نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
4515 | 46 | 5 | ومن أضل ممن يدعو من دون الله من لا يستجيب له إلى يوم القيامة وهم عن دعائهم غافلون |
| | | ۽ اُنھيءَ کان وڌيڪ گمراھ ڪير آھي جيڪو الله ڌاران (ٻئي) اھڙي شيء کي سڏي جو قيامت تائين سندس سڏ کي نه ورنائي ۽ اُھي سندن سڏڻ کان (ئي) بي خبر آھن. |
|
4516 | 46 | 6 | وإذا حشر الناس كانوا لهم أعداء وكانوا بعبادتهم كافرين |
| | | ۽ جڏھن (قيامت ۾) ماڻھو گڏ ڪبا (تڏھن) اھي سندن ويري ھوندا ۽ سندين پوڄا جا منڪر ھوندا. |
|
4517 | 46 | 7 | وإذا تتلى عليهم آياتنا بينات قال الذين كفروا للحق لما جاءهم هذا سحر مبين |
| | | ۽ جڏھن اسان جون پڌريون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون آھن (تڏھن اُھي) ڪافر سچي ڳالھ (يعني قرآن) به نسبت جنھن مھل وٽن آيو (تنھن مھل) چوندا آھن ته ھي پڌرو جادو آھي. |
|
4518 | 46 | 8 | أم يقولون افتراه قل إن افتريته فلا تملكون لي من الله شيئا هو أعلم بما تفيضون فيه كفى به شهيدا بيني وبينكم وهو الغفور الرحيم |
| | | بلڪ چوندا آھن ته اُن کي (پيغمبر) ٺاھيو آھي، (کين) چؤ ته جيڪڏھن اُن کي پاڻ ٺاھيو اٿم ته اوھين الله کان (ڇڏائڻ واسطي) مون لاءِ ڪجھ ڪري نٿا سگھو، جيڪي قرآن بابت گفتگو ڪندا آھيو (سو) الله چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي، منھنجي ۽ اوھان جي وچ ۾ (خدا) حق کي ظاھر ڪندڙ بس آھي، ۽ اُھو بخشڻھار مھربان آھي. |
|
4519 | 46 | 9 | قل ما كنت بدعا من الرسل وما أدري ما يفعل بي ولا بكم إن أتبع إلا ما يوحى إلي وما أنا إلا نذير مبين |
| | | چؤ ته آءٌ پيغمبرن مان ڪو نئون (آيل) نه آھيان ۽ نٿو ڄاڻان ته مون سان ۽ اوھان سان (دنيا ۾) ڇا ڪيو ويندو، جيڪي مون ڏانھن وحي ڪيو ويندو آھي تنھن کانسواءِ (ٻيءَ) ڪنھن (ڳالھ) جي تابعداري نه ڪندو آھي ۽ آءٌ رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان. |
|
4520 | 46 | 10 | قل أرأيتم إن كان من عند الله وكفرتم به وشهد شاهد من بني إسرائيل على مثله فآمن واستكبرتم إن الله لا يهدي القوم الظالمين |
| | | (کين) چؤ ته ڏسو ته سھي جيڪڏھن (اھو قرآن) الله وٽان آيل آھي ۽ اوھين اُن کي نه مڃيو ۽ بني اسرائيلن مان ھڪ شاھد اھڙي (ڪتاب) تي شاھدي ڏني ھجي پوءِ اُنھيءَ ايمان آندو ۽ اوھان (مڃڻ کان) وڏائي ڪئي (ته ضرور ظالم ٿيندؤ) بيشڪ الله ظالمن جي قوم کي سِڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي. |
|
4521 | 46 | 11 | وقال الذين كفروا للذين آمنوا لو كان خيرا ما سبقونا إليه وإذ لم يهتدوا به فسيقولون هذا إفك قديم |
| | | ۽ ڪافرن مؤمنن به نسبت چيو ته جيڪڏھن (اھو دين) چڱو ھجي ھا ته اُھي اُن ڏانھن اسان کان اڳرائي نه ڪن ھا، ۽ جڏھن (ڪافرن) اُن سان واٽ نه لڌي تڏھن چوندا ته ھيءُ (قرآن) ھڪ پراڻو ڪوڙ آھي. |
|
4522 | 46 | 12 | ومن قبله كتاب موسى إماما ورحمة وهذا كتاب مصدق لسانا عربيا لينذر الذين ظلموا وبشرى للمحسنين |
| | | ۽ ھن (قرآن) کان اڳ مُوسىٰ جو ڪتاب اڳواڻ ۽ ٻاجھ ھو، ۽ ھي ڪتاب (ان جو) سچّو ڪندڙ عربيءَ ٻوليءَ ۾ آھي ھن لاءِ ته ظالمن کي ڊيڄاري، ۽ ڀلارن کي خوشخبري ڏئي. |
|
4523 | 46 | 13 | إن الذين قالوا ربنا الله ثم استقاموا فلا خوف عليهم ولا هم يحزنون |
| | | بيشڪ جن چيو ته اسان جو پالڻھار الله آھي پوءِ اِن (چوڻ) تي مُحڪم رھيا تن کي نڪو ڀَؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين ھوندا. |
|
4524 | 46 | 14 | أولئك أصحاب الجنة خالدين فيها جزاء بما كانوا يعملون |
| | | اِھي بھشتي آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، جيڪي عمل ڪندا ھوا تنھنجو بدلو آھي. |
|