نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
4656 | 50 | 26 | الذي جعل مع الله إلها آخر فألقياه في العذاب الشديد |
| | | جنھن الله سان ٻيو معبود ٺھرايو اھڙي (ھر ھڪ) کي سخت عذاب ۾ اُڇليو. |
|
4657 | 50 | 27 | قال قرينه ربنا ما أطغيته ولكن كان في ضلال بعيد |
| | | سندس سنگتي (شيطان) چوندو ته اي منھنجا پالڻھار مون اُن کي گمراھ نه ڪيو ھو پر اُھو (پاڻ) وڏي گمراھيءَ ۾ (پيل) ھو. |
|
4658 | 50 | 28 | قال لا تختصموا لدي وقد قدمت إليكم بالوعيد |
| | | (الله) چوندو ته مون وٽ جھڳڙو نه ڪريو ھن ھوندي جو بيشڪ اوھان ڏانھن عذاب جو انجام (ھن کان) اڳي موڪليو ھوم. |
|
4659 | 50 | 29 | ما يبدل القول لدي وما أنا بظلام للعبيد |
| | | نڪي مون وٽ انجام ڦيرائبو آھي ۽ نڪي آءٌ ٻانھن تي ظلم ڪرڻ وارو آھيان. |
|
4660 | 50 | 30 | يوم نقول لجهنم هل امتلأت وتقول هل من مزيد |
| | | جنھن ڏينھن دوزخ کي چونداسون ته ڀريو آھين (يا نه!) ۽ (دوزخ) چوندو ته (ٻيو به) ڪجھ (اڃا) ھن کان وڌيڪ آھي ڇا؟ |
|
4661 | 50 | 31 | وأزلفت الجنة للمتقين غير بعيد |
| | | ۽ بھشت پرھيزگارن لاءِ ويجھو ڪبو نه پري. |
|
4662 | 50 | 32 | هذا ما توعدون لكل أواب حفيظ |
| | | (چئبو ته) جنھن جو اوھان کي سڀڪنھن (الله ڏانھن) رجوع ڪرڻ واري ۽ ادب نگاھ رکڻ واري لاءِ انجام ڏبو ھو سو ھي آھي. |
|
4663 | 50 | 33 | من خشي الرحمن بالغيب وجاء بقلب منيب |
| | | جيڪو پرپٺ ٻاجھاري (الله) کان ڊنو ۽ (الله ڏانھن) رجوع ٿيل دل سان آيو. |
|
4664 | 50 | 34 | ادخلوها بسلام ذلك يوم الخلود |
| | | (چئبو ته) سلامتيءَ سان بھشت ۾ گھڙو، اھو سدائين رھڻ جو ڏينھن آھي. |
|
4665 | 50 | 35 | لهم ما يشاءون فيها ولدينا مزيد |
| | | جيڪي گھرندا سو منجھس انھن لاءِ (موجود) آھي ۽ اسان وٽ (اُن کان) وڌيڪ به آھي. |
|