بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
45954812بل ظننتم أن لن ينقلب الرسول والمؤمنون إلى أهليهم أبدا وزين ذلك في قلوبكم وظننتم ظن السوء وكنتم قوما بورا
بلڪ ڀانيوَ ته پيغمبر ۽ مؤمن پنھنجن گھرن ڏانھن اصلي ڪڏھن نه موٽندا ۽ اِھو (گمان) اوھان جي دلين ۾ چڱو (ڪري) ڏيکاريو ويو ۽ (تمام) بڇڙو گمان ڀانيوَ، ۽ (اوھين) ھلاڪ ٿيل قوم ٿيؤ.
45964813ومن لم يؤمن بالله ورسوله فإنا أعتدنا للكافرين سعيرا
۽ جنھن الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان نه آندو ته بيشڪ اسان انھن ڪافرن لاءِ ٻرندڙ باھ تيار ڪئي آھي.
45974814ولله ملك السماوات والأرض يغفر لمن يشاء ويعذب من يشاء وكان الله غفورا رحيما
۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي خاص الله جي آھي، جنھن کي وڻيس تنھن کي بخشي ۽ جنھن کي وڻيس تنھن کي عذاب ڪري، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.
45984815سيقول المخلفون إذا انطلقتم إلى مغانم لتأخذوها ذرونا نتبعكم يريدون أن يبدلوا كلام الله قل لن تتبعونا كذلكم قال الله من قبل فسيقولون بل تحسدوننا بل كانوا لا يفقهون إلا قليلا
جڏھن غنيمتن جي ھٿ ڪرڻ لاءِ ويندؤ تڏھن پوءِ تي رھيل چوندا اسان کي ڇڏيو ته اوھان سان ھلون، گھرندا آھن ته الله جي وعدي جي مخالفت ڪن، (کين) چؤ ته اسان سان ڪڏھن نه ھلندؤ اھڙي طرح الله اڳي ئي فرمائي چڪو آھي، پوءِ سگھو چوندا ته بلڪ اوھين اسان سان حسد ٿا ڪريو، بلڪ (ھميشه) ٿورڙي کانسواءِ (ڪجھ به) نه سمجھندا ھوا.
45994816قل للمخلفين من الأعراب ستدعون إلى قوم أولي بأس شديد تقاتلونهم أو يسلمون فإن تطيعوا يؤتكم الله أجرا حسنا وإن تتولوا كما توليتم من قبل يعذبكم عذابا أليما
(اي پيغمبر) پوءِ تي رھيلن ٻھراڙي وارن کي چؤ ته سخت ويڙھ واريءَ قوم (جي جنگ) ڏانھن (اوھين) سگھو سڏيا ويندؤ جو ساڻن ويڙھ ڪندؤ يا ته (اُھي) مُسلمان ٿيندا، پوءِ جيڪڏھن چيو مڃيندؤ ته الله اوھان کي چڱو اجر ڏيندو، ۽ جيڪڏھن (ائين) ڦرندؤ جيئن (اوھين) ھن کان اڳ ڦريا ھئو ته (الله) اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا ڏيندو.
46004817ليس على الأعمى حرج ولا على الأعرج حرج ولا على المريض حرج ومن يطع الله ورسوله يدخله جنات تجري من تحتها الأنهار ومن يتول يعذبه عذابا أليما
(جھاد جي رھڻ کان) نڪي انڌي تي ڪو گناھ آھي، ۽ نڪي مندي تي ڪو گناھ آھي ۽ نڪي بيمار تي ڪو گناھ آھي، ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جو چيو مڃيندو تنھن کي (الله اھڙن) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن، ۽ جيڪو ڦرندو تنھنکي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا ڏيندو.
46014818لقد رضي الله عن المؤمنين إذ يبايعونك تحت الشجرة فعلم ما في قلوبهم فأنزل السكينة عليهم وأثابهم فتحا قريبا
بيشڪ الله مؤمنن کان راضي ٿيو جنھن وقت وڻ ھيٺ توسان بيعت ٿي ڪيائون پوءِ جيڪي سندين دلين ۾ ھو سو ڄاتائين پوءِ مٿن (دل جو) آرام لاٿائين ۽ کين ھڪ ويجھي سوڀ انعام ڏنائين.
46024819ومغانم كثيرة يأخذونها وكان الله عزيزا حكيما
۽ گھڻيون غنيمتون (به) جو اُنھن کي (اُھي) ھٿ آڻيندا، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي.
46034820وعدكم الله مغانم كثيرة تأخذونها فعجل لكم هذه وكف أيدي الناس عنكم ولتكون آية للمؤمنين ويهديكم صراطا مستقيما
الله اوھان کي گھڻن غنيمتن جو وعدو ڏنو آھي جن کي ھٿ آڻيندؤ پوءِ ھيُ (خيبر جون غنيمتون) اوھان کي عطا ڪيائين ۽ اوھان کان ماڻھن جا ھٿ جھلي ڇڏيائين، ۽ ھن لاءِ ته مؤمنن لاءِ ھڪ نشاني ھجي ۽ اوھان کي (الله) سڌو رستو ڏيکاري.
46044821وأخرى لم تقدروا عليها قد أحاط الله بها وكان الله على كل شيء قديرا
۽ ٻيون (به) جن تي سگھارانه ٿيا آھيو بيشڪ الله کي انھن جي خبر آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيءَ تي وس وارو آھي.


0 ... 449.4 450.4 451.4 452.4 453.4 454.4 455.4 456.4 457.4 458.4 460.4 461.4 462.4 463.4 464.4 465.4 466.4 467.4 468.4 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.05 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

5286269534761190381323854100475844293262