نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
4639 | 50 | 9 | ونزلنا من السماء ماء مباركا فأنبتنا به جنات وحب الحصيد |
| | | ۽ آسمان کان برڪت وارو پاڻي لاٿوسون پوءِ اُن سان باغ ۽ لڻڻ واري پوک جو اَن ڄمايوسون. |
|
4640 | 50 | 10 | والنخل باسقات لها طلع نضيد |
| | | ۽ ڊگھيون کجيون (به) جن جا گوشا تہ ٿيل آھن. |
|
4641 | 50 | 11 | رزقا للعباد وأحيينا به بلدة ميتا كذلك الخروج |
| | | ٻانھن جي روزي (ڏيڻ) لاءِ ۽ اُن سان ويران شھر کي آباد ڪيوسون، ۽ اھڙي طرح (قبرن مان) نڪرڻ آھي. |
|
4642 | 50 | 12 | كذبت قبلهم قوم نوح وأصحاب الرس وثمود |
| | | کائن اڳ نوح جي قوم ۽ رس (جي شھر) وارن ۽ ثمود (قوم) ڪوڙو ڀانيو. |
|
4643 | 50 | 13 | وعاد وفرعون وإخوان لوط |
| | | ۽ عاد ۽ فرعون ۽ لُوط جي ڀائرن. |
|
4644 | 50 | 14 | وأصحاب الأيكة وقوم تبع كل كذب الرسل فحق وعيد |
| | | ۽ ايڪه وارن ۽ تُبّع جي قوم، ھر ھڪ پيغمبرن کي ڪُوڙو ڄاتو پوءِ (مٿن) منھنجي عذاب جو انجام لازم ٿيو. |
|
4645 | 50 | 15 | أفعيينا بالخلق الأول بل هم في لبس من خلق جديد |
| | | پھرين ڀيري (جي) خلقڻ ۾ (ڪو) ٿڪا آھيو ڇا؟ (نه!) بلڪ اُھي نئين سر پيدا ڪرڻ کان شڪ ۾ آھن. |
|
4646 | 50 | 16 | ولقد خلقنا الإنسان ونعلم ما توسوس به نفسه ونحن أقرب إليه من حبل الوريد |
| | | ۽ بيشڪ ماڻھوءَ کي پيدا ڪيوسون ۽ سندس نفس کيس جيڪو وسوسو وجھندو آھي سو ڄاڻندا آھيون، ۽ اسين ڏانھس (سندس) ساہ جي رڳ کان وڌيڪ ويجھا آھيون. |
|
4647 | 50 | 17 | إذ يتلقى المتلقيان عن اليمين وعن الشمال قعيد |
| | | جڏھن جو ٻه لکندڙ (ھڪ) سڄي پاسي کان ۽ (ٻيو) کٻي پاسي کان وھندڙ لکندا آھن. |
|
4648 | 50 | 18 | ما يلفظ من قول إلا لديه رقيب عتيد |
| | | ڪا ڳالھ نه ڳالھائيندو آھي جنھن جي لاءِ وٽس ھڪ نگھبان موجود نه آھي. |
|