نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
4507 | 45 | 34 | وقيل اليوم ننساكم كما نسيتم لقاء يومكم هذا ومأواكم النار وما لكم من ناصرين |
| | | ۽ چئبو ته اڄ اوھان کي (ائين) وسارينداسون جيئن اوھان پنھنجي ھن ڏينھن جي اچي پھچڻ کي وساريو ھو ۽ (ھاڻي) اوھان جي جاءِ دوزخ آھي ۽ اوھان جو ڪو مددگار نه آھي. |
|
4508 | 45 | 35 | ذلكم بأنكم اتخذتم آيات الله هزوا وغرتكم الحياة الدنيا فاليوم لا يخرجون منها ولا هم يستعتبون |
| | | اِھو (عذاب اوھان کي) ھن ڪري آھي جو اوھان الله جي آيتن کي ٺـٺوليون ڪري ورتو ھو ۽ دنيوي حياتيءَ اوھان کي ٺڳيو ھو، تنھنڪري اڄ منجھانئس نه ڪڍبن ۽ نڪي عذر طلب ڪبن. |
|
4509 | 45 | 36 | فلله الحمد رب السماوات ورب الأرض رب العالمين |
| | | پوءِ سڀ ساراھ خاص الله کي جڳائي جو آسمانن جو پالڻھار ۽ زمين جو پالڻھار ۽ جھانن جو پالڻھار آھي. |
|
4510 | 45 | 37 | وله الكبرياء في السماوات والأرض وهو العزيز الحكيم |
| | | ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ سنديس وڏائي آھي، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي. |
|
4511 | 46 | 1 | بسم الله الرحمن الرحيم حم |
| | | حٰمٓ. |
|
4512 | 46 | 2 | تنزيل الكتاب من الله العزيز الحكيم |
| | | ڪتاب جو لاھڻ غالب حڪمت واري الله وٽان آھي. |
|
4513 | 46 | 3 | ما خلقنا السماوات والأرض وما بينهما إلا بالحق وأجل مسمى والذين كفروا عما أنذروا معرضون |
| | | نه پيدا ڪيوسون آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انھن جي وچ ۾ آھي مگر پوريءَ رِٿ سان ۽ ھڪ مقرر مدت تائين (رھڻ لاءِ)، ۽ ڪافر جنھن کان ڊيڄاريا ويا (تنھن کان) مُنھن موڙيندڙ آھن. |
|
4514 | 46 | 4 | قل أرأيتم ما تدعون من دون الله أروني ماذا خلقوا من الأرض أم لهم شرك في السماوات ائتوني بكتاب من قبل هذا أو أثارة من علم إن كنتم صادقين |
| | | (کين) چؤ ته ڏسيو ته سھي الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھيو تن ڪا بڻاوت بڻائي آھي ڇا مون کي ڏيکاريو ته زمين (جي شين) منجھان ڪھڙي شيء پيدا ڪئي اٿن يا آسمانن (جي بڻائڻ) ۾ انھن جي ڪا ڀائيواري (ثابت) آھي ڇا؟ جيڪڏھن سچا آھيو ته ھن کان اڳ (آيل) ڪوبه ڪتاب يا ڪا علمي سَند مون وٽ آڻيو. |
|
4515 | 46 | 5 | ومن أضل ممن يدعو من دون الله من لا يستجيب له إلى يوم القيامة وهم عن دعائهم غافلون |
| | | ۽ اُنھيءَ کان وڌيڪ گمراھ ڪير آھي جيڪو الله ڌاران (ٻئي) اھڙي شيء کي سڏي جو قيامت تائين سندس سڏ کي نه ورنائي ۽ اُھي سندن سڏڻ کان (ئي) بي خبر آھن. |
|
4516 | 46 | 6 | وإذا حشر الناس كانوا لهم أعداء وكانوا بعبادتهم كافرين |
| | | ۽ جڏھن (قيامت ۾) ماڻھو گڏ ڪبا (تڏھن) اھي سندن ويري ھوندا ۽ سندين پوڄا جا منڪر ھوندا. |
|