بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
44864513وسخر لكم ما في السماوات وما في الأرض جميعا منه إن في ذلك لآيات لقوم يتفكرون
۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو سڀئي پنھنجي پار کان اوھان جي ڪم ۾ لڳايائين، بيشڪ اُن ۾ اُنھن ماڻھن لاءِ نشانيون آھن جي پروڙيندا آھن.
44874514قل للذين آمنوا يغفروا للذين لا يرجون أيام الله ليجزي قوما بما كانوا يكسبون
مؤمنن کي چؤ ته جيڪي الله جي واقعن جي اُميد نه رکندا آھن تن کان ھن ڪري ٽارو ڪن ته اُنھي سببان جو جيڪي ڪمايو ھوائون (انھن مان) ڪنھن قوم کي (الله) سزا ڏئي.
44884515من عمل صالحا فلنفسه ومن أساء فعليها ثم إلى ربكم ترجعون
جيڪو چڱا ڪم ڪندو سو پاڻ لاءِ، ۽ جيڪو مدائي ڪندو تنھن تي (اُن جو نقصان) آھي، وري پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽايا ويندؤ.
44894516ولقد آتينا بني إسرائيل الكتاب والحكم والنبوة ورزقناهم من الطيبات وفضلناهم على العالمين
۽ بيشڪ بني اسرائيلن کي ڪتاب ۽ دانائي ۽ پيغمبري ڏني سون ۽ سٺين شين مان کين روزي ڏني سون ۽ کين جھان وارن کان ڀلارو ڪيوسون.
44904517وآتيناهم بينات من الأمر فما اختلفوا إلا من بعد ما جاءهم العلم بغيا بينهم إن ربك يقضي بينهم يوم القيامة فيما كانوا فيه يختلفون
۽ دين بابت کين پڌرا دليل ڏناسون، پوءِ انھن (اڳي) اختلاف نه ڪيو پر وٽن ڄاڻپ آئي تنھن کانپوءِ پاڻ ۾ ساڙ (پيل) سببان (اختلاف ڪيائون)، بيشڪ جنھن ڳالھ بابت جھڳڙو ڪندا ھوا تنھن بابت قيامت جي ڏينھن تنھنجو پالڻھار سندن وچ ۾ نبيرو ڪندو.
44914518ثم جعلناك على شريعة من الأمر فاتبعها ولا تتبع أهواء الذين لا يعلمون
وري (اي پيغمبر) توکي دين جي پڌريءَ واٽ تي ڪيوسون تنھنڪري (تون) اُن دين جي تابعداري ڪر ۽ جيڪي نه ڄاڻندا آھن تن جي سَڌن پٺيان نه لڳ.
44924519إنهم لن يغنوا عنك من الله شيئا وإن الظالمين بعضهم أولياء بعض والله ولي المتقين
ڇوته اِھي الله جي آڏو توکان ڪجھ به ٽاري نه سگھندا، ۽ بيشڪ ظالم ھڪ ٻئي جا دوست آھن، ۽ الله پرھيزگارن جو دوست آھي.
44934520هذا بصائر للناس وهدى ورحمة لقوم يوقنون
ھيءُ (قرآن) ماڻھن لاءِ چٽا دليل آھن جيڪي ماڻھو يقين رکندا آھن تن لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي.
44944521أم حسب الذين اجترحوا السيئات أن نجعلهم كالذين آمنوا وعملوا الصالحات سواء محياهم ومماتهم ساء ما يحكمون
جن مدايون ڪيون سي ڀائيندا آھن ڇا ته کين انھن وانگر ڪنداسون جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا؟ ته سندن جيئڻ ۽ مرڻ ھڪ جھڙو ھوندو، (اھو) جيڪو فيصلو ڪندا آھن سو بڇڙو آھي.
44954522وخلق الله السماوات والأرض بالحق ولتجزى كل نفس بما كسبت وهم لا يظلمون
۽ الله آسمانن ۽ زمين کي پوري رِٿ سان بڻايو ۽ ھن لاءِ ته ھر ڪنھن شخص جيڪي ڪمايو تنھن بابت کيس بدلو ڏجي ۽ مٿن ظلم نه ڪبو.


0 ... 438.5 439.5 440.5 441.5 442.5 443.5 444.5 445.5 446.5 447.5 449.5 450.5 451.5 452.5 453.5 454.5 455.5 456.5 457.5 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

430607291995356222900565338023582102