نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
4396 | 43 | 71 | يطاف عليهم بصحاف من ذهب وأكواب وفيها ما تشتهيه الأنفس وتلذ الأعين وأنتم فيها خالدون |
| | | مٿن سون جون رڪيبيون ۽ آبخورا ڦيرائبا، ۽ جيڪي دليون گھرنديون ۽ (جنھن جي ڏسڻ کان) اکيون ٺرنديون سو منجھس ھوندو، اوھين منجھس سدائين رھندؤ. |
|
4397 | 43 | 72 | وتلك الجنة التي أورثتموها بما كنتم تعملون |
| | | ۽ ھي اُھو بھشت آھي جنھن جو اوھان کي انھي سببان وارث ڪيو ويو جو اوھين (چڱا) ڪم ڪندا ھيؤ. |
|
4398 | 43 | 73 | لكم فيها فاكهة كثيرة منها تأكلون |
| | | منجھس اوھان لاءِ گھڻا ميوا آھن جن منجھان پيا ٿا کائو. |
|
4399 | 43 | 74 | إن المجرمين في عذاب جهنم خالدون |
| | | بيشڪ ڏوھي دوزخ جي عذاب ۾ سدائين رھڻ وارا آھن. |
|
4400 | 43 | 75 | لا يفتر عنهم وهم فيه مبلسون |
| | | کائن عذاب ھلڪو نه ڪبو ۽ اُھي منجھس نا اُميد (ٿي) رھندا. |
|
4401 | 43 | 76 | وما ظلمناهم ولكن كانوا هم الظالمين |
| | | ۽ مٿن ظلم نه ڪيوسون پر اُھي پاڻ ظالم ھوا. |
|
4402 | 43 | 77 | ونادوا يا مالك ليقض علينا ربك قال إنكم ماكثون |
| | | ۽ (دوزخ جي دربان کي) سڏيندا ته اي مالڪ جڳائي ته تنھنجو پالڻھار اسان تي (موت جو) حڪم ڪري (ته عذاب کان ڇُٽون، مالڪ) چوندو ته بيشڪ اوھين ھميشه رھڻ وارا آھيو. |
|
4403 | 43 | 78 | لقد جئناكم بالحق ولكن أكثركم للحق كارهون |
| | | بيشڪ اوھان وٽ سچو دين آندوسون پر اوھان مان گھڻا سچي ڳالھ کي ناپسند ڪرڻ وارا آھن. |
|
4404 | 43 | 79 | أم أبرموا أمرا فإنا مبرمون |
| | | (ڪافرن به) ڪنھن ڪم جي رِٿ رٿي آھي ڇا؟ پوءِ بيشڪ اسين به پڪي رِٿ رٿيندا آھيون. |
|
4405 | 43 | 80 | أم يحسبون أنا لا نسمع سرهم ونجواهم بلى ورسلنا لديهم يكتبون |
| | | ڀائيندا آھن ڇا ته اسين سندن ڳجھيون ڳالھيون ۽ سندن صلاحون نه ٻڌندا آھيون؟ ھائو (ٻڌندا آھيون) ۽ اسان جا موڪليل ملائڪ وٽن لکندا آھن. |
|