها وقالت عجوز عقيم |
| | | پوءِ سنديس زال دانھن ڪندي سامھون آئي پوءِ پنھنجو منھن ڪٽيائين ۽ چيائين ته ٻڍڙي سنڍ (ڄڻيندي ڇا؟). |
|
4705 | 51 | 30 | قالوا كذلك قال ربك إنه هو الحكيم العليم |
| | | چيائون ته ائين ئي تنھنجي پالڻھار فرمايو آھي، ڇوته اُھو حِڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي. |
|