بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
45824737إن يسألكموها فيحفكم تبخلوا ويخرج أضغانكم
جيڪڏھن اوھان کان (اوھان جو) مال گھري پوءِ (گھرڻ ۾) اوھان کي تنگ ڪري ته (انھيءَ وقت ضرور) بخيلي ڪندؤ ۽ اُھا (بخيلي) اوھان جون بدنيتون ظاھر ڪندي.
45834738ها أنتم هؤلاء تدعون لتنفقوا في سبيل الله فمنكم من يبخل ومن يبخل فإنما يبخل عن نفسه والله الغني وأنتم الفقراء وإن تتولوا يستبدل قوما غيركم ثم لا يكونوا أمثالكم
خبردار ھجو اوھين اُھي (ماڻھو) آھيو جو اوھان کي سڏيو وڃي ٿو ته الله جي واٽ ۾ خرچيو، پوءِ اوھان مان ڪو (ته اھڙو آھي جو) بخيلي ٿو ڪري، ۽ جيڪو بخيلي ٿو ڪري سو رڳو پاڻ سان بخيلي ڪري ٿو، ۽ الله بي پرواھ آھي ۽ اوھين محتاج آھيو، ۽ جيڪڏھن منھن موڙيندؤ ته اوھان کانسواءِ (ٻي) ڪنھن قوم کي مٽائي آڻيندو پوءِ اُھي اوھان جھڙا نه ھوندا.
4584481بسم الله الرحمن الرحيم إنا فتحنا لك فتحا مبينا
(اي پيغمبر) بيشڪ اسان توکي پڌري فتح ڏني.
4585482ليغفر لك الله ما تقدم من ذنبك وما تأخر ويتم نعمته عليك ويهديك صراطا مستقيما
ته تنھنجا قُصور جيڪي اڳي گذريا ۽ جيڪي پوءِ تي رھيا سي (سڀ) الله توکي معاف ڪري ۽ توتي پنھنجي نعمت پوري ڪري ۽ توکي سِڌي واٽ ڏيکاري.
4586483وينصرك الله نصرا عزيزا
۽ الله غالب سوڀ سان توکي سوڀارو ڪري.
4587484هو الذي أنزل السكينة في قلوب المؤمنين ليزدادوا إيمانا مع إيمانهم ولله جنود السماوات والأرض وكان الله عليما حكيما
(الله) اُھو آھي جنھن مؤمنن جي دلين ۾ آرام نازل ڪيو ته (انھن جو) ايمان (اڳين) ايمان سان وڌيڪ ٿئي، ۽ آسمانن ۽ زمين جا لشڪر الله جا (ئي) آھن، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
4588485ليدخل المؤمنين والمؤمنات جنات تجري من تحتها الأنهار خالدين فيها ويكفر عنهم سيئاتهم وكان ذلك عند الله فوزا عظيما
ته مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي اھڙن باغن ۾ داخل ڪري جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن اُتي سدائين رھندا ۽ سندن مدايون کائن ميٽيندو، ۽ اِھا الله وٽ وڏي مراد ماڻڻ آھي.
4589486ويعذب المنافقين والمنافقات والمشركين والمشركات الظانين بالله ظن السوء عليهم دائرة السوء وغضب الله عليهم ولعنهم وأعد لهم جهنم وساءت مصيرا
۽ (ته) منافقن ۽ منافقياڻين کي ۽ مشرڪن ۽ مشرڪياڻين کي عذاب ڪري جي الله تي تمام بڇڙو گمان ڀانئيندڙ آھن، بڇڙي مصيبت مٿن ھجي شال، ۽ مٿن الله ڏمريو ۽ کين لعنت ڪيائين ۽ اُنھن لاءِ دوزخ تيار ڪيائين، ۽ اُھو بڇڙو ھنڌ آھي.
4590487ولله جنود السماوات والأرض وكان الله عزيزا حكيما
۽ آسمانن ۽ زمين جا لشڪر الله جا آھن، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي.
4591488إنا أرسلناك شاهدا ومبشرا ونذيرا
بيشڪ اسان توکي شاھدي ڏيندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو.


0 ... 448.1 449.1 450.1 451.1 452.1 453.1 454.1 455.1 456.1 457.1 459.1 460.1 461.1 462.1 463.1 464.1 465.1 466.1 467.1 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

59861888965041053038419129452603078