بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
46224910إنما المؤمنون إخوة فأصلحوا بين أخويكم واتقوا الله لعلكم ترحمون
مؤمن ته سڀ ڀائر آھن تنھنڪري پنھنجي ٻنھي ڀائرن جي وچ ۾ صلح ڪريو، ۽ الله کان ڊڄو ته مانَ اوھان تي ٻاجھ ڪئي وڃي.
46234911يا أيها الذين آمنوا لا يسخر قوم من قوم عسى أن يكونوا خيرا منهم ولا نساء من نساء عسى أن يكن خيرا منهن ولا تلمزوا أنفسكم ولا تنابزوا بالألقاب بئس الاسم الفسوق بعد الإيمان ومن لم يتب فأولئك هم الظالمون
اي ايمان وارؤ ڪا ٽولي ڪنھن ٽولي تي ٺـٺولي نه ڪري جو متان اُھي اُنھن کان ڀلا ھجن ۽ نه زالون ٻـين زالن سان (ٺـٺوليون ڪن) جو متان اُھي اُنھن کان ڀَليون ھجن، ۽ نڪي پاڻ ۾ (ھڪ ٻئي کي) عيب لايو ۽ نڪي ھڪ ٻئي کي بڇڙن لقبن سان سڏيو، (جو) ايمان آڻڻ کانپوءِ بي دينيءَ جو نالو (پوڻ) خراب آھي، ۽ جن توبه نه ڪئي سي ئي ظالم آھن.
46244912يا أيها الذين آمنوا اجتنبوا كثيرا من الظن إن بعض الظن إثم ولا تجسسوا ولا يغتب بعضكم بعضا أيحب أحدكم أن يأكل لحم أخيه ميتا فكرهتموه واتقوا الله إن الله تواب رحيم
اي ايمان وارؤ گھڻو ڪري گمان کان بچو، بيشڪ ڪي گمان گناھ آھن ۽ نڪي جاسوسي ڪريو ۽ نڪو ڪو اوھان مان ھڪ ٻئي جي گلا ڪري، ڀلا اوھان مان ڪو ھڪڙو پنھنجي مُئي ڀاءُ جو گوشت کائڻ پسند ڪندو آھي ڇا جنھن کان نفرت ڪندا آھيو، ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله توبه قبول ڪندڙ مھربان آھي.
46254913يا أيها الناس إنا خلقناكم من ذكر وأنثى وجعلناكم شعوبا وقبائل لتعارفوا إن أكرمكم عند الله أتقاكم إن الله عليم خبير
اي ماڻھؤ بيشڪ اسان اوھان کي ھڪ مڙس ۽ ھڪ زال مان پيدا ڪيو ۽ اوھان کي ذاتيون ۽ پاڙا ڪيوسون ته ھڪ ٻئي کي سڃاڻو، بيشڪ اوھان مان تمام عزت وارو الله وٽ اُھو آھي جيڪو اوھان مان ڏاڍو پرھيزگار آھي، بيشڪ الله ڄاڻندڙ خبر رکندڙ آھي.
46264914قالت الأعراب آمنا قل لم تؤمنوا ولكن قولوا أسلمنا ولما يدخل الإيمان في قلوبكم وإن تطيعوا الله ورسوله لا يلتكم من أعمالكم شيئا إن الله غفور رحيم
جھنگلي چوندا آھن ته ايمان اندو اٿون، (اي پيغمبر کين) چؤ ته (حقيقت ڪري) ايمان نه آندو اٿو پر (ايئن) چؤ ته اسين مُسلمان ٿيا آھيون ۽ اڃا اوھان جي دلين ۾ ايمان گھڙيو (ئي) نه آھي، ۽ جيڪڏھن الله ۽ سندس پيغمبر جو چيو مڃيندؤ ته اوھان جي عملن مان اوھان کي ڪجھ (به) نه گھٽائيندو، بيشڪ الله بخشڻھار مھربان آھي.
46274915إنما المؤمنون الذين آمنوا بالله ورسوله ثم لم يرتابوا وجاهدوا بأموالهم وأنفسهم في سبيل الله أولئك هم الصادقون
مؤمن رڳو اُھي آھن جن الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آندو وري (ڪو) شڪ نه ڪيائون ۽ الله جي واٽ ۾ پنھنجن مالن ۽ پنھنجن جُسن سان جھاد ڪيائون، اھي ئي سچا آھن.
46284916قل أتعلمون الله بدينكم والله يعلم ما في السماوات وما في الأرض والله بكل شيء عليم
(اي پيغمبر کين) چؤ ته پنھنجو دين الله کي ڄاڻائيندا آھيو ڇا؟ ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو سڀ الله ڄاڻندو آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيءَ کي ڄاڻندڙ آھي.
46294917يمنون عليك أن أسلموا قل لا تمنوا علي إسلامكم بل الله يمن عليكم أن هداكم للإيمان إن كنتم صادقين
(اي پيغمبر) اسلام آڻڻ جو توتي احسان رکندا آھن، چوينِ ته مون تي پنھنجي اسلام (آڻڻ) جو احسان نه رکو، بلڪ اوھان تي الله احسان رکندو آھي جو اوھان کي ايمان جي ھدايت ڪيائين جيڪڏھن سچا آھيو.
46304918إن الله يعلم غيب السماوات والأرض والله بصير بما تعملون
بيشڪ الله آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.
4631501بسم الله الرحمن الرحيم ق والقرآن المجيد
قٓ، سڳوري قرآن جو قسم آھي.


0 ... 452.1 453.1 454.1 455.1 456.1 457.1 458.1 459.1 460.1 461.1 463.1 464.1 465.1 466.1 467.1 468.1 469.1 470.1 471.1 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

6122537315391324582624746215488742275491