نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
4470 | 44 | 56 | لا يذوقون فيها الموت إلا الموتة الأولى ووقاهم عذاب الجحيم |
| | | پھرين موت کانسواءِ (جو دنيا ۾ مري چڪا) اتي (ٻيو) موت نه چکندا، ۽ (الله) کين دوزخ جي عذاب کان بچايو. |
|
4471 | 44 | 57 | فضلا من ربك ذلك هو الفوز العظيم |
| | | تنھنجي پالڻھار جي فضل سبب، اھائي وڏي مراد ماڻڻ آھي. |
|
4472 | 44 | 58 | فإنما يسرناه بلسانك لعلهم يتذكرون |
| | | قرآن کي تنھنجيءَ ٻوليءَ ۾ آسان ڪيوسون ته مانَ اُھي نصيحت وٺن. |
|
4473 | 44 | 59 | فارتقب إنهم مرتقبون |
| | | پوءِ (تون) انتظار ڪڍ بيشڪ اُھي به انتظار ڪڍڻ وارا آھن. |
|
4474 | 45 | 1 | بسم الله الرحمن الرحيم حم |
| | | حٰمٓ. |
|
4475 | 45 | 2 | تنزيل الكتاب من الله العزيز الحكيم |
| | | ڪتاب جو لاھڻ الله غالب حڪمت واري کان آھي. |
|
4476 | 45 | 3 | إن في السماوات والأرض لآيات للمؤمنين |
| | | بيشڪ آسمانن ۽ زمين ۾ ايمان وارن لاءِ پڪيون نشانيون آھن. |
|
4477 | 45 | 4 | وفي خلقكم وما يبث من دابة آيات لقوم يوقنون |
| | | ۽ اوھان جي بڻائڻ ۾ ۽ جيڪي چرندڙن مان پکيڙي ٿو تنھن (جي بڻائڻ) ۾ اُنھن ماڻھن لاءِ نشانيون آھن جيڪي يقين رکندا آھن. |
|
4478 | 45 | 5 | واختلاف الليل والنهار وما أنزل الله من السماء من رزق فأحيا به الأرض بعد موتها وتصريف الرياح آيات لقوم يعقلون |
| | | ۽ رات ۽ ڏينھن جي ڦيرگھير ۾ ۽ جيڪي الله آسمان کان روزي نازل ڪئي پوءِ اُن سببان زمين کي سندس غيرآباديءَ کانپوءِ آباد ڪيائين تنھن ۾ ۽ وائن جي ھلائڻ ۾ اُنھن ماڻھن لاءِ نشانيون آھن جيڪي سمجھ رکندا آھن. |
|
4479 | 45 | 6 | تلك آيات الله نتلوها عليك بالحق فبأي حديث بعد الله وآياته يؤمنون |
| | | اھي الله جون آيتون آھن جي توکي سچ سان پڙھي ٻڌايون ٿا، پوءِ الله ۽ سندس آيتن پڃاڻا ڪھڙي ڳالھ تي ايمان آڻيندا. |
|