نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
4431 | 44 | 17 | ولقد فتنا قبلهم قوم فرعون وجاءهم رسول كريم |
| | | ۽ بيشڪ کائن اڳ فرعون جي قوم جي آزمائش ڪئي سون ۽ وٽن (ھن ڳالھ سان) سڳورو پيغمبر آيو. |
|
4432 | 44 | 18 | أن أدوا إلي عباد الله إني لكم رسول أمين |
| | | ته الله جي ٻانھن کي منھنجي حوالي ڪريو، بيشڪ آءٌ اوھان وٽ امانت دار پيغمبر (آيو) آھيان. |
|
4433 | 44 | 19 | وأن لا تعلوا على الله إني آتيكم بسلطان مبين |
| | | ۽ (چوڻ آيو آھيان) ته الله جي آڏو ھٺ نه ڪريو، بيشڪ آءٌ اوھان وٽ پڌري حُجت آڻيندس. |
|
4434 | 44 | 20 | وإني عذت بربي وربكم أن ترجمون |
| | | ۽ بيشڪ مون پنھنجي پالڻھار ۽ اوھان جي پالڻھار جي پناھ ورتي ته (متان) مون کي پھڻن سان ماريو. |
|
4435 | 44 | 21 | وإن لم تؤمنوا لي فاعتزلون |
| | | ۽ جيڪڏھن مون تي ايمان نه آڻيو ته مون کان پاسو ڪريو. |
|
4436 | 44 | 22 | فدعا ربه أن هؤلاء قوم مجرمون |
| | | پوءِ پنھنجي پالڻھار کي سڏيائين ته ھيءَ ڏوھاري قوم آھن. |
|
4437 | 44 | 23 | فأسر بعبادي ليلا إنكم متبعون |
| | | پوءِ (حُڪم ڪيوسون ته) منھنجن ٻانھن کي راتو رات وٺي نڪر جو اوھان جي پٺيان پوندا. |
|
4438 | 44 | 24 | واترك البحر رهوا إنهم جند مغرقون |
| | | ۽ (تون) سمنڊ کي سڪل ڇڏ، بيشڪ اُھي ٻڏڻ وارا لشڪر آھن. |
|
4439 | 44 | 25 | كم تركوا من جنات وعيون |
| | | باغ ۽ تلاءَ گھڻائي ڇڏيائون. |
|
4440 | 44 | 26 | وزروع ومقام كريم |
| | | ۽ پوکون ۽ خاصيون جايون (به). |
|