نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
442 | 3 | 149 | يا أيها الذين آمنوا إن تطيعوا الذين كفروا يردوكم على أعقابكم فتنقلبوا خاسرين |
| | | اي اِيمان وارؤ جيڪڏھن اوھين ڪافرن جو چيو مڃيندؤ ته اوھان کي اوھان جي کڙين (ڀَرپوءِ) تي ڦيرائيندا پوءِ اوھين ڦِري ڇيئي وارا ٿيندؤ. |
|
443 | 3 | 150 | بل الله مولاكم وهو خير الناصرين |
| | | بلڪ الله اوھان جو سائين آھي، ۽ اُھو چڱو مدد ڏيندڙ آھي. |
|
444 | 3 | 151 | سنلقي في قلوب الذين كفروا الرعب بما أشركوا بالله ما لم ينزل به سلطانا ومأواهم النار وبئس مثوى الظالمين |
| | | ڪافرن جي دلين ۾ ھن سببان سگھو دھشت وجھنداسون جو الله سان اھڙيءَ شيءِ کي شريڪ ڪيائون جنھن لاءِ الله ڪا سَنَد نه لاٿي آھي، ۽ سندن جاءِ باہ آھي، ۽ (اُھو) ظالمن جو ھنڌ بڇڙو آھي. |
|
445 | 3 | 152 | ولقد صدقكم الله وعده إذ تحسونهم بإذنه حتى إذا فشلتم وتنازعتم في الأمر وعصيتم من بعد ما أراكم ما تحبون منكم من يريد الدنيا ومنكم من يريد الآخرة ثم صرفكم عنهم ليبتليكم ولقد عفا عنكم والله ذو فضل على المؤمنين |
| | | ۽ بيشڪ الله اوھان سان پنھنجو وعدو سچو ڪيو آھي جڏھن ته اُنھن (ڪافرن) کي ايستائين سندس حُڪم سان ڪُٺوَ، جيستائين بي ھمت ٿيؤ ۽ ڪم (پوري ڪرڻ) ۾ تڪرار ڪيوَ ۽ جيڪي دوست رکندا ھيؤ سو اوھان کي ڏيکاريائين تنھن کانپوءِ بي فرماني ڪيوَ، اوھان مان ڪو (اھڙو) آھي جو دُنيا کي گھرندو آھي ۽ اوھان مان ڪو (اھڙو) آھي جو آخرت کي گھرندو آھي، وري اوھان کي اُنھن کان ھن لاءِ ڦيرايائين ته اوھان کي پرکي، ۽ بيشڪ اوھان کي معافي ڏنائين، ۽ الله مؤمنن تي فضل ڪرڻ وارو آھي. |
|
446 | 3 | 153 | إذ تصعدون ولا تلوون على أحد والرسول يدعوكم في أخراكم فأثابكم غما بغم لكيلا تحزنوا على ما فاتكم ولا ما أصابكم والله خبير بما تعملون |
| | | جڏھن اوھين پري ٿي ڀَڳؤ ۽ ڪنھن ھڪ تي (ڪنڌ ڦيري) نه ٿي واجھايوَ ۽ پيغمبر اوھان کي اوھان جي پُٺيان سڏيندو رھيو پوءِ (خداءِ) اوھان کي ڏک تي ڏک جو بدلو ڏنو (اِھو) ھن لاءِ ته جيڪي اوھان کان ٿي ويو نڪي تنھن تي ۽ جيڪي اوھان کي پھتو نڪي تنھن تي غمگين ٿيو، ۽ جيڪي اوھان ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي. |
|
447 | 3 | 154 | ثم أنزل عليكم من بعد الغم أمنة نعاسا يغشى طائفة منكم وطائفة قد أهمتهم أنفسهم يظنون بالله غير الحق ظن الجاهلية يقولون هل لنا من الأمر من شيء قل إن الأمر كله لله يخفون في أنفسهم ما لا يبدون لك يقولون لو كان لنا من الأمر شيء ما قتلنا هاهنا قل لو كنتم في بيوتكم لبرز الذين كتب عليهم القتل إلى مضاجعهم وليبتلي الله ما في صدوركم وليمحص ما في قلوبكم والله عليم بذات الصدور |
| | | وري ڏک کانپوءِ اوھان تي آرام (جا) اوجھراڪي (ھئي) لاٿائين جو اوھان مان ھڪ ٽوليءَ کي ڍڪيندي رھي ۽ ٻي ٽولي ھئي جنھن کي سندن نفسن غمگين ڪيو ھو ناحق جاھليت جو گمان الله تي ڀانيائون ٿي، چيائون ٿي ته اسان لاءِ اِنھيءَ ڪم مان ڇا ڪجھ (ٿيڻو) آھي، (اي پيغمبر) چؤ ته سڀ اختيار الله جو ئي آھي، جيڪي توتي پڌرو نه ڪندا آھن سو پنھنجين دلين ۾ لڪائيندا آھن، چوندا آھن ته جيڪڏھن اسان جي وس ۾ ڪجھ به ڪم ھجي ھا ته اسين ھِتِ نه ڪُسون ھا، (اي پيغمبر کين) چؤ ته جيڪڏھن اوھين پنھنجن گھرن ۾ ھجو ھا ته جن ڪُسڻ لکيل ھو سي ضرور پنھنجي ڪوس جي جاين ڏانھن نڪرن ھا، ۽ (ھن لاءِ) ته جيڪي اوھان جي سينن ۾ آھي سو الله پرکي ۽ جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو کرو ڪري، ۽ الله سينن وارو (ڀيد) ڄاڻندڙ آھي. |
|
448 | 3 | 155 | إن الذين تولوا منكم يوم التقى الجمعان إنما استزلهم الشيطان ببعض ما كسبوا ولقد عفا الله عنهم إن الله غفور حليم |
| | | اوھان مان جن اُنھيءَ ڏينھن مُنھن موڙيو جو ٻه ٽوليون (ھڪ ٻئي جي) سامھون ٿيون ته اُنھن کي شيطان سندن ڪجھ ڪِئي جي شامت کان سواءِ نه ٿيڙيو، ۽ بيشڪ الله اُنھن کي معافي ڏني، ڇوته الله بخشڻھار بُردبار آھي. |
|
449 | 3 | 156 | يا أيها الذين آمنوا لا تكونوا كالذين كفروا وقالوا لإخوانهم إذا ضربوا في الأرض أو كانوا غزى لو كانوا عندنا ما ماتوا وما قتلوا ليجعل الله ذلك حسرة في قلوبهم والله يحيي ويميت والله بما تعملون بصير |
| | | اي ايمان وارؤ اُنھن ڪافرن وانگر نه ٿيو جي پنھنجن ڀائرن لاءِ جڏھن اُھي ملڪ ۾ مسافري ڪن يا لڙائي ڪندڙ ھجن (تڏھن) چون ٿا ته جيڪڏھن اسان وٽ ھجن ھا ته نه مرن ھا ۽ نڪي ڪُسن ھا، ته الله اُھو اَرمان سندن دلين ۾ ڪري، ۽ الله جياريندو ۽ ماريندو آھي، ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي. |
|
450 | 3 | 157 | ولئن قتلتم في سبيل الله أو متم لمغفرة من الله ورحمة خير مما يجمعون |
| | | ۽ جيڪڏھن اوھين الله جي واٽ ۾ ڪُسي پيؤ يا مري پيؤ ته جيڪي گڏ ڪندا آھن تنھن کان الله جي بخشش ۽ ٻاجھ (بلڪل) ڀلي آھي. |
|
451 | 3 | 158 | ولئن متم أو قتلتم لإلى الله تحشرون |
| | | ۽ جيڪڏھن (اوھين) مري وڃو يا ڪُسي پئو ته ضرور الله ڏانھن گڏ ڪيا ويندؤ. |
|